سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي فورم تي هڪ لک تحريرون مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي۔
دوستو هي فورم، هي اوطاق، هي گهر هاڻ اسان جي سڃاڻ بڻجي رهيو آهي۔ سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ مان فورم جي هڪ سال کانپوء شامل ٿيس پوء هوريان هوريان سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ماڻهن جي محبوب ۽ مقبول ويب سائيٽ بڻجي وئي۔ فورم کي ڪامياب بنائڻ ۾ انتظاميه ۽ ميمبر دوستن بي لوث خدمتون انجام ڏيندي سنڌ جي هن خزاني نما فورم کي اهڙو ته خوبصورت بڻايو آهي جو سنڌ سلامت ڄڻ ته اسان لاء لازم بڻجي وئي آهي۔
سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ ساٿ ڏيندڙ ، ڏک سک ۾ شريڪ رهندڙ، سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ سڀني دوستن جون مهربانيون جن هن فورم کي پنهنجو ۽ سنڌي قوم جو ترجمان سمجهي پنهنجو وقت ارپيو آهي۔ سنڌ سلامت هاڻي هڪ انٽرنيٽ جو فورم ئي نه پر دوستن جي مالها بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ دوست هڪ ٻئي سان نه صرف ملن ٿا ۽ سور سلن ٿا پر ڏک سک ۾ هڪٻئي جا ساٿي بڻجن ٿا۔

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
انهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه
انهيء جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه