ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو

    [JUSTIFY]ملڪ اندر ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قانوني طور اڃا هڪ سال پيو آهي پر جيئن جيئن عام چونڊن ٿيڻ جو وقت ويجهو ايندو پيو وڃي تيئن تيئن ملڪ جي سياسي ماحول ۾ نوان نوان ايڊوينچرس (عجوبا) ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، ڪجهه وقت اڳ مختلف سياسي جماعتن کي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻ جيڪي پنهنجي پراڻين پارٽين ۾ وڏي حيثيت رکندڙ هئا جن جو نالو اڄ به انهن جماعتن ۾ احترام سان ورتو ويندو آهي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ گهڻي قدر آهستي آهستي اسڪرين تان غاب ٿي ويا آهن جن جي لاءِ تحريڪ انصاف جو رهنما عمران خان چوندو هو ته اڄ فلاڻي پارٽي جو اڳواڻ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو آهي جيڪا ان پارٽي جي شڪست ۽ تحريڪ انصاف جي جيت آهي ۽ اها ان سياسي وڪٽن طور حاصل ڪئي آهي. ڪالهه ممتاز علي ڀٽو به پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ کي رومال ۾ ويڙهي سيڙهي مسلم ليگ (ن) جي هٿن ۾ ڏئي ان کي باقائده مسلم ليگ (ن) ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نوازشريف سنڌ مان هڪ نئين وڪيٽ حاصل ڪري ورتي آهي. ممتاز علي ڀٽو جو هي سياسي فيصلو سنڌ جي سياست ۾ ضرور نواڻ پيدا ڪندو پر ان جا اثر پنجاب جي سياست تي به ضرور پوڻا آهن، ان لاءِ ٿورو وقت انتظار ڪيو وڃي ايندڙ عام چونڊن ۾ نتيجو سامهون اچي ويندو ته ممتاز علي ڀٽو جو مسلم ليگ (ن) ۾ وڃڻ سان مسلم ليگ نواز کي سياسي طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪيترو فائدو يا نقصان ملي سگهندو يا هاڻي سنڌ ۾ ممتازعلي ڀٽو مسلم ليگ نواز جي پليٽ فارم تان ڪيتري ڪاميابي ماڻيندو ان لاءِ ضروري آهي ته ايندڙ عام چونڊن جو انتظار ڪيو وڃي جيڪي هاڻي گهڻو وقت پري ناهن.
    سياسي ماهرن جو خيال آهي ته هن وقت مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي جا ٿوري فرق سان ڪي نظرياتي اختلاف موجود هوندا پر مسلم ليگ نواز جي ذاتي جنگ جيڪا پيپلزپارٽي جي قائدين سان هلي رهي آهي ان ممتاز علي ڀٽو ۽ ميان نوازشريف جي هڪجهڙن خيالن سبب ٻنهي اڳواڻن کي وڌيڪ ويجهو آڻي ڇڏيو جيڪي هاڻي ملي ڪري پيپلزپارٽي جي قائدين سان سياسي گهٽ پر ذاتي وڌيڪ ويڙهه وڙهڻ لاءِ ميدان تي هوندا ۽ هاڻي ممتاز علي ڀٽو جي مدد سان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي قائدين خاص ڪري صدر مملڪت آصف علي زرداري کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ميدان تي آندو ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ نواز ليگ ان جو اڪيلي سر مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. چيو وڃي ٿو ته پيپلزپارٽي جي اندر يا پارٽي جي ٻاهر رهندڙ جيڪو به شخص پيپلزپارٽي تي گهٽ تنقيد جڏهن ته آصف علي زرداري جي وڌيڪ ڪردار ڪشي ڪندو ته اهو شخص مسلم ليگ نواز جو وڌيڪ پيارو هوندو پر جيڪڏهن ڪنهن آصف علي زرداري سان وڌيڪ وفاداري نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نواز شريف لاءِ ان کان به وڌيڪ دشمن تصور ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ ممتاز علي ڀٽو جو هڪ پاسي جڏهن ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو ٻئي پاسي مثال موجود آهي. نوازشريف ڪيترن ئي موقعن تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي سياسي طب آزمائي ڪري چڪو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني آصف علي زرداري جي وفاداري مان ٻاهر نڪري اچي پر هو ان ۾ ناڪام رهيو، هاڻي جڏهن ڏٺو ويو ته سيد يوسف رضا گيلاني فاروق لغاري نه بڻجي سگهيو ان ڪري هن وقت مسلم ليگ نواز جو آصف علي زرداري صاحب سان گڏ اهم ٽارگيٽ يوسف رضا گيلاني به آهي جيڪو هو ان کي وزيراعظم مڃڻ کان به انڪار ڪري رهيو آهي.
    وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پاران آيل 30 سيڪنڊن جي سزا کي جواز ڄاڻائيندي مسلم ليگ (ن) وزيراعظم هٽايو تحريڪ جو آغاز ڪري چڪي آهي ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر جلسن جلوسن ۽ ريلين جي شروعات ڪندي باقائده هڪ شيڊول پڌريو ڪيو جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ حتمي شڪل ڏني وئي هئي، جنهن پنهنجي تحريڪ جو آعاز پنجاب جي شهرٽيڪسيلا کان ڪيو جيڪو مسلم ليگ (ن) جي سرگرم ڪارڪن ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان جو حلقه انتخاب آهي جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سڀني اڳواڻن مان چوڌري نثار علي خان ميان نوازشريف کي تمام ويجهو ۽ پيارو آهي تنهن ڪري چوڌري صاحب ميان نوازشريف کي حڪومت خلاف تحريڪ جي شروعات ٽيڪسيلا شهرکان ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو. ان فرمائشي پروگرام تي ميان نواز شريف 5 مئي تي ٽيڪسيلا ۾ هڪ جلسو ڪري تحريڪ جو آغاز ڪيو. جلسو ڪيترو ڪامياب يا ناڪام رهيو پر ۾ مسلم ليگ (ن) ان جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪجهه صحافي برادري سان رابطو ڪري انهن کي ڪامياب جلسو قرار ڏيارڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه باضمير صحافين پنهنجي پيشي کي اڳيان رکي رپوٽ ڪيو ته هن جلسي کي ڪامياب جلسو نٿو چئي سگهجي جنهن ۾ ماڻهو تمام گهٽ هئا، ڪجهه اعتدال پسند صحافين پاران ايترو به چيو ويو ته جلسي ۾ جيترا عام ماڻهو هئا اوتري پنجاب پوليس ۽ ان جي انتظاميا جي محبت به شامل هئي. حيراني جي ڳالهه اها آهي ته ٽيڪسيلا ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي ڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف به جلسو ڪيو جنهن لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف جو جلسو ايترو کڻي وڏو نه هيو پر تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن جي هنياو تي مڱ ضرور ڏريندا رهيا.
    ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جو سياسي جهيڙو تحريڪ انصاف سان به هلي رهيو آهي ۽ هو هڪ ٻئي کي شڪست ڏيڻ لاءِ کليل لفظن جي جنگ وڙهي رهيا آهن جيڪا ڳالهه ڪجهه درين کي زهر لڳي رهي آهي، انهن ڌرين کي اهو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جو سڌو سنئو فائدو پيپلزپارٽي کڻي رهي آهي ۽ اهو فائدو ڪٿي پيپلزپارٽي کي ايندڙ عام چونڊن ۾ به نه ملي وڃي ان ڪري انهن ڌرين پاران ٻنهي جماعتن کي پاڻ ۾ گڏ ويهارڻ لاءِ سرجوڙ ڪوشش ڪئي وئي پر انهن ڏرين کي ناڪام ٿيڻو پيو ڇو ته ٻئي ڌريون گهڻي عرصي کان وڏي سياسي محاذ تي بيٺل آهن جن جي ون وقت به کليل لفظن ۾ جنگ جاري آهي ۽ ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف تمام گهڻا تحفظات آهن. مسلم ليگ (ن) جي قيادت سدائين طنز انداز ۾ چوندي رهي ٿي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي هڪ خفيا ايجنسي ۽ ان ايجنسي جي سربراهه جي حمايت حاصل هئي جيڪا جنرل پاشا جي رٽائيرمينٽ کان پوءِ تحريڪ انصاف يتيم ٿي وئي آهي جنهن تي تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مڇرجي مسلم ليگ (ن) کي ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهن تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن وقت ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ تمام وڏي ڪشيدگي موجود آهي جيڪا اڳتي هلي سياست جورخ ٻئي طرف موڙي سگهي ٿي. سياست جي ان تازه ترين راند ۾ ملڪ جون ٻئي وڏيون جماعتون پ پ ۽ مسلم ليگ نواز سان گڏ نئين اڀرندڙ جماعت تحريڪ انصاف ۽ ڪجهه سيڪيورٽي ادارا پنهنجي پنهنجي ذهن ۾ اهو سمجهي رهيا آهن ته انهن جي جيت ٿي رهي آهي، عدليا به ان ڪاميابي جي تصور ۾ پاڻ کي شمار ڪندي محسوس ڪري رهي آهي جن جي ڪجهه فيصلن موجوده حڪومت کي پريشان ضرور ڪري وڌو آهي پر موجوده حالاتن جي پيش نظر ۽ قانون جي آڙي ايندڙ شين سبب موجوده حڪومت قائم آهي، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته عدالت جي ان فيصلي جي تشريح ڪرڻ وارن پنهنجي مختلف انداز سان ترجمو ڪندي عوام جي سوچ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. ق ليگ جي سربراهه پنهنجي واضع لفظن ۾ چيو ته تازو آرمي چيف پاران جاري ڪيل بيان کي جنهن به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي اهي پنهنجي دماغ ۽ ڪنن جو علاج ڪرائين جنهن گذريل هفتي فوجي شهيدن لاءِ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته سڀني ادارن کي پنهنجي حدن جو خود تعين ڪرڻ گهرجي جن جو آئين اندر ذڪر موجود آهي.
    ملڪ ۾ هڪ پاسي سياسي جوڙ توڙ شروع آهي ته ٻئي پاسي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني خلاف توهين عدالت واري فيصلي موجوده حڪومت کي ڪافي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل تفصيلي فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وڏو تحرڪ مچائي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت مخالف پارٽيون وزيراعظم جي استحيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن جڏهن ته حڪومت ان پريشاني مان نڪرڻ، سياسي پريشر کي گهٽ ڪرڻ ۽ مخالف سياسي پارٽين جي جوابي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي جوڙي رهي آهي پر ڇا ان فيصلي اچڻ سان موجوده حڪومت کي ڪو سياسي نقصان پهچي سگهندو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ڏئي مسلم ليگ (ن) يا تحريڪ انصاف کي ڪا وڏي ڪاميابي ملي سگهندي؟. هتي هڪ ٻيو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن هڪ جماعت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي ملي سگهندي؟ جنهن جو جواب ڳولڻ ڪافي مشڪل آهي پر ايندڙ عام چونڊن جو سياسي منظرنامو هن دور کان به وڌيڪ پيچيده ۽ وچڙيل هوندو، امڪان اهو آهي ته ڪا به سياسي جماعت واضع اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي. هن ڀيري سمورين پارٽين جو زور پنجاب جي سياست تي ڪافي گهرو هوندو جتي مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف مسلم ليگ (ق) ۽ جماعت اسلامي سياسي ميدان تي لٿل هونديون، جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جو سنڌ جي سياست تي به گهڻو زور هوندو ان ڪري ممتاز علي ڀٽو کي مسلم ليگ نواز ۾ خاص اهميت ڏني پئي وڃي. هن وقت مسلم ليگ (ن) ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي دماغ ۾ ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي پر مسلم ليگ (ن) وٽ سواءِ پنجاب جي باقي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ اڪثريت موجود ناهي پوءِ ائين نه ٿئي ته مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي جي مثال جيان ته جيڪڏهن پنجاب جي سياست حصا پتيون ٿي وئي ته پوءِ نواز ليگ مرڪز ته ڇڏيو پر پنجاب ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهي نه سگهي. پر سنڌ ۾ هاڻي ممتاز علي ڀٽو کي مسلم ليگ نواز جي پليٽ فارم تان سرگرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ٿا وڃن وقت جو انتظار آهي. مسلم ليگ (ن) وقت کان اڳ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر جنهن تيزي سان پنهنجا سياسي پتا کيڏيا آهن پر هن وقت تائين هن جو هڪ به پتو ڪارگر ثابت نه ٿيو آهي. هن جو خيال آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪو اهڙو رستو نڪري پوي جنهن سان موجوده حڪومت کي گهر روانو ڪري اقتدار مسلم ليگ (ن) جي هٿن ۾ اچي وڃي پر موجوده حڪومت نوازشريف جي هر کيڏيل پتي کي ناڪام بڻايو آهي. هاڻي آخري وار عدليا پاران وزيراعظم کي توهين عدالت پاران آيل سزا کي جواز بڻائي ميان صاحب عدليا جي آزادي جو جهنڊو ۽ ان جي فيصلن جون ڪاپيون هٿن ۾ کڻي سياسي ميدان تي لهي پيو آهي ۽ وزيراعظم کان استحيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. هي اهو مائينڊ سيٽ آهي جيڪو ضياءَ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڄ نوازشريف جي روپ ۾ سامهون بيٺل آهي. ملڪ جي ان سياسي منظرنامي ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن ان ۾ عوام کي ڪنهن به قسم جو فائدو ملڻ وارو ناهي.[/JUSTIFY]
    meb_110@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    متاز ڀٽو پ پ پ ڇڏڻ کانپوء سڀني ڪوششن باوجود پنهنجي سيٽ به حاصل ڪري ڪونه سگهيو آهي، تنهنڪري سندس هاڻوڪيون ڪوششون به سواء ڪرسي ۽ سيٽ جي ٻيو ڪي به ناهن. قومپرستي اصل ۾ پيٽ پرستي هئي، پ پ پ کي ڪچيو گاريون ڏيندڙ ممتاز ڀٽو جو هي قدم سنڌ کي ڪهڙا فائدا ٿو پهچائي اهو وقت ئي ثابت ڪندو.
     
  3. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    اسلام اعليڪم
    ادا سليمان واقعي توهان سچ ٿا چئو۔ قومپرستي نه اصل ۾ پيٽ پرستي جيڪڏهن ممتاز ڀٽي کي سنڌين سان ٿوري با محبت هجي ها ته هو غدارن سان شامل نه ٿي ها۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    ڍنڍ جا پکي ڪڏهن هن ڀر ڪڏهن هن ڀر ،،،، هڪ دفعي هڪ واپاري وياجخور کان ڪنهن پڇيو ته ” تون جنت ۾ ويندي يا دوزخ ۾“ ته جواب ڏنائين جتي ٻن پئسن جو فائدو ،،،،

    واڳونءَ جيڏا وات، هاٿيءَ جيڏا پيٽ

    سنڌين کي نه پ پ پ مان ڪجهه مليو نه مسلم ليگ مان ڪجهه ملندو، جيستائين سنڌي وچون، هيٺيون ۽ پڙهيل لکيل، سلجهيل طبقو مڙي گڏ نه ٿيندو ۽ ڪا نواڻ نه آڻيندو ،،،، باقي ” آزمائي کي آزمائڻ، ڌوڙ منهن ۾ پائڻ“
     
  5. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    ادا نثار ابڙو صاحب، سدائين خوش هجو، توهان جيڪي سنڌ جي مفادن جي ڳالهه ڪيو پيا ته اهو سنڌ جو هلالي ٻچو ئي ڪري سگهي ٿو، توهان کي سنڌ جا مفاد ان ڪري عزيز آهن ته تون سنڌ جو هلالي پٽ آهين، باقي جيسيتائين وفاقي تو توڙي قومپرستن جي پارٽين جو تعلق آهي ته اهي سڀ توهان جي سامهون آهن، اسان ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ پ پ جي ان ڪري ڳالهه ڪيون ٿا ته هي هڪ سنڌ جي نمائينده جماعت آهي، باقي سنڌ ۾ قيادت جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري اهڙا غلط فيصلا ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري توهان اسان کي تڪليف ٿئي ٿي. ۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
    مخلص: محمد عيسيٰ ڀٽو.
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    سڀني سڄڻن جا رايا پڙهيم سنڌ جي ڏيڏر تي اسان کي اُن ڏينهن کان يَقين هو جنهن ڏينهن ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو ۔ ته هي ڏيڏر ڀُٽو صاحب جي ڏُڄڻن سان نه صرف مليل آهي پَر انهن کي راهه به ڏيکاريندو رهيو آهي ۔
     
  7. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    جمالي صاحب سچ چيو ٿئي ادا، اسان سنڌ واسي سڀ ان کي ڏهيسر سمجهندا رهيا سين پر هو ڏيڏر نڪتو، بس جمالي صاحب ڇا ڪجي چوندا آهن ته اڇي ڏاڙهي اٽو خراب جهڙا مثال اڳي وڏڙن جي واتان ٻڌندا هئا سين پر هاڻي اهي مثال اڳين سان ڏسي به رهيا آهيون بس ادا دجالي دور آهي سبح جو مومن ته رات جو ڪافر ٿيو وڃن
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    مان چوان ٿو ته توهان سڀ هاڻي پي پي مسلم ليگ وڏيري فضل رحمن قوم پرستن ٽيرن مٽيرن سڀني کي ڇڏي سڌو طالبان جي پارٽي ۾ شامل ٿيو سڀني جا ٻيڙا پار ٿي ويندا۔۔۔۔
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    ادا سليمان صحيح آھيو
     
  10. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ممتاز علي ڀٽو مسلم ليگ نواز ۾

    مسلم ليگ ن ۽ ممتاز ڀٽي جي ميلاپ جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو اڃان تائين واضع نه آهي۔
    ميان نواز شريف به لاشن جي سياست وارو ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿو ان لا هن سندس پارٽي ۾ هڪ ڀٽو کي شامل ڪيو آهي۔ نواز شريف هاڻي بينظير شهيد جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ ۽ ڀٽو جي پارٽي تي زرداري ٽولي جي قبضي جهڙا بيان تيز ڪندو ۽ اهي سڀ ڪم سنڌ ۾ هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ لا هوندا۔۔۔۔
    سنڌ جو عوام جيڪو هر دور حڪومت ۾ عدم توجح ۽ ڌارين جهڙي ورتا جو شڪار رهيو آهي اهو ممتاز ڀٽي پاران نوان خواب ڏيکارڻ تي کيس ڪامياب ڪندو يا نه اهو وقت ئي ٻڌائيندو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو