اسلام ۾ عدليه جو مقام

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [JUSTIFY]اسلام ۾ عدليه جو مقام۔[/JUSTIFY]

    اسلام ۾[JUSTIFY] الله تعالئ[/JUSTIFY] جي ذات[JUSTIFY] مقتدراعلئ[/JUSTIFY] آهي ۽ حڪمران ان جو نمائندو جنهن کي عوامي نمائيندا منتخب ڪندا آهن۔پر پوء به ان کي ڪو خاص امتياز حاصل نه آهي ۽ عام مسلمانن جهڙا حق رکندو آهي،ان حڪمران کي ڪنهن به قسم جي[JUSTIFY] استثني [/JUSTIFY]حاصل نه آهي۔اسلامي تعليمات جي مطابق حڪومت جا معاملات هلائڻ لاء"قانون جي حڪمراني" ۽ "انصاف" بنيادي شرط آهن،اهئي وٍجھ هئي ته جڏهن مدينه منوره ۾ پهرين اسلامي مملڪت جي بنياد رکي ويئي ته تاريخ اسلام جو پهريون جج يا قاضي پاڻ نبي سڳورا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن هئا۔الله جو پيارو رسول سڳورو مسلمانن کان علاوه عيسائين ۽ يهودين جي وچم به فيصلاء ڪندا هئا۔

    بعد ۾ جڏهن اسلامي مملڪت جون حدون پکڙجي ويون ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن مختلف علائقن ڏانهن حضرت علي ڪرم الله وجھ،، حضرت معاذ رح بن جبل رح،۽ حضرت ابو موسئ اشعري رح جن کي قاضي / جج جي حثيت سان موڪليو۔پوء حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جن باقائده طور تي عدليه جو نظام وڌو ۽ مختلف علائقن ۾ قاضي مقرار ڪيا۔

    خليفائي راشدين قانون جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ ان ڳالھ کان واقف هئا ته معاشري جي ترقي ؤ تعمير ۾ انصاف جي فراهمي پاڙ/بنياد جهڙو ڪردار ادا ڪندي آهي۔انهي ڪري هنن معتبر هستين ڪڏهن به ڪنهن جج/قاضي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي۔انهن جي دور ۾ عدليه کي مثالي آزادي حاصل هئي۔اهئي وجھ هئي ته ڪجھ ڪيسن ۾ خليفائي راشدين به عدالت ۾ پيش ٿيا، انهن جي خلاف فيصلاء ٿيا،ان کي هنن خوشي خوشي قبول ڪيو،حالائنڪ،فيصلو ڪندڙ قاضي/جج هنن جو پنهنجون مقرر ٿيل هو۔

    جڏهن مورثي بادشاهي آئي ته انهن چاهيو ته عدليه کي پنهنجي زير اثر آڻن۔ايئن عدليه ۽ حڪومت جي درميان تصادم جو آغاز ٿيو۔تاريخ اسلام ۾ ايترا ڪيترائي ديانتدار،دلير ۽ حق گوء جج/قاضي آيا جن بادشاه وقت جو اثر قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري انصاف جي مطابق فيصلاء ڪيا۔۔انهن کي ڪنهن قسم جو خوف ۽ انتهائي پرڪشش لالچ به حق ۽ انصاف ڪرڻ جي راه کان نه هٽائي سگهي۔اسلامي جج جون حيرت انگيز ۽ قابل مثال داستانون ڪتب تاريخ ۾ محفوظ آهن۔

    حضرت امام يوسف رح(وفات 798 عيسوي) اسلامي دنيا جو پهريون چيف جسٽس(قاضي القضات) هو۔ان جي عدالت ۾ هڪ غريب شخض اها درخواست پيش ڪئي ته بادشاه وقت،خليفه هارون رشيد هن جي هڪ باغ تي قبضو ڪيو آهي۔چيف جسٽس پنهنجي زماني جي سپر پاور ملڪ جي حڪمران کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو۔خليفه هارون رشِد بغير ڪنهن دير جي پيش ٿيا۔

    خليفه هارون رشيد مطالبو ڪيو ته سائل(درخواست ڏيڻ وارو شخص)" باغ جي ملڪيت جو ڪو ثبوت پيش ڪري"۔سائل، امام يوسف رح(قاضي القضات) جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته:"خليفه هارون رشيد جي والد(خليفه المهدي) زوري زبردستي باغ مون کان ڦريو هئو،پر مون وٽ ان جو ڪو ثبوت نه آهي،خليفه هارون رشيد کي چيو وڃي ته هو قسم کائي اقرار ڪري ته باغ انهن جو آهي"
    خليفه هارون رشيد چيو" اهو باغ منهنجو آهي ۽ منهنجي پيء ان کي خريد ڪيو هئو،پر مون وٽ ان جو ڪو دستاويز يا ڪاغذي ثبوت نه آهي"

    مٿين حالتن کي مدنظر رکندي امام يوسف رح(قاضي القضات) خليفه هارون رشيد کي حڪم ڏنو ته هو ٽي دفعا قران پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي ته اهو باغ هن جو آهي۔خليفه هارون رشيد مودبانه انداز ۾ قسم کڻڻ کان معذرت ظاهر ڪئي/انڪار ڪيو۔ان تي حضرت امام يوسف رح(قاضي القضات) باغ غريب ماڻهون جي حوالي ڪيو ۽ خليفه وقت اهو فيصلو دل وجان سان قبول ڪيو۔

    محترم ميمبرس حلائنڪ اسان به هڪ اسلامي مملڪت ۾ رهو ٿا ڇا اسان جي ملڪ جي ڪورٽن جا فيصلاء طاقتور ۔بااثر ماڻهون پنهنجي خلاف دل وجان سان قبول ڪن ٿا ؟ جواب توهان پنهنجي مشاهدي سان ڏيو ته سچ سامهون اچي ويندو۔
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اسلام ۾ عدليه جو مقام

    پر سائين اڄ جا حڪمران ته عدالت جي ڪنهن فيصلي کي مڃن ئي ڪون ٿا انهن کي ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ملڪ جو حاڪم ائين ڪري ته عوام ان رد عمل اهو ڪڍندو ته هو به ڪنهن حڪمراني فيصلي تي عمل ڪون ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تواهان ڏسو ٽريفڪ سگنل بند هوندو آهي پر ماڻهون ڪون بيهندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏن ڊمپرن کي رات 11 کان صبح جو 7 تائين شهر جي روڊن تي اچڻو آهي پر اهي به ڏينهن جو پيا گهمندا آهن، اهڙا سيڪڙو مثال آهن، رشوت نه وٺڻ نه ڏيڻ، ايمانداريء سان پنهنجي ڍيوٽي نڀائڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    عوام پنهنجي حقن جي لاء ٻاهر نٿو اچي

    پوء ڏسو ته ملڪ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا لڳو پيو آهي

    آخر ڪار هن معاشري کي ڪير سڌاريندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسلام ۾ عدليه جو مقام

    مهرباني سائين

    تمام سٺو ۽ ڄآڻ وارو ليک ۔ ان وقت جهڙا قاضي سٺا هيا ۽ انصاف وارو فيصلو ڏيندا هئا اهڙا ئي ان وقت جا حڪمران پڻ عدليه ۽ قاضين جي وقار جو خيال رکندا هئا۔ اهائي اسلام جي خاصيت هئي ۔۔۔۔ يعني انصاف ۽ قانون جي حڪمراني۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسلام ۾ عدليه جو مقام

    رب الڪائنات جو پورو نطام عدل تي قائم آهي، عدل جي معني يا مطلب آهي هر شئي کي انصاف مهيا ڪيو ويو هجي، جيئن ڪائنات واري عدل قائم ڪيو آهي تيئن هو پنهنجي خليفي کان به عدل ڪرڻ جي تقاَضا ڪري ٿو

    عدل ذات کان شروع ٿي، سماج، معاشري، قوم ۽ انسان تائين پهچندو آهي

    جن قومن وٽ عدل يا انصاف جي ڪمي هوندي آهي اتي ئي ڀڇڙايون جنم وٺنديون آهن ۽ انهن قومن وٽ ئي بک بدحالي ۽ انساني قتلام شروع ٿيندو آهي، جيئن اڄ جي سنڌ

    آءُ ته چوان ٿو عدل ۽ عدالت کان بنا ڪا قوم ايئن آهي جيئن ڪو انسان بنا روح جي

    اوهانجو ليک انتهائي محترم ۽ قابل فڪر آهي، آخر ۾ اوهانجي سوال جو جواب ڏينداسون ته پاڪستان جي موجوده نظام تي پورو ڪتاب لکڻو پوندو ،،، ناانصافي صرف عدالتن ۾ نه پر سماج جي هر اداري ۾ ائين ڪاهي پئي آهي جيئن زوردار زلزلي جو اثر هر هنڌ پهچي ويندو آهي

    اوهان جا لک لائق، جزاڪ الله
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اسلام ۾ عدليه جو مقام

    ادا نثار ابڙو۔محترم سليمان وساڻ ۽ پيارا غرس پريو صاحب اوهانجا تمام گهڻا قرب جو هن ناچيز جي ليک کي پسند ڪيو اٿئو۔سچ پڇو ته هن محبتي اڳڻ جي ميزبان ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان کي ڪمپويٽر تي يا پنن تي سنڌي زبان ۾ ليک لکڻ ئي ڪونه ايندا هئا۔توهان سڀني ڀائرن جي مهربانين سان مڙئي ڪجھ لکڻ سکي ويا آهيون۔توهانجون مهربانيون۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسلام ۾ عدليه جو مقام

    سائين ميمڻ صاحب بهترين ايمان افروز شيئرنگ۔۔۔ لک لائق تمام گهڻي خوشي ٿي اهڙا موضوع تمام گهٽ پڙهڻ لا ملن ٿا اميد آهي ته پنهنجي مشفقانه ليکن سان هميشه اسان کي مستفيض ڪندا رهندا۔۔۔
     
  7. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم غلام ميطفي ميمڻ ،جيئن ته اسان به وڪالت جي پيشئه سان تعلق ٿا رکون،انڪري اوهانجو مضمون مان اسان کي ڪافي معلومات ملي آهي۔عدليه۔آزاد عدليه هر ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي۔حڪومت تي اهو لازم آهي ته ڪورٽن جا فيصلاء قبول ڪري،ان تي عمل ڪري،جيئن حڪمران هارون رشيد قاضي القضات امام يوسف رح جو پنهنجي خلاف فيصلو نه رڳو قبول ڪيو پر باغ به سائل کي موٽائي ڏنائين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو