• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهڙي نواز مٺا خان زرداري ( پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا )

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
20a2ma9.jpg

مشهور گهڙي نواز مٺا خان زرداري جي ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي

محمد سليمان وساڻ

مٺا خان زرداري جڏهن گهڙو وڄائيندو هو ته ، گهڙي جي تال تي پاڻ به جهومندو هو ته پنڊال کي به جهومائيندو هو۔ خوبصورت رنگ ۽ چٽسالي وارو گهڙو سندس سڃاڻ هو۔ مٺا خان زرداري نوابشاهه ۾ راڻو خان زرداري جي گهر ۾ جنم ورتو. 1942 ۾ نور محمد هاء اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ جلد ئي پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو ، پر سندس سڃاڻ گهڙو ئي رهيو. غوث بخش بروهي ۽ خميسي خان جو الغوزو ۽ مٺا خان جو گهڙو وڄائڻ ، اها جوڙي ۽ اهي سُر ڪنهن کان وسرڻ جا ناهن.

هن پنهنجي فن جو مظاهرو اٽلي، چين، جرمني، برطانيه، دبئي ، ڊنمارڪ، ڀارت ، ڪينيا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ ڪيو۔ خميسي خان سان به الغوزي تي سندس جوڙي تمام گهڻو مشهور ٿي۔ مٺا خان کي صدر ايوب خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد گهرائي سندس گهڙو ٻڌو هو۔ کيس سندس فن جي مڃتا تي صدارتي اوارڊ ، شاهه لطيف اوارڊ،۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا۔ آخري ڏينهن ۾ سندس نظر ويهجي وئي هئي پر پوء به هو گهڙو وڄائيندو رهيو.

مٺا خان زرداري 12 مئي 2011 تي اسان کان وڇڙي ويو.


33wldzd.jpg


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: گهڙي نواز مٺا خان زرداري ( پهرين ورسيء تي کيس ڀيٽا )

رب العالمين کيس جنت ۾ جايون ڏي ۽ سندس روح کي راحت بخشي ،،،، آمين

سنڌ جا جهڙا ساز تهڙا راڳي ۽ سازندا ٿي گذريا آهن، سندن فن اهڙو ته ڀلوڙ هوندو هو جو دنيا ڀر جا ماڻهون کين ڏسي خوش ٿيندا هيا ۽ سندن ساز ۽ تال تي جهومندا هيا ،،،، هاڻ جديد زمانو آهي ساز به اليڪٽريفائيڊ ٿيندا وڃن، پر پوءِ به سر ۽ ساز انسان کي موهي وجهي ٿو

سنڌ جا ثقافتي رنگ سدا سلامت هجن
 
Back
Top