عبدالرحيم
سينيئر رڪن
بسم الله الرحمٰن رحيم، اسلام عليڪم،
سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ضرورت ايجاد جي ماءَ آهي. جڏهن الله تعالي هي دنيا خلقي ۽ هن دنيا ۾ انسان کي پيدا ڪيائين. شروعات ۾ انسان جنگلن ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ اڄ هو پڪن گهرن ۾ رهي پيو، اهو صرف ضرورت پوڻ جي ڪري آهي. پراڻي زماني ۾ ٽيليفون نه هو پر جڏهن گرام بيل جهڙي مشهور سائنسدان ان شي جي ضرورت محسوس ڪئي ته پاڻ ۾ رابطو ڪرڻ جو ڪو آسان طريقو هجي ته ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لائي گرام بيل 1870ع ۾ ٽيليفون ايجاد ڪيو. ٽيليفون جو ايجاد ٿيڻ تڏهن ممڪن ٿيو جڏهن اسان ان جي ضرورت محسوس ڪئي. پراڻي زماني ۾ انسان آسمان تي تارن ۽ سج جي مدد سان وقت معلوم ڪندا هئا پوءِ ضرورت پئي ته اهڙو اوزار يا مشين هجي جنهن جي مدد سان وقت معلوم ڪيو وڄي ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ پيٽر هنلين 1504ع ۾ وقت معلوم ڪرڻ لائي گڙيال ايجاد ڪيو. ان کي علاون دنيا ۾ جيڪي به ايجادون ٿيون آهن يا ٿين پيون انهن سڀني جو دارومدار ضرورت پوڻ تي آهي، انهي لائي اسان جا وڏا چئي ويا آهن
ضرورت ايجاد جي ماءَ آهي