[JUSTIFY]ممبئي شهر جي جاگرافيائي شڪل ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ ٺونٺ تائين. پر اهو هٿ جنهن ۾ فقط آڱوٺو ۽ شاهد آڱر هجي. ٺونٺ وارو حصو جيڪڏهن ممبئي جو باندرا، ڌروي ۽ سيان سمجهيو وڃي ته هٿ جي آڱر جو آخري ڳترو جنهن تي ننهن آهن اهو ڪولابا آهي، جتي ممبئي جو شهر ڏکڻ ۾ وڃيو دنگ ڪري، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي آهي. هٿ جو آڱوٺو سمجهو ته ممبئي جو اهو حصو آهي، جتي بنگانگا ۽ بابل ناٿ مندر، راج ڀون، ڪملا نهرو پارڪ جهڙيون شيون آهن. آڱوٺي جي ٻئي ڳتري وٽ مالابار ٽڪريون (Hills) آهن. آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي، اهو ممبئي جو Back By سڏجي ٿو، جتي ميرين ڊرائيو ۽ چوپاٽي جهڙيون سامونڊي بيچ آهن. هن ’بئڪ بي‘ ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون نظر اچن ٿيون ۽ عربي سمنڊ جو هي حصو ڪافي ماٺو آهي. اسان جا جهاز جيئن ته وڏا ٿين ٿا، ان ڪري اسان کي هتي بيهڻ نه ڏيندا آهن. اسان اهو Bay لتاڙي، ڏسڻي آڱر مٿان ڦري ان جي ٻئي پاسي بندرگاهه ۾ اچي بيهندا آهيون، جتي ساسون ڊاڪس به آهي، جيڪو ساسون يهودي فئملي ٺهرايو هو. ڪياماڙي جيئن ڏکڻ ۾ ڪراچيءَ جو آخري ڇيڙو آهي، تيئن ڪولابا ممبئي جي آخريEnd آهي. جنهن جي ٽن پاسن کان سمنڊ آهي. اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ ته هي ڪولابا هڪ ٻيٽ هو. جنهن جي چئني طرف عربي سمنڊ هو پر پوءِ ڪولابا ٻيٽ جو اتراهون حصو بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائڻ لاءِ سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀريو ويو. هاڻ آڱر جو پهريون ڳترو ڪولابا آهي، ته ٻيو ناريمن پوائنٽ ۽ ٽيون ڳترو فورٽ جو علائقو سڏجي ٿو، جتان ممبئي جون ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿين ٿيون ۽ هتي چرچ گيٽ ۽ وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) ريلوي اسٽيشنون آهن. وي ٽي اسٽيشن جو هاڻ نئون نالو CST(ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينس) آهي. آڱر جي پهرين ڳتري ۽ ٻئي جي وچ۾ گيٽ وي آف انڊيا آهي. جتان 1947ع ۾ انگريز فوجي لنگهي پنهنجي وطن هليا ويا هئا، ڀر ۾ هتي جي مشهور تاج هوٽل آهي. آڱر جي ٽئين ڳتري وارو حصو جيڪو آڱوٺي جي پاڙ سان ملي ٿو، اهو ڪالبا ديوي جو علائقو آهي، جتي جامع مسجد، ممبا ديوي جو مندر ۽ لڪشمي نارائڻ مندر آهي. گرگائون وارو علائقو به اتي ئي آهي. ان کان پوءِ ٿورو ڪرائيءَ ڏي مٿي جتي آڱر ۽ آڱوٺو ملي ٿو ۽ هٿ جو حصو ٻانهن جي ڪرائيءَ سان ملي ٿو، اهو مها لڪشميءَ ۽ پاريل علائقا آهن. آڱوٺو جتي ختم ٿئي ٿو، اتي حاجي علي درگاهه آهي ۽ ٿورو مٿي ريس ڪورس آهي. ڪرائي واري حصي ۾ مئزگائون ۽ بائڪلا به اچي وڃي ٿو. ڪرائيءَ کان اڃان مٿي ٺونٺ تائين وورلي، دادر، ماٽونگا ۽ سيان وارا علائقا اچي وڃن ٿا. جنهن کانپوءِ باندرا ۽ ڌَروي آهن ۽ جتي ٻانهن جسم سان ملي ٿي، اتي اردگرد کار، ڪُرلا، چمبور، ممبئي يونيورسٽي وارو علائقو وديا نگري، سانتا ڪروز، ممبئي جو ايئرپورٽ، گهاٽڪو پار، انڌيري، گوريگائون، مالاد، ڪرار، بوري والي ۽ آخر ۾ ممبئي جو اتراهون ڇيڙو ڊاهيسري ائين آهي جيئن ڪراچي جو سرجاني ٽائون آهي. منهنجي خيال ۾ هاڻ توهان کي ايتري آئيڊيا ضرور ٿي وئي هوندي، ته ڪولابا، مالابار هل يا فورٽ ڪٿي آهن. ۽ توهان کي جيڪڏهن ڪولابا کان ناريمن پوائنٽ وڃڻو آهي ته اهو پنجن منٽن جو فاصلو آهي، پر جيڪڏهن ڪولابا کان انڌيري وڃڻو آهي ته رش اور ۾ ٽئڪسي وارو ڪلاڪ کان به مٿي وٺي سگهي ٿو، جو اهو فاصلو ڪياماڙي کان نيو ڪراچي تائين جي فاصلي کان به ٻيڻو آهي.[/JUSTIFY]
جواب: ڪياماڙي ۽ ڪولابا ۾ مشابهت (الطاف شيخ) وه سائين وه،لڳي ٿو ته اوهان جي مهربانين سان سائين الطاف شيخ جا نه پڙهيل سفر نامه قسط وار پڙهڻ لاء ملي ويندا۔ٻئي قسط جو شدت سان انتظار رهندو۔توهانجا لک لائق،اي ڏاها انسان
جواب: ڪياماڙي ۽ ڪولابا ۾ مشابهت (الطاف شيخ) سائين وڏا قرب پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نشاالله ڪوشش ڪبي
جواب: ڪياماڙي ۽ ڪولابا ۾ مشابهت (الطاف شيخ) محترم الطاف شيخ جي اهائي ته خوبي آهي جنهن ڪري سندس سفرناما گهڻي شوق سان پڙهيا ويندا آهن۔ هو هميشه ٻاهرين ملڪن کي سنڌ جي شهرن ۽ علائقن سان ڀيٽِ ڄڻ ته پاڻ سان گڏ سڀني کي سير ڪرائيندو رهندو آهي۔
جواب: ڪياماڙي ۽ ڪولابا ۾ مشابهت (الطاف شيخ) واقعي الطاف شيخ صاحب کي سفرنامي لکڻ جو وڏو ڏانو آهي، مون به ڪيترائي سفرناما پڙهيا آهن، هن جي لکڻي ۾ اهڙي ته ڪيفيت سمايل هوندي آهي جو پڙهڻ جي دوران پاڻ کي ان جڳهه تي گهمندي محسوس ڪندا آهيون۔