• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماء جي عظمت کي ڀيٽاء جو ڏينهن

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
ماء جي عظمت کي ڀيٽاء جو ڏينهن۔

محترم ميمبرس اسلام عليڪم۔13 مئي 2012 ماء جي عظمت کي ڀيٽاء ڏيڻ جو ڏينهن طور پاڪستان ۾ ملهايو ويندو،جنهن به ادا يا ادي جي والده حيات آهي ان کي اسان جي طرفان پيرن تي هٿ رکي ۔نياز چوندا ۽ اسان لاء دعا جي درخواست ڪندا ته اوهان سڀني جون تمام نه وسارڻ جهڙيون مهربانيون ٿينديون۔ماء جي عظمت جي باري ۾ ڇا چئون۔الله پاڪ به ماء جي عظمت جي اعترف طور هنن جي پيرن جي هيٺان جنت رکي آهي۔ان قابل تعظيم ۽ تمام قيمتي اثاثي جي حفاظت ڪريو۔ان سان محبت ۽ نرم انداز ۾ پيش اچو۔ماء جهڙي عظيم هستي هڪ دفعو هلي ويئي ته واپس ڪانه ملي سگهندي،ان دعا جي در کي پاڻ سان ناراض ٿيڻ نه ڏيو۔ ماء تنهنجي عظمت کي ڪروڙين سلام​
 
جواب: ماء جي عظمت کي ڀيٽاء جو ڏينهن

ماء ڪائنات جي عظيم ترين هستي آهي

ان سلسلي ۾ سڀاڻي مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ ننڍڙو مضمون دوستن سان ونڊ ڪبو
 
جواب: ماء جي عظمت کي ڀيٽاء جو ڏينهن

محترم دوست، ماءُ جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي ،،، هجي ڪو لفظن جو سمنڊ جي سندس عظمت کي ڳائجي، باقي اوهان هي گيت ڏسو؛

 
Back
Top