نثارناز
سينيئر رڪن
ڪُجهه ڏينهن سنڌ سلامت جي محترم نثارابڙو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري سنڌ دشمن کي للڪاريندي سنڌي ٻچڙن کي ان جو مُنهن بند ڪرڻ لاءِ چيو هو، مان شاعر آهيان منهنجي هٿ
۾ تلوار به ڪونهي بس منهنجي هٿ ۾ قلم آهي ، ان قلم سان ان گيديءَ کي للڪاريو اٿم ، وائي جي صورت ۾ وائي اسان جي سنڌ جو لوڪ ورثو آهي لوڪ ادب آهي،ڪاش مونکي وائيءَ جون ماترائون ڳڻڻ اچن ها،ته ڇند جو رنگ به هن ۾ سمائي ڇڏيان ها، بهرحال هن وائي کي جهونگاريندي جهونگاريندي لکيو اٿم ڪهڙي سُر ۾ بيٺي آهي ڪا خبر ڪانهي ڪاش شاعر سان گڏ راڳ جي فن جو ڄاڻون هُجان ها ، خير سڀني کان هٽي ڪري سئو ڳالهين جي هڪڙي ڳالهه ته ٽي درجي وارو شاعر آهيان ائين چئي جيڪي به هن وائي ۾ ٽيڪينيڪي اوڻايون يا خاميون آهن انهن جو گناهه ثواب پنهنجي سر تي وسايان ٿو. ان هوندي به ڇند جي ڄاڻون شاعرن کي التجا ٿو ڪريان ته هو منهنجي هن وائي تي ٽيڪنيڪ جي لحاظ سان اصلاح ڪندا ته مهربانيون ٿينديون ۔ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

وائي
نثاراحمدناز
ڌُوتا منهنجي ڌرتيءَ سان ڇو ته وڌو ٿَئِي وير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهر تي پير.
تيرِي ميرِي ڪانه ڪا هلندئي، ٿيڻو آهين ڍير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
گيدِي تُنهنجون گُستاخيون ، سنڌ نه سهندِي هير!
پَوَ ئِي شَلَ ڪاريهر تي پير.
مُرڪون باسي سنڌ سدائين ، ڇو تنهنجي من ۾ مير!
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
دوکي جي ديوار آ ٽُٽَڻِي ۽ مُور نه ٿيندي دير !
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا، سامهون ايندو ڪير !
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
روشن راهون سنڌ جون ٿينديون ڊهندو نيٺ انڌير
پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
”ناز“ دُعاڳو سنڌ مٺِيءَ جو خير ئي گهرندو خير !
پَوَئي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

نوٽ : هير لفظ جي معني هينئر آهي