هڪ ننڍڙو عرض ته اسان جا ڀائر جيڪي پاڻ کي نياڻين جو محافظ ته سڏين ٿا، پر ڪنهن تي به ناراض ٿيڻ يا ڪنهن ڳالھ جو بدلو وٺڻ جي ڪري جلد ئي ان جي نياڻين يا عورت کي گار گند سان نشانو بنائيندا،اڄ به مون هڪ اهڙي ڳالھ نوٽ ڪئي ته سو سبق ڏيندڙ هن ڏيھ جا ڏاها پنهنجي دشمنين ۾ نياڻين جي ڪمزوري جو فائدو پيا وٺن، مان صرف هڪ سوال ڪندم ته جي توهان کي ان موضوع يا ڪنهن بحث ۾ ڳالهائڻو هجي ته جواز ۽ حولا ڏيو ڪنهن نياڻي، يا ًگهر جي عورتن کي نشانو بنائڻ سٺو آهي؟؟؟ًًً
جواب: نياڻين جي عصمت منهنجي ڀيڻ اوهان جي ڳالهه سان سمهت آهيون ۔۔۔ اوهان بلڪل سچ چيو آهي، اسان جي معاشري ۾ عجيب تبديليون ۽ رواج شامل ٿيندا پيا وڃن، انهن مان هڪ اهو به آهي جنهن طرف اوهان اشارو ڪيو آهي۔ سنڌي ۾ چوندا آهن ته زبان آلو لڪڻ آهي، ڪوشش ڪري ان کي قابو ۾ رکجي۔ قرآن ۾ آهي ته ماڻهن سان احسن اخلاق سان پيش اچو ۽ سهڻي نموني ڳالهائيندا ڪيو۔ اميد ته مان پاڻ به ۽ ٻيا دوست به ان ڳالهه جو خيال رکندا۔
جواب: نياڻين جي عصمت ادي اسلام عليڪم۔توهان پنهنجي ليک ۾ جنهن ڳالھ جي طرف اشارو ڪيو آهي،اهو بلڪل سچ آهي۔مذاق ۾ يا ڪاوڙ ۾ عورتن ۽ نياڻن جي باري ۾ گندا گفتا ڳالهائڻ ڄڻ ته رواج ٿي پيو آهي۔اهو هڪ ڪنو ۽ بدعمل آهي۔اسان جيستائين ٻين جي نياڻين جي باري ۾ عزت سان نه ڳالهينداسين تيستائين اسان جي نياڻين جي به ڪير عزت نه ڪندو۔اهو مقفاطي عمل آهي ته جهڙو توهان جو رويو ٻين سان هوندو،اهو ساڳيو رويو ٻين جو به اوهان سان هوندو۔عورت جي عظمت جو اظهار اسان جي حقيقي ۽ سچي دين ۾ به تمام گهڻو ڪيو ويو آهي۔ادي توهان جي ڏاهپ واري نصحيت ته اسان سڀني کي لبيڪ چئي عمل ڪرڻ گهرجي۔
جواب: نياڻين جي عصمت ؟؟؟؟؟؟ ڌي نور سڀ کان پهرين ته توهان جيڪا ڪٿا هتي لکي آهي اها بلاعنوان ۽ اڌوري آهي، توهان به جيڪي بپتا هتي لکي آهي سا به منهنجي ڀيڻ بغير ڪنهن حوالي جي آهي ، الائي ڪهڙن ڏيهه جي ڏاهي الائي ڪنهن کي گارگند جو نشانو بنايو آهي ، الائي ڪهڙيون ۽ ڪنهن سان دشمنيون آهن ، جيڪا توهان ڳالهه نوٽ ڪئي سا ڪٿان نوٽ ڪئي ڪو حوالو ڏيو ها، اسان جهڙو ڏيهه جو ڌڪاريل ماڻهو به ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃي ها، باقي گند جي هن دنيا ۾ پاپِين جا پاپ وڌي ويا آهن ، جن کي توهان ڏيهه جا ڏاها چيو آهي اهي شايد پنهنجي اندر ۾ ابليس ويهاريو ويٺا هُجن، اندر جو ابليس ظاهري توڻي باطني هُجي ته ان کان لاحول ولا قوت چئي پنهنجي جند آجي ڪرايو، منهنجي ڌي انهي ڳالهه جو به مون وٽ ڪو به حوالو يا جواز ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ڪجي : بنهه لڳي ٿو دل اندر هڪ ويو هُلي ملعون آهي قدم قدم تي ڇت ڪُتايون چپن چپن تي خُون آهي سدا سوا نيزي آ سُورج لهُو وسي تيزاب بڻجي هتي اسان لئه سال سارو قسم خُدا جو جُون آهي جڏهن به جنهن سان حال اوريم ڪتاب وانگر سو ته هڪڙو پنو پنو آ ڏُک ڪهاڻي مُندل مُندل مضمون آهي ورِي وسِي بيداد بستِي ورِي لهي موسى هتي ڪو، ننڍو وڏو هن شهر جو هت ويو بڻي فرعُون آهي
جواب: نياڻين جي عصمت ادي توهان جي ڳالهه صحيح آهي اسان جي هن معاشري ۾ تمام گهٽ ماڻهو ملن ٿا جيڪي پنهنجي نياڻي کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏين ته هو ڪنهن ڀرائي جو منهن نه ڏسي ۽ نه هن کي برو ڀلو چوندا آهن اُهي هن معاشري ۾ گهٽ ماڻهو آهن۔