سنڌ جو ڪوئلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اسان جي پياري سنڌ ۾ معدنيات سان گڏ ڪوئلو جهجهي مقدار ۾ لڀيل آهي پر غاقب ان کي ايڪسپلور ڪرڻ کان پيا لنوائن
    دنيا ۾ سائوٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪول گيسيفڪيشن بهتر نموني پئي ٿئي پر اسان جو هي وسيلو به ڌارين جي رحم ڪرم تي آهي
    ان مان بجلي ثاهڻ سان ملڪ کي اربين روپين جو فاعدو ٿيندو پر هنن مڙسن کي ڀريقو ئي نه ٿو چي
    ته ان مان ڪيئن فاعدو وٺون
    اري بابا سادو طريقو آهي هيٺ هڪ وڏي کڏ هڻو ان ۾ انجي ڀر ۾ ٻي کڏ هڻو ان مان پهرين کڏ جي ڪوئلي کي ساڙيو ۽ ان مان جيڪا گيس پيدا ٿئي ان کي اڪسٽريڪٽ ڪري ڪمپريس ڪريو هاڻي هي به هنن کان نه ٿو ٿي سگهي
    وڌيڪ معلومات لا سائوٿ آفيرڪا جي ملڪ ۾ هڪ ماهرن جي ٽيم موڪليو جت 2000 ميگا واٽ کان به وڌيڪ هي طريقو هلي رهيو آهي۽ ورلڊ بينڪ يا بيا انٽرنيشنل ڊونرس کي انوالو ڪريو سمپل
     
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    سنڌ جو ڪوئلو
    اسان جي پياري سنڌ ۾ معدنيات سان گڏ ڪوئلو جهجهي مقدار ۾ لڀيل آهي پر غاصب ان کي ايڪسپلور ڪرڻ کان پيا لنوائن
    دنيا ۾ سائوٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪول گيسيفڪيشن بهتر نموني پئي ٿئي پر اسان جو هي وسيلو به ڌارين جي رحم ڪرم تي آهي
    ان مان بجلي ثاهڻ سان ملڪ کي اربين روپين جو فاعدو ٿيندو پر هنن مڙسن کي طريقو ئي نه ٿو چي
    ته ان مان ڪيئن فاعدو وٺون
    اري بابا سادو طريقو آهي هيٺ هڪ وڏي کڏ هڻو ان ۾ انجي ڀر ۾ ٻي کڏ هڻو ان مان پهرين کڏ جي ڪوئلي کي ساڙيو ۽ ان مان جيڪا گيس پيدا ٿئي ان کي اڪسٽريڪٽ ڪري ڪمپريس ڪريو هاڻي هي به هنن کان نه ٿو ٿي سگهي
    وڌيڪ معلومات لا سائوٿ آفيرڪا جي ملڪ ۾ هڪ ماهرن جي ٽيم موڪليو جت 2000 ميگا واٽ کان به وڌيڪ هي طريقو هلي رهيو آهي۽ ورلڊ بينڪ يا بيا انٽرنيشنل ڊونرس کي انوالو ڪريو سمپل
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    اصل واهه جو حل ٻڌايو اٿو ،،،،،،،،،،،،،،

    لڳي ٿو ته اهو منصوبو اوهان کي ڏجي ته ڪم ٺهي ويندو، پر ابا ايڏو آسان به هجي ها ته جيڪر ڪم ٿي وڃن ها ،،،،،،،،،
     
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    ادا سليمان اهو بلڪل آسان آهي نيت صاف ڪرڻ جي ڳاله آهي ۽ اسان جي وڏي ڀا پنجاب جي استيبلشمينت جي اندروني اجازت جي ضرورت آهي باقي دنايا۾ ته گهڻو انرجي جو ذريعو ڪول ئي آهي امريڪا به50 سيڪڙو ۽ چين به 55سيڪڙو 50سال پهرين کان پيا استعمال ڪن
    ۽ هي نئون ڪول گيسفڪيشن به سائٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ هلي پيو اتان جي مهارت ۽ تجربي مان ڇون فاعدو وٺجي ادا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    سائين هي پڙهو ڪالهوڪو ڪيل فيصلو

    ٿر ڪول بابت ثمر مبارڪ جو منصوبو ناڪام قرار:فنڊ بند

    اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پلاننگ ڪميشن ٿر جي ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ بابت مشهور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جي منصوبي کي ناقابل عمل ۽ ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پلاننگ ڪميشن جي توانائي شعبي بابت ميمبر شاهد ستار چيو آهي ته ٿر ڪول مان گئس ٺاهڻ جو پائلٽ منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي، منصوبي جي آڊٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، پلاننگ ڪميشن منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو آهي ته ٿر ڪول مان گئس ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو ڏيڍ سئو سيڪڙو يقين ڏياريان ٿو، گئسيفڪيشن جو منصوبو ڪامياب ٿيو، شاهد ستار جي بيان بعد ايندڙ هفتي گئسيفڪيشن جا چار فائر ڪيا ويندا، ڪالهه تيل ۽ گئس بابت هڪ غير سرڪاري تنظيم پاران ٿيل پروگرام بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پلاننگ ڪميشن جي توانائي سيڪٽر بابت ميمبر شاهد ستار انڪشاف ڪندي چيو ته ٿر ڪول گئس ٺاهڻ وارو ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جو منصوبو ناقابل عمل آهي، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جو ٿر ڪول مان گئسيفڪيشن جو 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو پائلٽ منصوبو ناقابل عمل ۽ ناڪام ٿي ويو آهي، منصوبي جو شعلو 4 ڪلاڪ ٻرڻ بعد بند ٿي ويو، پلاننگ ڪميشن ان منصوبي جي آڊٽ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ان منصوبي لاءِ وڌيڪ فنڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪيو ويو آهي، ان منصوبي لاءِ وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جو عمل پئسي جو زيان هوندو، هن چيو ته ٿر ڪول مان زير زمين گئسيفڪيشن جو عمل ممڪن نه آهي، ٿر ڪول ۾ زير زمين پاڻي جو درياهه بڻجي ويو آهي، هن چيو ته آسٽريليا ۾ به ان منصوبي کي بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند ”ڪاوش“ سان پنهنجي رهائشگاهه تي ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ گئسيفڪيشن ذريعي 80 هزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي وڃي ٿي، اهي انگ اکر آمريڪي اداري پاران تازو جاري ڪيل رپورٽ ۾ به ڏنل آهن، جيڪو شخص (شاهد ستار) چوي ٿو ته گئسيفڪيشن ذريعي بجلي پيدا نٿي ٿي سگهي، ان مامري جو کيس نه علم آهي ۽ نه ئي وري ان ٿر ڪول ۾ ان منصوبي جي سائيٽ تي وڃڻ جي زحمت ڪئي آهي، هن چيو ته شاهد ستار پلاننگ ڪميشن جو بعد ۾ ميمبر ٿيو، مان ان کان اڳ ميمبر آهيان، ٿر ڪول مان گئس نڪرڻ جو منصوبو ڪامياب ٿي چڪو آهي، رڳو بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ ٻاهريان امپورٽ ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ 8 ڪروڙ ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن بعد هڪ سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي، هن چيو ته ٿر ڪول ۾ گئسيفڪيشن جي منصوبي جي ڪامياب ٿيڻ بعد گئس کي پاڻ بند ڪيو، ڇو ته جيڪڏهن بجلي پيداوار نه ٿيندي هجي ته گئس هلڻ نه گهرجي، هن چيو ته مون ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ هفتي وڌيڪ چار گئسيفڪيشن جا فائر ڪيا وڃن، هن چيو ته ٻين ذريعن مان بجلي پيداوار مهانگي ۽ ٿر ڪول ذريعي بجلي جو في يونٽ چار رپيا پوندو، ان ڪري ان منصوبي جي مخالفت برداشت ڪرڻي پوندي، هن چيو ته بيجنگ ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ گئسيفڪيشن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ماهرن ان منصوبي کي پاڪستان جي گيم چينجر جي حيثيت رکندڙ منصوبو قرار ڏنو، هن چيو ته ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻ سان ماحول ۾ آلودگي جو مامرو ٿيندو پر گئسيفڪيشن ذريعي بجلي جي پيداوار ماحول دوست هوندي، شاهد ستار کي منصوبي ڪامياب ٿيڻ بابت ٻڌايو هو، کيس تصويرون به ڏيکاريون هيون، هن چيو ته ٿر ۾ 9600 ڪلوميٽر ايريا تي ڪوئلو پکڙيل آهي، ڪل 175-ارب ٽن ڪوئلو ٿر ڪول ۾ ذخيرو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان 50 هزار ميگاواٽ روزانو 10 ڪروڙ بيرل ڊيزل سال ۾ 5 سئو سالن تائين حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٿر ۾ دنيا جا وڌ ۾ وڌ ڪوئلي جا ذخيرا آهن، جنهن خزاني جو احساس ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پاڪستان 15-ارب ڊالرن جو تيل ساليانو ٻاهريان گهرايو وڃي ٿو، جيڪو ٿر مان بجلي پيدا ٿيڻ سان نه گهرائي سگهبو، ڊيزل به امپورٽ ڪرڻ بدران دنيا کي ايڪسپورٽ ڪري سگهنداسين، بجلي به ٻين کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي صورتحال ۾ اچي وينداسين، هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سڪون سان بجلي پيداوار ڪرڻ ڏني وڃي.

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  6. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    مهرباني ادا مون اها خبر پڙهي هئي ۽ اهو به ٻڌايان ٿو ته آئل سيڪٽر هن اسان جي ڪاري سپون کي ترقي وٺرائڻ نه ٿو ڏي
     
  7. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌ جو ڪوئلو

    مهرباني ادا مون اها خبر پڙهي هئي ۽ اهو به ٻڌايان ٿو ته آئل سيڪٽر هن اسان جي ڪاري سون کي ترقي وٺرائڻ نه ٿو ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو