نثارابڙو
نائب منتظم

سنڌ جو يگانو صوفي فقير، جيڪو جيئري به فقير رهيو ۽ مرڻ کانپوءِ به فقير ئي رهيو آهي ... سندس ڳالهيون ته سڀني سنڌين جي زبان تي آهن، انڪري موت کانپوءِ به فقير جي صورت ۾ اسانجي وچ ۾ آهي.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
هڪ دفعي وتايو بازار ۾ ويو، کيس هنداڻن جي دڪان تي تازا هنداڻا (شايون) آيل هيا، وتايي جي دل چيو ته ڪو سٺو هنداڻو کائي، سو ويو دڪان تي، فقير جو ڪم سين هڻڻ، سو آواز ڏنائين “ الله جي نالي تي هنداڻو ملي بابا“، هنداڻي واري کيس ڪراهت سان ڏسي، هنداڻن مان هڪ ڦٿل، ڪنو ۽ ڌپيارو هنداڻو ڪڍي وتايي کي ڏنو.
وتايي ڏٺو ته همراه بخيل آهي، سو کيسي مان هڪ سڪو ڪڍي هنداڻن واري کي ڏنائين ۽ چيائين ته هي وٺ ڏوڪڙ هاڻ ڪو ڀلو ڏي، هنداڻن واري ڏوڪڙ ڏسي هڪ ڀلو ۽ مٺو هنداڻو ڪڍي ڏنو.
وتايي الله جي نالي جو هنداڻو هڪ تريءَ تي ۽ پئسن ۾ ورتل هڪ تريءَ تي رکي، ٻئي هٿ ۽ منهن مٿي ڪري الله سان مخاطب ٿيندي چيو ته “ اي منهنجا الله دنيا وارن جي آڏو تنهنجي حيثيت هيءَ آهي“