[JUSTIFY]ڪڪرن سج کي لڪائي ڇڏيو، ھوا تکي ٿيندي وئي، ان سان گڏ سمنڊ به خراب ٿي ويو. ھڪ ھڪ ڇولي جبل جيڏي ٿيندي وئي ۽ ساڳي وقت ڏسندي ئي ڏسندي آسمان مان پاڻي وسڻ لڳو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قدرت ڪاوڙجي پئي ھجي ۽ ھي سمنڊ اھو ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ نه رھيو ھجي، جنهن ماٺي سمنڊ بابت رومانوي ڪھاڻيون ڪتابن ۾ پڙھبيون آھن. آئون “چيڪاٽ” نالي ھڪ جھاز تي پئسينجر ھوس. ھي جھاز ايڏو وڏو کڻي نه ھو، ته به چار ھزار کن ٽنن جو ٿيندو ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن جا مسافر ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين کنيائين ٿي – جت ٻيٽن تي ڪنهن زماني ۾ جپان جو قبضو ھو، پر ھاڻي انهن تي انتظام يونائيٽيڊ نيشن (گڏيل قومن) طرفان ھليو ٿي. پاڻيءَ جي ھن ويران دنيا ۾ اسان کي يارھن کان مٿي ڏينهن ٿي چڪا ھئا ۽ اسان “گئام” ٻيٽ کان “ترڪ” ٻيٽ ڏي وڃي رھيا ھئاسين، جيڪو اوڀر ڪئرولنس ۾ آھي. آئون ان صبح جو سوير ئي ننڊ مان اٿيو ھوس. سامھون ڪمري جي پورٽ ھول (دريءَ) مان پرھھ ڦٽيءَ جي ميرانجھڙي روشني اچي رھي ھئي. اوچتو جھاز جي رفتار گھٽجڻ لڳي ۽ جھاز وچ سمنڊ ۾، جتي ڪنهن بني بشر يا جبل ٽڪر جو به نالو نشان نه ھو، اتي بيھڻ جي ڪري رھيو ھو. ٽن منٽن اندر آئون ڊيڪ تي پھچي ويس. اھڙو خراب سمنڊ مون ڪڏھن به نه ڏٺو. جھاز جي انجڻ آھستي ٿيڻ سان “چيڪاٽ” جھاز پاڻيءَ ۾ پينگھي وانگر لڏڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن سڄو پيرانديءَ سيرانديءَ سمنڊ ۾ ھليو ٿي ويو ۽ مٿان وڏي ڇوليءَ سندس اھو حصو ڍڪي ٿي ڇڏيو. ڪئپٽن ايڊورڊ مٿان نيويگشنل برج تان مون کي پاڻ ڏي سڏڻ جو اشارو ڪيو. “ھو ڏس” مٿي پھتس ته ڪئپٽن سامھون اشارو ڪري چيو. مون سامھون گھڻو ئي نهاريو، پر ڪجھ به نظر نه آيو. پنهنجا بائنا ڪيولر (دوربين) مون کي ڏيندي وري سامھون ڏسڻ لاءِ چيائين. سامھون ھڪ بنڊن مان ٺھيل ٻيڙيءَ نما شيءِ خوفناڪ سمنڊ جي ڇولين تي تري رھي ھئي، جنهن کي ڏسي مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه پئي آيو. مون ڪئپٽن ڏي نهاريو. “ھڪ وڏي وڻ جي بنڊ جيڏي ڪا مس ٿيندي.” مون چيو. “ھا بلڪل صحيح آھين. ھڪ پوراٽيل بنڊ جنهن تي سنهي ڏنڊي جو کوھو پڻ نظر اچي رھيو آھي، منهنجي خيال ۾ ته ويھ کن فٽن جو مس ٿيندو.” اھڙي شيءِ ڪنهن ڍنڍ جي ماٺي پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچي ھا، ته به ننڍڙي سڏجي ھا. ھڪ اٿاھ پئسفڪ جھڙي سمنڊ ۾ ته رانديڪي جي ٻيڙي لڳي رھي ھئي – اڃا به کڻي چئجي ته ڪنهن ڪاٺيءَ جي ڇوڏي يا ڇيت برابر ھئي. “چيڪاٽ” جھاز جي ڊيڪ تان اسان ھن کي گھوري ائين پئي ڏٺو ڄڻ اھا ڪنهن ٻيءَ دنيا مان آيل شيءِ ھجي. چتائي ڏٺوسين ته ان ٻيڙيءَ تي ڪجھ ماڻھو ائين چري پري رھيا ھئا، جيئن ڪنهن گاھ جي پن تي ماڪوڙيون ھلن چلن ۽ اھا سڄي ٻيڙي ماڻھن سميت رکي رکي سمنڊ جي ڇولين سان ڌوپي ٿي وئي. مزي جي ڳالھ اھا ته اسان جي جھاز کي ڏسڻ کان پوءِ به ھنن بچاءَ يا مدد لاءِ اسان کي اشارو نه ڪيو. ان جي معنيٰ ته ھو ھھڙيءَ حالت ۾ ھوندي به ڪنهن مصيبت ۾ نه ھئا؟ “جيڪڏھن ھو ان کي مصيبت نٿا سمجھن.” ڪئپٽن ايڊورڊ چيو، “ته پوءَ اھڙن ماڻھن لاءِ دنيا ۾ ڪابه مصيبت ٿي نٿي سگھي.” اسان پنهنجي جھاز “چيڪاٽ” جو رخ اھڙيءَ طرح ڪيو، جيئن لڳندڙ ھوا ۽ لھرون ان ننڍڙي ترندڙ شيءِ کي اسان جي ويجھو آڻي سگھن. پئسفڪ سمنڊ جي مائڪورنيشين ٻيٽن تي استعمال ۾ ايندڙ ڪئنوز (ننڍڙين ٻيڙين) جيان ھيءَ پڻ ھڪ ڪئنو ھئي، جنهن ۾ ماڻھوءَ کي ويھڻ ۾ به خبرداري ڪرڻي ٿي پيئي ۽ ٿوري به لوڏي يا وزن جي گھٽ وڌائيءَ ڪري ھوءَ ٻڏي سگھي ٿي. ان ننڍڙي ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڇانولي لاءِ ٿورو ڪکن ۽ گاھ جو منھ ھو، جنهن جي وچان بنا سرھ جي ڏنڊو اڀو ٿيل ھو. رکي رکي سمنڊ جون ايڏيون وڏيون ڇوليون ٿي آيون جو اسان جي جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ ۾ وڏي ڀت ٺھيو ٿي ويئي ۽ ھڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگھياسين. اسان ته ائين ٿي سمجھيو ته ويا ٻڏي، پر لھر لنگھي وڃڻ بعد ھيءَ ننڍڙي ٻيڙي ۽ منجھس سوار پنج ڄڻا وري چٽيءَ طرح نظر ٿي آيا. جيتوڻيڪ ڪپڙن لٽن ۽ منهن مھانڊي مان ھو موسم جا ماريل ۽ سيءَ جا سٽيل ٿي لڳا، پر سڀئي ڄڻا ڪم ۾ رڌل ھئا. ھڪ ھمراھ ٻيڙيءَ جي رخ کي پئي ڦيريو گھيريو ۽ ٻين ٻيڙيءَ اندر آيل پاڻيءَ کي ننڍن دٻن ۽ ٻڪن سان ٻاھر پئي ڪڍيو. منجھن ھڪ ھمراھ پوڙھو ٿي ڏٺو، ٻيو اڌڙوٽ ۽ باقي ٽي ڄڻا ايترا ته ننڍا ھئا، جو مڇن جي ساوڪ ئي اڃا نه آئي ھين. سڀني ھمراھن کي ڦاٽل گنجيون يا قميصون ھيون ۽ ھيٺان پوتڙا يا ڪڇي نما پراڻيون چڍيون. ڏھن منٽن اندر ٻيڙي ۽ اسان جو جھاز ھڪ ٻئي جي پاسي کان پھچي ويا. اسان جي جھاز جي انجڻ ھاڻ صفا بند ڪئي وئي. جھاز جي پاسي ۾ بيٺل ھيءَ بنڊ نما ٻيڙي صفا ننڍڙي نظر اچي رھي ھئي. اسان جو چيف ميٽ اسٽينلي ان ٻيڙيءَ جي سڌائيءَ ۾ مٿان ڊيڪ تي بيھي ساڻن خبر چار ڪرڻ لڳو. جھاز جا خلاصي، جن کي ٻيڙيءَ وارن جي ڪجھ ڪجھ ٻولي سمجھ ۾ آئي ٿي، سي سندن ڳالھ ٻولھ ترجمو ڪري چيف آفيسر کي ٻڌائڻ لڳا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل بدنصيب مسافرن کي دراصل سمجھ ۾ نه پئي آيو ته آيا کين ڪنهن مدد جي به ضرورت آھي يا نه؟ ماڳھين ھنن اسان کان پڇيو ته اسان جو جھاز ڪيڏانهن وڃي رھيو آھي؟ انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آھي ڇا جو بيھاريو اٿانو؟ “ترڪ ٻيٽ ڏي اسان وڃي رھيا آھيون.” جھاز جي ڪنهن خلاصيءَ کين ٻڌايو. آخرڪار ڪجھ بحث مباحثي بعد چيف آفيسر ڊيڪ تان رڙ ڪري ڪئپٽن کي ٻڌايو: “ھي چون ٿا ته جھاز تي اينداسين پر ان شرط تي ته ساڻن گڏ سندن ٻيڙيءَ کي به مٿي چاڙھيو وڃي.” “اسان تي چڱو ٿورو ٿا ڪن. ھڪ ته سندن حالت ڏسي کين بچائڻ لاءِ بيٺا آھيون.” ڪئپٽن وراڻيو. “چڱو ڀلا، چاڙھين. ڇا ياد ڪندا. ٻيڙيءَ کي به ڊيرڪ ذريعي مٿي ڇڪراءِ.” ونچن جي مشينري ھلائي وئي ۽ ڇڪڻ وارو ڏنڊو ٻيڙيءَ جي سنوت ۾ اڀو آڻي رسو ڍرو ڪري ٻيڙيءَ کي ٻڌيو ويو. ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ٻئي رسي جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙھي آيا – سواءِ پوڙھي جي. ھو ٻيڙيءَ ۾ ئي ترسيو ۽ پوءِ ونچ ذريعي جڏھن ٻيڙيءَ کي مٿي کنيو ويو ته ان سان گڏ گڏ پاڻ به مٿي آيو. ڊيڪ تي پھچڻ بعد به پوڙھو ڏاڍي سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺو رھيو. ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڌاڳي ۾ ھڪ لاڪيٽ چمڪي رھيو ھوس. پري کان مون ته سمجھيو ته ڪا قيمتي شيءِ ھوندس. ويجھو اچي معلوم ٿيو ته ٻاٽليءَ جي کولڻي (اوپنر) آھي. سندس ھنج ۾ ڀڳل قطب نما ھئي. اڳواٽ چڙھيل باقي چار ماڻھو به ھن سان وڃي مليا. ھي ٻيڙو، پھرين جيڪو اندازو لڳايو ھئوسين، ان موجب ويھ فٽ کن جو ئي ھو، سو ھڪ ئي بنڊ مان ٺھيل نه ھو، پر ڪٺل جي وڻ مان نڪتل تختن جھڙن پترن کي سمنڊ جي ڪورالي کونئر سان چنبڙائي ٻيڙي ٺاھي وئي ھئي. ڪٿي ڪٿي ناريل جي کونڌي سان ٻڌل ھئي. منجھس ڪو ھڪ به ڪوڪو يا ڪلي ٺوڪيل نه ھئي. بهرحال! اھا ٻيڙي ايتري ته سنهي ۽ تانگھي ھئي، جو ماڻھو منجھس پلٿ ماري يا گوڏا ڀڃي ويھي ٿي سگھيو ۽ ڇانوري لاءِ جيڪو منھ ٺاھيو ھئائون، سو ڏيڍ فٽ کن مس مٿي ٿيندو. ٻيڙيءَ جو سڙھ ڇا ھو؟ ھڪ پراڻن ٿلھن ڪپڙن کي ڳنڍ ٽوپو ڪري ٺاھيو ويو ھو. کاڌي پيتي جي شين جو ته نالو نشان به نه ھو. فقط ڪجھ آلن ڪوئلن جا ٽڪر ھئا ۽ ڪجھ چٻا ٿيل جست جا ديڳڙا، جن ۾ کاڌو پيتو ته خير ڪو رڌو ھوندائون، ٻيڙيءَ مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ جو ڪم ئي انهن کان ورتو پئي ويو. ھن حالت ۾ به ان ٻيڙيءَ ۾ فٽ کن پاڻي اڃا موجود ھو ۽ ان جا مالڪ، پنج ئي ڄڻا، انهن ٿانون سان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول ھئا. کلئي سمنڊ ۾ ان ۾ ترڻ ائين ھو، جيئن وھنجڻ جي ٽب ۾ پاڻ کي وجھي نل کولي ڇڏڻ. پنهنجي ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ سڙھ لاھي سڪائڻ لاءِ ڊيڪ تي وڇايائون. جتان جتان ڦاٽل ھئو، اتي ٽوپا ڏنائون. ناريل جا رسا جتان ڍرا ٿي ويا ھئا، انهن کي ڇڪي ٻڌائون. سندن سڄو ڌيان پنهنجي ان ننڍڙي ٻيڙي ڏي ھو. ھنن مان ڪنهن ھڪ کي به ڪنهن دوا درمل جي ضرورت نه ھئي – نه ته اھڙين حالتن ۾ ماڻھو اڌ مئو ٿيو وڃي. ڌڪ سور ۽ ڦٽ ڦرڙيءَ کان علاوه اڻ پوري کاڌي خوراڪ ۽ سامونڊي لوڏن ڪري الٽيون، دست، بخار، ٻيون ڪيتريون ئي ڪمزوريءَ جون بيماريون ٿيو پون. بهرحال! في الحال ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجھ کتو ٿي. کين نيٺ جڏھن چيو ويو ته بابا! ھاڻ ڇڏيو انهيءَ ٻيڙيءَ کي، اھا بلڪل سڄي سنئين آھي. تڏھن اٿي رڌڻي ڏي ھليا ۽ پيٽ ڀري ماني کاڌائون. ھن ھن کان ڪڇا، چڍيون يا ٽوال وٺي کين ڏنا ويا، جيئن ڦاٽل ۽ پسيل ڪپڙن جي جند ڇڏين. انسان ته ھئا ئي، سو ڪجھ دير ننڊ ڪرڻ ٿي چاھيائون. ٿڪ ڪري ايڏا ساڻا ٿيل ھئا جو ليٽڻ سان کونگھرا ھڻڻ لڳا. ننڊ کان پوءِ اسين انهن جي چوڌاري ويھي، سندن ڪھاڻي ٻڌڻ لڳاسين. جھاز جا خلاصي سندن ۽ اسان جون ڳالھيون وري ترجمو ڪرڻ لڳا. سڀني ۾ جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اھو حال احوال ٻڌائڻ لڳو. ھن جو نالو “سرناس” ھو. ٻيا جيڪي ھئا، سي ھن جا مائٽ ھئا يا شايد ذات ڀائي. ھو پولاپ ٻيٽن کان اچي رھيا ھئا ۽ کين “ترڪ” ٻيٽ ڏي وڃڻو ھو. “پولاپ کان توھان ھن ٻيڙيءَ ۾ پيا اچو؟” ڪئپٽن نقشي تي آڱري رکندي، ھنن کان پڇيو. “پر پولاپ ھتان کان ٽي سؤ ميل اوڀر ۾ آھي ۽ ترڪ ٻيٽ پولاپ کان 150 ميل اڃا به اڳتي ھلڻ بعد ٿو اچي، تنهن جي معنيٰ ته توھان کان رستو وڃائجي ويو آھي.” “نه، اسان ھن پاسي اڇلجي آيا آھيون.” ھنن کي سمنڊ تي ھن حالت ۾ ٽيھ ڏينهن ٿي چڪا ھئا. سرناس پنهنجي ٻنهي ھٿن جون ھڏائون آڱريون ٽي دفعا کولي ڏينهن جو انگ ٻڌايو. “ٽيھ ڏينهن” ھن وري ورجايو. جيتوڻيڪ اھو سفر چئن ڏينهن جو آھي – جيڪو ھو پھرين به ڪندو رھيو آھي. پر ھن دفعي سمنڊ ۾ ھوائون اھڙيون ته خراب ۽ سامھون جون ملين جو ھو پٺتي اڇلجي ويا. ان کان علاوه ھن دفعي ھن جو قطب نما به صفا جڏو ٿي پيو. اھو ڪمپاس (قطب نما) کين ھڪ جپاني مڇي ماريندڙ ٻيڙيءَ مان مليو ھو. بهرحال! پوڙھي ٻڌايو ته سامھون جون ھوائون ۽ لھرون کين روزانو پٺتي اولھ ڏي ڌڪيندويون رھيون. سامھون جو واءُ ايڏو ته تکو لڳندو رھيو، جو ھو ان اڳيان بي وس ھئا. سمنڊ جي وڏين ڇولين سان سڄي ٻيڙي ڀرجي ٿي وئي ۽ ھو ڏينهن رات واري وٽيءَ تي ان مان پاڻي ئي ڪڍندا رھيا – نه ته ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو خطرو ھو. ان ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن “سانتا – مارئيا” پاڻيءَ سان اڌ ٿي ٿي وئي. “سانتا – مارئيا” سندن ان لاڏلي ٻيڙيءَ جو نالو ھو. تنهن جي معنيٰ ھنن جي ٻيٽ تي مذھب جھڙي شيءِ پڻ آھي ۽ ان نالي مان لڳو ٿي ته ھو عيسائي (ڪيٿولڪ) آھن. پڇڻ تي سرناس ڇاتيءَ تي صليب جو نشان ٺاھيو. کاڌي پيتي جو ڇا ٿي ڪيانو؟ اسان پڇيوسون. ھنن ٻڌايو: شروع ۾ ھنن وٽ ڪجھ ناريل، ڪٺل ۽ ٻيو ڪجھ جھنگلي ميوو ھو. باھ ٻارڻ لاءِ ڪجھ تيليون ۽ ڪوئلا به ھئا. جڏھن ميوو ختم ٿي ويو ۽ ڪوئلا سڀ پسي ويا ته پوءِ روز مڇيون ڦاسائي ان تي گذارو ڪندا ھئا. ڀاڳ سٺو ھئن جو روز ڪا نه ڪا مڇي ڦاسيو ٿي وئي. آخري ڏينهن تائين ھنن ڪل ٽيھ مڇيون جھليون – يعني سراسر ھڪ مڇي روز ٿين، جيڪا ھو حصا پتيون ڪري ڪچي کائيندا ھئا. پاڻيءَ جي معاملي ۾ به ڀاڳ وارا ھئا جو ٿورو گھڻو روز مينهن وسندو ھو ۽ پيئڻ لاءِ چڱو پاڻي گڏ ڪري وٺندا ھئا. ڇڙو راتيون سخت ٿينديون ھيون جو ڪپڙو گندي نه ھئڻ ڪري سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسندا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا. ھڪ ڳالھ غور طلب اھا ته جڏھن اسان ھنن ھمراھن کي کنيو، ان وقت کين اھا سڌ سماءُ ھئي ته ھو ان وقت سمنڊ جي ڪھڙي حصي ۾ ھئا؟ ھائو، بلڪل. ھنن جي خيال موجب ھو افاليڪ واري حصي ۾ ھئا، جيڪو ياپ علائقي ۾ آھي ۽ ھتان اتر – اولھ پاسي ٿيندو. ڪئپٽن ۽ چيف آفيسر وري نقشو ڏٺو ۽ تعجب مان ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. افاليڪ واقعي ايڏانهن ئي ھو. کين اسان جتان کنيو ھو، اتان کان پنجٽيھ ميل پري ھو ۽ پورا پنج سؤ ميل پر ڀرو سندن منزل – ترڪ ٻيٽ ھو. ان کان پوءِ اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين ته ڪمال آھي، پاڻ پارا جيڪڏھن اھڙي قسم جي ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾، اھڙي خراب سمنڊ ۾ ٽيھ ڏينهن ھجون ھا ته ڪھڙي نه حالت ٿي وڃي ھا. جسماني طرح به ته ذھني طرح به ۽ پوءِ مدد ملڻ تي ڪيڏي نه خوشي ٿئي ھا. پر ھنن ھمراھن لاءِ ھر ڳالھ نارمل ھئي. ھنن جي دل ۽ دماغ تي ڪنهن به قسم جو بار يا پريشاني نه ھئي. “جيڪڏھن سمنڊ تي گم ٿي وڃون ھا ته پوءِ ڇا ٿيو؟” ھنن ٻڌايو. ھن کان اڳ به ائين ٿيندو رھيو آھي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪي ملندا آھن ته ڪڏھن نه. ڪي ته وري ٻين دور دراز ٻيٽن کان وڃي نڪرندا آھن ۽ اتي ئي پنهنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاھين. اڄ به ڪيترا ئي اھڙي قسم جا ماڻھو نيو گائنا کان فلپين جي ٻيٽن تي ملندا. ھھڙي ٻيڙيءَ ۾ کاڌي پيتي بنا، سمنڊ تي ٽيھ ڏينهن، منزل کان پنج سؤ ميل ڏور ڌڪجي وڃڻ، اھو ڪيڏو نه وڏو حادثو چئي سگھجي ٿو. پر ھنن ماڻھن جون دليون ته ڏسو، ڄڻ ڪا ڳالھ ئي نه ھجي. ان جي شاھدي سندن پرسڪون جسم ۽ اکيون به ڏئي رھيون ھيون. سرناس ڪجھ وري چئي رھيو ھو. خلاصين ٻڌايو ته ھو ٿو پڇي ته ھاڻ ته بس! ٻيو ته پڇڻو نه اٿو؟ جيئن ھو وڃي پنهنجي ٻيڙيءَ جي ٽھل ٽڪور ڪن. ھو چاھين ٿا ته ھوءَ اھڙي مضبوط ٿي وڃي جو ترڪ ٻيٽ کان واپس پنهنجي ٻيٽ پولاپ ويندي منجھس پاڻي نه سمي. “ڀلي” ڪئپٽن کلندي کين موڪل ڏني، پر وري کيس اھو ڌيان ۾ اچي ويو ته کانئن اھو ته پڇجي ته ھو ھھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ھيترو پري، آخر ويا ڪھڙي ضروري ڪم لاءِ پئي؟ سرناس ان جو به جواب ڏنو، جيڪو خلاصين ترجمو ڪري ٻڌايو: “سائين ھي ٿو چوي ته بس ائين ويٺي ويٺي خيال آيو ته ھلي ڀر واري ٻيٽ تان سگريٽ وٺي اچن.” “بس! رڳو سگريٽن ڪارڻ؟” ڪئپٽن سان گڏ اسان به وائڙا ٿي وياسين. “جي ھا! رڳو سگريٽن لاءِ. ٻي ڪنهن شيءِ جي في الحال ضرورت نه ھئي.” اسان ھڪڙو سڄو ڏنڊو (ڪارٽن) سگريٽن جو کين کولي ڏنو، جيڪو ھو باقي واٽ ڇڪيندا به ھليا ته پنهنجي ٻيڙي سانتا – مارئيا تي ڪم به ڪندا رھيا. ڪھڙي برانڊ جا سگريٽ وٺڻ پئي ويا؟ ھنن وري اھو به نه ٻڌايو. جيڪي پراڻي سراڻي اسٽاڪ جا سگريٽ ڪڍي ڏناسين، سي خوش ٿي ڇڪيندا رھيا.[/JUSTIFY]
جواب: ترڪ ٻيٽ جي عجيب ٻيڙي (الطاف شيخ) عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ادا ماشالله توهان پنهنجي تمام گهڻين مصروفيات مان ٽائيم ڪڍي سفرنامن جي بادشاه شيخ الطاف حسين جو هڪ ٻيو معلومات سان لبريز شاندر سفر نامو قسط واري ونڊ ڪرڻ شروع ڪيو آهي۔ڏسون ته اهو سفر نامو ڪيترين قسطن ۾ پورو ٿو ٿئي۔توهانجي پنهنجي مخصوص فقري ۾"توهانجا لک لائق"