عرس پريو
سينيئر رڪن
زندگي، رات، راڻيءَ جيان ٽڙي پيئي،
چنڊ وانگي اڱڻ يار جي کڙي پيئي.
وقت ويڇو وڌو هو وڏو اسان وچ ۾،
اوچتو وصل جي راڳڻي ڇڙي پيئي.
مرڪ مُک تي سجائي ميار نيڻن ۾،
هوءَ آئي ته من جي ڪلي کڙي پيئي.
هار ٻانهون ڪري جيئن وڌو هن ڀاڪر،
زخم ڪُهني جي ڄڻ ڪا ڪڙي مِڙي پيئي.
دل اڃا حوصلي ۾ آ، ساٿ ڏي پيئي،
دُک- درياهه ۾ هر گهڙيءَ گهڙي پيئي!
ڏات رُسندي به آ، پرچندي به آ پاڻهي،
رات مون سان الائي ته ڇو چڙي پيئي
چنڊ وانگي اڱڻ يار جي کڙي پيئي.
وقت ويڇو وڌو هو وڏو اسان وچ ۾،
اوچتو وصل جي راڳڻي ڇڙي پيئي.
مرڪ مُک تي سجائي ميار نيڻن ۾،
هوءَ آئي ته من جي ڪلي کڙي پيئي.
هار ٻانهون ڪري جيئن وڌو هن ڀاڪر،
زخم ڪُهني جي ڄڻ ڪا ڪڙي مِڙي پيئي.
دل اڃا حوصلي ۾ آ، ساٿ ڏي پيئي،
دُک- درياهه ۾ هر گهڙيءَ گهڙي پيئي!
ڏات رُسندي به آ، پرچندي به آ پاڻهي،
رات مون سان الائي ته ڇو چڙي پيئي
( تاج جويو )