• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

سنڌي نور

سينيئر رڪن
جن کي پنهنجي عزت ۽
ساھ جو محافظ سمٍجهم
ان ئي منهنجي عزت سرعام ڪري
منهنجو ساھ مون مان ڪڍي ڇڏيو
مان توکي بيوفا ته سمٍجهو پر بيغيرت نه
پر اڄ ان جو اهو ٽيون روپ ڏسي
دل جيئڻ ته ڇا موت جي
سزا پاڻ لاء گهٽ ٿي سمجهي
مان ڇو ايتري نادان رهيس جو
پنهنجي سچي محبت ان منافق
جي نانء ڪيم
مان ڇو ايڏي نادان رهيس
مان ڪيڏي نه نادان هيس!!!!

سنڌي نور​
 
جواب: مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

جن کي پنهنجي عزت ۽
ساھ جو محافظ سمٍجهم
ان ئي منهنجي عزت سرعام ڪري
منهنجو ساھ مون مان ڪڍي ڇڏيو
مان توکي بيوفا ته سمٍجهو پر بيغيرت نه
پر اڄ ان جو اهو ٽيون روپ ڏسي
دل جيئڻ ته ڇا موت جي
سزا پاڻ لاء گهٽ ٿي سمجهي
مان ڇو ايتري نادان رهيس جو
پنهنجي سچي محبت ان منافق
جي نانء ڪيم
مان ڇو ايڏي نادان رهيس
مان ڪيڏي نه نادان هيس!!!!

سنڌي نور​

منهنجي چَرِي ڌِي نُور بي وفا جڏهن ڦري بيغيرت ٿيندو آهي ان لا مٿان وري به جيئڻ ۽ مرڻ لا به دل ٿي چاهي اهڙي دل کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏجي، پليز پليز امان بي بولڊ بابا منهنجي بهادر ڌي ۔بيوفا جڏهن بيغيرت ٿي وڃن انهن کي پنهنجي دل جي ڪعبي مان دور ڪري ، جيئن شيطان کي حاجي پٿريون هڻندا آهن تيئن تون پاڻ ته ڇا پر سر عام هر ايندڙ ويندڙ کان ان بيغيرت کي پٿريون هڻائي۔ منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ ان بيوفا بيغيرت شيطان لا ڪا وڏي سزا ٿي نه ٿي سگهي۔ الله سائين کان دُعا آهي ته سدائين سوڀُون ماڻين۔ آمين
 
جواب: مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

پر اڄ ان جو اهو ٽيون روپ ڏسي
دل جيئڻ ته ڇا موت جي
سزا پاڻ لاء گهٽ ٿي سمجهي​


بابل سائين شايد منهنجون سٽون توهان کي غلط لڳيون هجن پر مان موت کي به ًگهٽ سزا ٿي سمٍجها، ان ڏوھ جي ايوز۔
 
جواب: مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

پنهنجي سچي محبت ان منافق
جي نانء ڪيم
مان ڇو ايڏي نادان رهيس
مان ڪيڏي نه نادان هيس!!!!


زندگيء ۾ انيڪ جاين تي اهڙا موڙ ايندا آهن جڏهن پنهنجي ڪيل خلوص جي بدلي جفائون ملنديون آهن۔ پوء به وري جيئڻ ئي اصل زندگي آهي۔ ماڻهو ماڻهن جهڙا ٿيندا آهن پر ڪنهن جي اندر جي خبر دير سان پوندي آهي۔

سهڻي شاعري، احساس ۽ جذبا لفظن جي روپ ۾ خوب سٺا لڳا۔
 
جواب: مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

ّخوبصورت خيال آھن صرف ھڪ لفظ کان سوا ۔ اديبن جي قلم مان اھڙا نازيبا لفظ لکجڻ بلڪل زيب نٿا ڏين ۔ ادي نور مونکي اھو لفظ بلڪل بھتر نه لڳو۔
 
جواب: مان ڪيڏي نه نادان هيس!!

سنڌي نور اوهان جئين پنهنجي خيالن کي هڪ روپ ڏنو آهي سو تمام بهترين آهي، پر هڪ لفظ بيغيرت انهن سڀني لفظن جو ساهه ورتيون پيو آهي۔ زندگي جنهن جي ڪري اسين سڀ کي رشتا ڏيون پيا، ڪڏهن بي وفا ڪڏهن با وفا ، پر هي زندگي خود بي وفا آهي۔
 
Back
Top