ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، محبوب آيو ويٺو هو ڏاڍي حجاب ۾، ڪيڏا وڻيا نه ڪاڪلِ پيچان صنم جا اڄ، هر هر ڪريا ٿي رخ تي، هئا پيچ و تاب ۾. مخدوم زاده محمد امين فهيم
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، ابا اها شاعري به وڻي ته اهي اکيون به وڻيون ،،،،،،،،،،،، اصل واهه واهه ٿي وئي باقي ڪجهه سٽون مشڪل به لڳيون
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، ادا تواهان ته پسند ڪيون هاڻ ڏسون ته رشيد ڇا ٿو چئي پسند ڪرڻ جي مهرباني
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، الله خئير ڪري ان مائيءَ جو جيڪا نقاب ۾ سائينءَ محترم کان نوڪري گهرڻ آئي هئي ،،،، سائين عاشق مزاج ماڻهون آهي، فشق ٿي ويو هوندس ڏسڻ سان ته جنس ۾ موجود شعر نڪري ويو هوندس ،،،، ادي سليمان کي سٽون سمجهه ۾ نه آيون يا لفظ ،،،،؟؟؟ ڪاڪل جي معني آهي وارَ ۽ پيچان مطلب وڪوڙيل، سٽ ٽين ۾ ”نه“ جو استعمال واڌارو ٿو لڳي ۽ آخري سٽ ۾ ” و“ جو استعمال به شايد، جي اهي ڪڍجن ته بيت ٿيندو ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، محبوب آيو ويٺو هو ڏاڍي حجاب ۾، ڪيڏا وڻيا ڪاڪلِ پيچان صنم جا اڄ، هر هر ڪريا ٿي رخ تي، هئا پيچ تاب ۾. الامان ،،،، هن دفعي چترڪاري وڻندڙ آهي، پر عرس اڏرندو ايندو ته به رشيد کيس ڪون مڃيندو
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، ڪيڏا وڻيا نه ڪاڪلِ پيچان صنم جا اڄ، هر هر ڪريا ٿي رخ تي، هئا پيچ و تاب ۾. تمام خوبصورت شاعري
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، لڳي ٿو هن دفعي عرس پاڻ به ڪنهن پيچ تاب ۾ ڦاٿو آهي تڏهن ته طبيعت شريف به سدائين گڙٻڙ ٿي رهيس ياوري ڪنهن عشق جو فشق ٿيڻ شامل اٿس باقي رشيد ۽ عرس جي وچ ۾ اسان ڪونه اينداسين، هو پاڻ ۾ لنگوٽيا يار آهن
جواب: ڪيڏو پيارو ٿي لڳو چهرو نقاب ۾، سائين منهنجا اکيون ته پنهنجي پرين جون ياد پئجي ويون باقي مٿين تصوير ۾ ته هڪ اک آهي، توهان کي ٻه اکيون نّظر ٿيون اچن، اهو هن شاعري جو ئي ڪمال چئبو۔۔۔