نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو اڄ توهان سان سنڌ جي لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر ماتليءَ جي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار محترم رمضان ”دلدار“ چڍڙ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ” جيئڻ جو حق“ مان هڪڙي ڪهاڻي ”غيرتِي پُٽ“ توهان سان ونڊيان ٿو، اسان جي سنڌ ۾ اڪثر اهو سوچيو ويندو آهي ته سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ رڳو شاعر آهن ، شاعرائون آهن ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه سچ به هُجي پر منهنجو ذاتي طور انهيءَ ڳالهه تي پڪو يقين آهي ته هڪڙو ڪهاڻيڪار سئو شاعرن جي برابر هوندو آهي، ڇو ته ڪهاڻيڪار ويچارو پنهنجي قلم کي پنهنجي سوچ جي اُڏارن جي ذريعي معاشري ۽ ماحول جي اوڻاين سان تفصيل سان ويڙهاندي ڪرائيندو آهي، قلم چاهي شاعر جو هُجي چاهي ڪهاڻيڪار جو هُجي، سلام آهي ان قلم جي پڪڙڻ وارين آڱرين کي جيڪي بي جان لفظن ۾ ساهه وجهي ڄاڻين ٿيون، محمد رمضان دلدار چڍڙ جي هي ڪهاڻِي ”غيرتِي پُٽ“ توڻي جو مختصر آهي، پر جيڪو پيغام هن ڪهاڻي جي انجام ۾ ڪهاڻيڪار ڏنو آهي ، پڙهڻ سان دل مان بي اختيار سماجي اڻ برابري جي خلاف هڪڙي اهڙي آه نڪري ٿي جو بري هن ڀنڀور سان ويڙهاند ڪرڻ تي دل مجبور ٿيو پوي. رمضان دلدار چڍڙ پنهنجي هن ڪهاڻين جي ڪتاب ”جيئڻ جي حق ۾“ پنهنجي ارپنا انهن مظلوم مائرن جي نالي ڪندي لکي ٿو ته :
”اُنهن مظلوم مائرن جي نالي، جن ٻنين مان گُڏون ڪڍيون، پراون گهرن ۾ پورهيا ڪري پنهنجي
اولاد کي لکائي پڙهائي اعلى منصب تي ويهاريو موٽ ۾ انهن پُٽن پنهنجي مائرن کي ڌڪا ڏيئي
گهرن مان ڪڍي ڇڏيو جيڪي در در جا ڌڪا کائي رهيون آهن “(ڪتاب جيئڻ جو حق)
اولاد کي لکائي پڙهائي اعلى منصب تي ويهاريو موٽ ۾ انهن پُٽن پنهنجي مائرن کي ڌڪا ڏيئي
گهرن مان ڪڍي ڇڏيو جيڪي در در جا ڌڪا کائي رهيون آهن “(ڪتاب جيئڻ جو حق)
ساٿيو پهريون ڀيرو ڪنهن ڪهاڻِيءَ جي چترڪاريءَ جي روپ ۾ ڪمپوزنگ ڪئي اٿم صرف انهيءَلاءَ ته منهنجي جيجل سنڌ جا سنڌي ليکڪ چاهي شاعري جي ڪلا ذريعي يا چاهي ڪهاڻي جي ڪٿا سان پنهنجي درد کي اوتي معاشري جي تنگ نظري، اڻ برابري ۽ سماجي اوڻائين کي وائکو ڪرڻ ۾بهادرسپوتن جيان اڳي کان اڳرا آهن اسان جي سنڌ ليکڪ پنهنجي معياري لکڻين ذريعي دنيا جي سڀني سُٺن اديبن جي صف ۾ سڀ کان مٿبرا آهن . ڳالهه صرف اها آهي ته اسان کي پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قائل ڪرڻو پوندو ته سنڌي اديبن جا ڪتاب هو خريد ڪري ضرور پڙهن ۽ سنڌي اديبن کي پنهنجي مفيد مشورن ۽ حوصلا افزائي سان نوازين ، جن قومن جا اديب سُجاڳ هوندا آهن انهيءَ قوم جو آئيندو يقين ڄاڻو روشن هوندو آهي، اچو ته اسان پنهنجي سنڌي اديبن جي تخليقن کي مان ڏيون . هي ڪهاڻي پڙهي جيڪڏهن توهان پنهنجا پيار واري هن ڪهاڻي جي ليکڪ جي حوصلا افزائي ڪرڻ چاهيو ٿا ته مونکي ڪو اعتراض ڪونه هوندو مان سندس موبائل نمبر ۽ ائڊريس هتي لکي ٿو ڇڏيان.
رمضان ”دلدار“چڍڙ ، اياز منزل ، وارڊ نمبر 15 ، ماتلي ضلع بدين سنڌ موبائل نمبر 03063047490
رمضان ”دلدار“چڍڙ ، اياز منزل ، وارڊ نمبر 15 ، ماتلي ضلع بدين سنڌ موبائل نمبر 03063047490