وڏيرڪي ثقافت ۽ سنڌو تهذيب پروفيسر ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي [JUSTIFY]اڄ جيڪي لفظ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهن، تن ۾ چانهه، ڪچهري، اوطاق، وڏيرو، ڪمدار، ڪارو، ڪاري، سڱ چٽي، ۽ فيصلو شامل آهن. ڇا سنڌ کي ڪا اهڙي نئين سڃاڻپ نصيب ٿيندي، جيڪا مهذب، ترقي يافته سڌريل دنيا جي قدرن سان ٺهڪندڙ هجي؟ اهڙي سڃاڻپ ملڻ ته پري جي ڳالهه پر اڪثر سنڌي ماڻهو، اسان جا سيلف پروڪيلمڊ يعني خودساخته سنڌي ڏاها، سنڌ لاءِ جيڪي دعوائون ڪندا رهن ٿا، تن مان ته اهڙي خواهش جو به اظهار نه ٿو ٿئي. اهڙن خود ساخته سنڌي ڏاهن وٽ هڪ ئي شَي نمائڻ لاءِ رهجي وئي آهي. سا آهي ”قدامت“. اهڙن ڏاهن وٽ ”جدت“ جو نه ته ڪو قدر آهي، ۽ نه ئي تصور. اهڙن ڏاهن واتان توهان کي هميشه هيٺيون ٻه ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون: (i) اسين 5000 سال پراڻي سنڌو تهذيب جا وارث آهيون. (ii) سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اها دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. لسانيات جي ماهرن جي راءِ اها آهي ته سنڌي ٻولي آريائي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪ بناوت صاف، چٽي پڌري نموني آريائي ٻولين جي خاندان واري آهي. دنيا جو ڪو به لسانياتي ماهر اهو ثابت نه ٿو ڪري سگھي ته سنڌي ٻوليءَ جي دنيا جي ڪيترين ئي آريائي ٻولين سان ويجھي مائٽي ناهي. سوين هزارين سنڌي لفظ ڪيترين ئي ٻين آريائي ٻولين ۾ مشترڪ آهن. جيئن ته اڄ سنڌ هند جي نالن سان سڏجندڙ علائقن ۾ آرين جي آمد 1500 قبل مسيح يعني ته 3500 سالن کان وڌيڪ پراڻي ناهي، تنهن ڪري اهو هرگز به نه ٿو چئي سگھجي ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. ان کان سواءِ اها به دعويٰ غلط ثابت ٿي ٿي ته اسين مُهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث آهيون، جيڪا دراوڙ تهذيب هئي يا نه، پر يقيناَ 3500 سالن کان گھڻي قديم آهي، جنهن جا وارث اسين آريا نه ٿا ٿي سگھون. پر ان بحث ۾ پوڻ کان سواءِ به، سمجھڻ جي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي وڏن جي ڪيل ڪارنامن تي اهي ئي انحصار ڪندا آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهي ناهن سگھندا. مهن جي دڙي جا وارث سنڌي آهن يا نه، ان کان قطع نظر اهو سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته سنڌين آڏو سندن سياسي حق دنيا رڳو ان ڪري ٿالهيءَ ۾ رکي پيش نه ڪندي ته هُو 5000 سال پراڻي تهذيب جا وارث آهن. سياسي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان ”سنڌي ڏاهن“ جو اهو مطالبو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ڪيترو درست آهي، اهو ته الڳ بحث آهي، پر جيڪڏهن اهڙي مطالبي کي درست به سمجھون ته به ان جو سبب ”قدامت“ ڄاڻائڻ وارو عمل ڪيترو درست آهي؟ ڪنهن قومي ٻوليءَ لاءِ قوم جون اڄوڪي جديد دور واريون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت هوڻ گھرجي يا قديم هجڻ گھرجي؟ اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي جديد هجڻ تي فخر ڪرڻ گھرجي يا قديم؟ اهي نادان دوست سنڌيءَ جهڙي جديد اسريل ٻوليءَ کي قديم ثابت ڪرڻ پٺيان هٿ ڌوئي پيا آهن. اسان جا خود ساخته سنڌي ڏاها نه جدت مان ڄاڻن ٿا نه ئي جديد ترقي يافته دنيا جي جديد اعليٰ انساني قدرن مان ڪجھه ڄاڻن ٿا. وٽن اڃا به اهي ئي مدي خارج قدر آهن، جيڪي کين ٻڌائين ٿا ته جنسي ڏاڍائي دراصل ”لڄالٽَ“ آهي. مطلب ته جنهن سان جنسي ڏاڍائي ٿي، تنهن جي عزت لٽڪي وئي ۽ جنهن جنسي ڏاڍائي ڪئي، تنهن ڪنڌار جي عزت ۾ اضافو ٿيو. ٻين لفظن ۾ ته عورت جي پنهنجي ڪا به شخصي عزت يا لڄ ٿيندي ئي ناهي. سندن عزت رڳو جنسي عضون جي ٽجوڙيءَ ۾ بند شَي آهي، جيڪا ڪو به ڪنڌار اچي لٽي سگھي ٿو. اهو وڏيرڪو نظام آهي، جنهن سنڌ کي ڪارو ڪاري، سڱ چٽي ۽ فيصلي واري سڃاڻپ ڏني آهي. سنڌي ثقافت جا اهم ترين جُزا وڏيرو ۽ ڪمدار آهن. اسان جي ٽي وي چينلن تي هلندڙ سمورن ڊرامن ۾ اهي ئي ساڳيا چار ڪردار نظر ايندا... وڏيرو، ڌاڙيل، ڪمدار، ۽ ٿاڻيدار. نه ته سنڌي ڊرامه ليکڪن کي ڪو ٻيو موضوع ملي ٿو، ۽ نه ئي سنڌي چينلن کي ٻيو ڪجھه سُجھي ٿو. سنڌي ڏاهن جي سوچ پرتي وڃي ئي نه ٿي. شهري تهذيب جو نه ته سنڌي ماڻهو حصو بڻجي سگھيا آهن، نه ئي کين وڏيرا سائين اهڙي اجازت ڏيندا. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن جي تهذيب يافته هجڻ سان سندن وڏيرڪو نظام خطري ۾ ٿو پوي. شخصي آزادي، اظهار جي آزادي، مساوات ۽ ڀائيچاري جهڙا جديد اعليٰ انساني قدر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پلجندڙ نپجندڙ سنڌي ثقافت ۾ ڪڏهن به اسري نه ٿا سگھن. ٻهراڙيءَ ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ وڏيرو سائين ٿيندو آهي. ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ به وڏيرو اجازت ڏيندو آهي ته پرڻائڻ جو فيصلو به ماءُ پيءُ يا شادي ڪندڙ ڇوڪري پاڻ نه پر وڏيرو سائين ڪندو آهي. يقينن ٿاڻيدار ڪنهن کي اندر ڪندو ۽ ڪنهن کي ڇڏيندو، ان جو فيصلو به وڏيرو سائين ئي ڪندو آهي. پر اڪثر وڏيري کان وڌيڪ خطرناڪ سندس ڪمدار ٿيندو آهي. سنڌي ثقافت ۾ اسان جو مُڇون وٽيندڙ ڪمدار ئي وڏيري کي مفيد مشورا ڏيندو آهي، جن تي عمل ڪندي وڏيرو ڳوٺ جي سمورن تڪرارن جا فيصلا ڪندو آهي. ڌاڙيل به ڪمدار جي چئي ۾ هوندو آهي ته ٿاڻيدار به. سنڌ تي قابض قوتون سنڌ کي آزاد ٿيندو ڪيئن ٿيون ڏسي سگھن؟ شهري سنڌي آباديءَ ۾ سنڌي ماڻهو جديد دنيا جا اعليٰ قدر سکي ۽ تهذيب يافته ٿئي، اهو سنڌ دشمنن کي ڪيئن ٿو قابل قبول ٿي سگھي؟ سنڌ جي شهرن اندر سنڌين جي وڌندڙ آبادي غير سنڌين کي ته ٺهيو پر سنڌي وڏيرن کي به اک ۾ ڪنڊي جيان ٿي محسوس ٿئي. جڏهن آبادي وڌي وئي ۽ وڏيرڪو نظام ڪمزور ٿيڻ لڳو ته ارباب غلام رحيم جي حڪومت حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ضلعن کي ٽڪرن ۾ ورهائي سنڌي ماڻهن تي نه رڳو مقامي وڏيرن جو ضابطو بحال ڪيو بلڪه سنڌ ۾ آباد هندستانين کي به پڪ ڪرائي ته سنڌين جي ڪا به وڏي شهري آبادي پيدا ٿيڻ واري ناهي، ۽ حيدرآباد شهر تي سنڌي ناظم نه ايندو. سن 1988، 1990 ڌاري جڏهن حيدرآباد ۾ سنڌين جي نسل ڪشي ٿي، تڏهن متاثر سنڌي خاندان جان بچائڻ خاطر حيدرآباد کان ٻاهر نئين جڙندڙ پر نسبتاَ غير آباد علائقي قاسم آباد ۾ اچي رهيا. قاسم آباد جي سنڌي شهري آبادي، ابتدائي طور اصل حيدرآبادي سنڌي خاندانن تي ٻڌل هئي ۽ حيدرآباد تي قابض هندستانين جي دهشتگرديءَ باعث شهر ڇڏي آئي هئي. حيدرآبادي سنڌي ماڻهن کي خوش فهمي هئي ته کين اهڙو شهري علائقو نصيب ٿيو آهي، جتي سندن تهذيبي اوسر ٿيندي ۽ سنڌي قوم کي شهري تهذيب ۽ جديد ترقي يافته دنيا جي اعليٰ قدرن ۾ پلجڻ جو موقعو ملندو. پر جن سنڌي قوم پرستن ۾ اميدون هيون اهي پاڻ به ٻهراڙيءَ مان لڏي آيل ۽ وڏيرڪي نظام جا هيراڪ هئا. نيٺ به کين وڏيرو ٿيڻ جو شوق هو، ۽ وڏيرڪي نظام جي عادت. جيتوڻيڪ اڄ قاسم آباد جو علائقو تمام وڏي ماڻهسيه (آباديءَ) تي ٻڌل آهي، ته به اتي اڃا سوڌو پوريءَ ريت شهري ماحول اڀري نه سگھيو آهي. ٿوري گھڻي ڳالهه تي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهيو پون. گھر اڳيان گاڏي بيهارڻ تي به سنگين ترين جھيڙا ٿيو پون. اهڙي صورتحال ۾ نه پوليس ازخود متحرڪ ٿئي ٿي، ۽ نه ئي اسان جا ”هڪ قومپرست پارٽيءَ جا ڪمدار“ پوليس ۽ قانون کي متحرڪ ٿيڻ ڏين ٿا. اهي ڪمدار قاسم آباد جي شهر تي ڪڙي اک ٽيٽ ڪيو ويٺا آهن ته ڪو تضاد ٿئي ته ماڻهن کي کنڀي کڻي اوطاق تي وٺي وڃي پنهنجو فيصلو صادر ڪريون ۽ عدالت سڳوريءَ جي پراسيسڱ فِي وٺون. بلڪل اهڙو ئي واقعو ليکڪ سان هفتو اڳ پيش آيو. آچر تي قاسم آباد جي علمدار چوڪ ويجھو جڏهن گيراج تي پنهنجي گاڏيءَ جو خراب لاڪ مستريءَ کي ڏيکارڻ ويس ته اتي منهنجي بيٺل ڪار سان هڪ رڪشا زوردار نموني اچي ٽڪرائي. منهنجي گاڏيءَ جو ٻيڙو ٻڏي ويو. جڏهن رڪشا واري کان پڇيم ته تو وٽ ڊرائيونگ لائيسنس آهي؟ ته ورندي ڏنائين ”نهين. لائيسنس تو نهين ميري پاس. مگر غلطي آپ ڪي هي“. مون چيو ته ادا ٺيڪ آهي، جنهن جي به غلطي آهي، هل ته پوليس کان فيصلو ڪرايون. پر هن پناهگير رڪشا واري هڪ فون گھمايو، جنهن تي سندس دوست برق رفتاريءَ سان پهچي ويا، ڄڻ ”آن ڪال ڪمدار“ هجن. آئون انهن مان ڪنهن کي به نه سڃاڻندو هوس. پر ستن اٺن ڄڻن کي ڏسي آئون صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجھي ويس. مون به پنهنجي هڪ دوست کي فون ڪري ٻڌايو ته هن ريت مون کي ڪِن ماڻهن گھيريو آهي. انهن مون کي چيو ته تو کي فيصلو ڪرڻ لاءِ اسان سان هلڻو پوندو. مون اصرار ڪيو ته رڪشا واري کي مون سان پوليس هلڻو پوندو، ۽ جڏهن مون انهن کان پڇيو ته توهان فيصلا ڪرڻ وارا ڪير ٿا ٿيو؟ ته انهن مان هر هڪ وڏي فخر سان پئي ٻڌايو ته اسين سڀ هتي جا ڪامريڊ آهيون. هڪ پنهنجو ملاقاتي ڪارڊ به ڏنو، ۽ چيو ”مراد ابڙو آهيان“. انهن مون تي تشدد ڪيو ۽ مون کان زبردستي گاڏيءَ جون چاٻيون ڦري گاڏي ڦري وڃڻ لڳا. ايتري ۾ مون سان گڏ آيل منهنجا ٽي ننڍڙا پٽ (9 ورهين جو سرويچ، 8 ورهين جو قليچ ۽ 6 ورهين جو شهمير) روئڻ لڳا ۽ منهنجي دوست، مراد ابڙي کي ڪنهن کان فون تي چورايو. ان تي هنن مون کي گاڏي موٽائي ڏني. مون سان بدتميزي، ڏاڍائي ۽ تشدد واري منظر جو مهراڻ يونيورسٽيءَ جو اهو پروفيسر به شاهد آهي، جيڪو اتفاقاَ اتان لانگھائو ٿيو هو. منهنجا معصوم ٻار به ان جا شاهد آهن ته هُو گيراج وارو به جنهن وٽ آئون گاڏي ٺهرائڻ لاءِ کڻي ويو هوس. پر جڏهن انهن جي قيادت سان رابطو ڪيم ته انهن موقف اختيار ڪيو ته مون سندن ڪارڪنن سان بدتميزي ڪئي آهي، ۽ مون کي وٽن وڃي سندن فيصلو ٻڌڻو پوندو. اسان جي سنڌي قوم پرست پارٽين کي گھرجي ته پنهنجي ڪارڪنن منجھان وڏيرڪي ۽ ڪمداري ثقافت جو خاتمو آڻين ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند سوچ جي اوسر ٿي سگھي. جڏهن حيدرآباد ضلعي اندر قاسم آباد نالي تعلقو آباد ٿيو، ته سنڌ دشمن قوتن ڪيتريون ئي رٿائون جوڙي انهن تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو، جن سان وڌندڙ شهري سنڌي آباديءَ کي پنهنجي ضابطي هيٺ رکجي ۽ اصل سنڌي قوم پرستيءَ کي اڀرڻ کان روڪي سگھجي. اهو ئي سبب آهي جو ڪاروبار جي اصولن جي بلڪل خلاف عمل ڪندي، وڏن وڏن سيڙپڪارن ڪروڙين رپيا سيڙائيندي قاسم آباد جهڙي اڃا انتهائي ٿوري آباديءَ واري غير ترقي يافته ۽ غير آباد سنسان علائقي ۾ انهن مهانگن انگريزي ميڊيئم اسڪولن جون شاخون کولي ورتيون، جن جون شاخون 30 سال اڳ آباد ٿيل لطيف آباد ۾ به نه کليون هيون. سنڌي ماڻهو انگريزي ميڊيئم جي نالي ۾ تمام شوق سان پنهنجي دشمنن جي کوليل اسڪولن کي ڳريون فيئون ڀري ڏيڻ لڳا، جتي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ تي به پابندي لڳل هئي. نتيجتاَ سنڌين جو اهڙو نئون نسل جيڪو 1990ع ڌاري اسڪولن ۾ داخل ٿيو هو، سو 10 سالن اندر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺڻ لڳو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي الف بي کان به واقف نه هو. ايندڙ ڏهن سالن ۾ اهڙا اسڪول سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کلي چڪا هئا، ۽ سن 2010ع ۾ صورتحال اها ٿي جو يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن مان 5 سيڪڙو مس اهڙا شاگرد هئا، جن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ايندي هجي. نه رڳو ايترو پر گھٽين ۾ رلندڙ وات ڳاڙها ۽ ڪمدار به اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن کي انهن انگريزي اسڪولن مان نه ته ڪو علم مليو آهي نه علم جو قدر ۽ نه ئي سنڌي ٻوليءَ جي ڪا ڄاڻ. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي تعليم جي ترقيءَ کان سواءِ سنڌي قوم، سنڌي قوم پرستي، سنڌي تهذيب ۽ سنڌ جي آجپي جا تصور اڻ چٽا آهن. انهن کان سواءِ سنڌ ديس سان سچو لڳاءُ ۽ سنڌي قوم جو بقاءُ ممڪن ئي ناهي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته سنڌي تعليمي ادارا قائم ڪريون ۽ پنهنجي ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾ داخل ڪرايون جتي سنڌي ذريعه تعليم هجي يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌي مادري زبان جي تعليم اثرائتي هجي. [/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل