ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    محمد سليمان وساڻ


    اڄوڪو ڏينهن دنيا ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. هونئن ته هر ڏينهن اسان لاء ماء جو ڏينهن آهي، هر ڏينهن اسان کي پنهنجي امڙ جو ڌيان رکڻ، خدمت ڪرڻ ۽ سندس دعائون وٺڻ جو آهي پر سڄي دنيا اڄوڪي ڏينهن کي ڀيٽا طور ماء جو ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي. اڄوڪي ڏينهن جتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ ماء کي ڀيٽا جو ڏينهن آهي ته ساڳي ئي وقت پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ جو به آهي.

    ڪائنات جا ڪروڙين رنگ آهن پر انهن ڪروڙين رنگن جو هڪ ئي اهو روپ آهي جنهن کي ”ماءُ“ چيو وڃي ٿو. سارنگ منير ڪٿي لکيو هو ته ماءُ هڪ اها ڇپر آهي جنهن هيٺان دنيا جا سمورا درد دور ٿي وڃن ٿا، هر مصيبت موٽي وڃي ٿي، هر پريشاني پويان پير ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪروڙين ڏک پلن ٿا پر دنيا ۾ لکين مصيبتن جا دروازا کليل آهن، دنيا ۾ هزارين پريشانيون آهن پر انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين جو حل هڪ ماءُ جي دعا آهي. جيڪا فرش کان عرش تي پهچائي سگهي ٿي. اها ماء جي هنج ئي آهي جيڪا زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي.

    اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. ماءُ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو سڌو جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مان ننڍي هوندي مختف گاڏين جي پويان لکيل هڪ جملي کي ڄڻ ته پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي اهو جملو ڄڻ ته ڪُل ڪائنات آهي “ماء جي دعا ، جنت جي هوا.” حضرت امام حسين عه جو قول آهي ته”جـڏهن به اوهانکي فرصت ملي ته پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ويهندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته ماءُ سان گڏ گذاريل هر پل، قيامت جي ڏينهن اوهان جي نجات جو سبب بڻبو.” دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍو ته اها زندگي ئي نه رهندي ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان هلندي آهي. ماءُ زندگي جي اونداهي راهن ۾ روشنيءَ جو مينار آهي. ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنجو ڪو به نعم البدل ناهي. اها ئي ماء ئي آهي جيڪا سڀڪجهه سر تي سهڻ ۽ هر شيءِ کي وسارڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، پر ٻچي مٿان ڪک نه سهندي! چون ٿا ته لوليء جي شروعات به ماء ڪئي هئي، پنهنجي پياري ٻچڙي کي جهولي ۾ جهولي ۽ ان کي دعائون ڏيندي ۽ جهونگاريندي ننڊ ڪرائڻ.

    ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ ڪا آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک، سختيون، اهنج سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري۔ مون لاء هر ڏينهن ماء جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته سدائين مونسان منهنجي مٺڙي امڙ جو يادون ۽ دعائون جو گڏ هونديون آهن. اهي ماڻهو جن جون امڙيون زندهه آهن ۽ هنن لاء دعا گهرن ٿيون انهن جي زندگي ڄڻ ته ڪو جنت جو جهونڪو آهي. پڇي ڏسو انهن کان زندگيء جون گهڙيون ۽ انهن جا ويران گهر جن وٽ امڙين جو پيار ۽ دعائون ناهن. مشهور واقعو آهي ته الله جي نبي حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار طورسينا جبل تي حضرت موسى عه کي چيو ته اي موسى عه هاڻ هن جبل تي پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ماءُ جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي.

    افسوس جو اڄ به اهڙا ڪٺور دل انسان موجود آهن جيڪي هن عظيم هستيء کي عورت سمجهي سندس تعظيم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ معاشري جي عجيب ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پاسداري ڪندي ماء کي ستائن ٿا ۽ ڏک ڏين ٿا. ماء اهڙين سختين باوجود به پنهنجي جگر جي ٽڪري کي بد دعا نه ٿي ڏئي ۽ سندس آسانين ۽ سک لاء رب جي بارگاهه ۾ هر وقت جهولي جهليو بيٺي آهي. پر ياد رکو ماء جي بد دعا آسمان کي لرزائي ڇڏيندي آهي، پياري رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته “ماءُ جي بد دعا کان بچو ڇو جو خدا ۽ ماءُ جي دعا جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي ۽ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو”.

    اچو ته اهو عهد ڪيون ته اسان پنهنجي حقيقي ماء ۽ ڌرتي ماء سان گڏ هر عورت جي عزت، تعظيم ۽ وقار کي بلند ڪنداسين. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان پنهنجي پهرين درسگاهه، پهرين پينگهه، پهرين جهولي، پهرين پيار ، پهرين لولِي، پهرين چُمي، پهرين ڀاڪر ۽ پهرين تربيت گاهه جي لاج رکندي سندس قدم چميون ۽ کيس سلام پيش ڪيون.


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 مئي 2014
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    ادا سليمان وساڻ صاحٻ اسلام عليڪم۔پنهنجي ڏاهپ جي خزاني ۾ ماء جي عظمت کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء هڪ خوبصورت ۽ چنڊ کان وڌيڪ روشن موتي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ تي اوهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
    ماء جهڙي عظيم هستي جي باري ۾ ڇا لکي لکجي۔اسان وٽ ته اهو الفاظ ئي ڪونه آهن جو ان انمول رشتي جي واکڻ ۾ ڪجه لکي سگهون۔ڊاڪٽر برناڊ شاه،هڪ دفعو عوام کي خطاب ڪندي چيئو ته،اوهان مون کي هڪ سٺي ماء ڏيو ،مان توهان کي بهترين معاشري جي ضمانت ڏينديس۔

    اسان جي صاحبزاده بلال مصطفي 10 سال عمر،پنهنجي والده کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء انگريزي زبان ۾ ڪجھ لائينون لکيون آهن۔اهي اوهانجي نظر:-


    The first word I spoke was mother
    Your love had made me feel like a prince
    I always complained,I always asked for things.
    But you never Complained,you always wiped our tears
    you always sacrifies for us,,
    You never ate a single bread with out us
    I love you mom.And I always will

    Bilal Mustafa
    ترجمو:_
    پهريون الفاظ جيڪو مون ڳالهايو هو،اهو "ماء" هو۔
    تنهنجي پيار مون کي ٺاهيو ته محسوس ڪيان پاڻ کي شهزادو۔
    مان هميشه شڪايت ڪندو هوئس،مان هميشه شين لاء چوندو هوئس
    تو هميشه اسان جا ڳوڙها آگهيا،تو هميشه اسان لاء قرباني ڏني
    تو ڪڏهن نه کاڌي هڪ به ماني اسان کانسواء
    مان توسان پيار ٿو ڪيان ماء،۽ هميشه ڪندو رهندس
    _________________________________


    Mom loves me so much
    And she has been preparing us well for the best future
    She takes me to the bus stop
    to send me to school,
    There is paradise under her feet,
    Those who don't respect their mother,
    ALLAH will punish them on Doom s day

    .Bilal Mustafa
    ترجمو:-
    مما اسان کي ڏاڍو پيار ڪندي آهي
    ۽ هو اسان کي چڳي طرح تيار ڪندي آهي سٺي مستقبل جي لاء
    هوء اسان کي بس اسٽاپ تي وٺي ايندي آهي،اسڪول موڪلڻ جي لاء
    ماء جي پيرن جي هيٺان جنت آهي۔
    اهئي جيڪي پنهنجي ماء جي عزت نه ڪندا آهن
    الله پاڪ انهن کي سزا ڏيندو فيصلي / قيامت واري ڏينهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    سائين غلام مصطفى صاحب مهربانيون

    اوهان جي فرزند جون لکيل سٽون سچ ته ماء کي سهڻي ڀيٽا آهي ۔۔۔۔ شال مائرن جو سايو سدائين اسان جي سرن تي دائم ۽ قائم رهي۔

    هي مضمون محترم صفدر وڳڻ جي مهربانين سان اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ پڻ ڇپيو آهي۔

    [​IMG]

    ممتا سان محبت جو اظهار هي به آهي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    جڏهن به ما تي ڪجهه لکانٿو يا سوچيانٿو ته اکيون آليون ٿيو وڃن ۽ نڙي ڀرجيو وڃي، انڪري وري ڪجهه دير لا لکڻ ملتوي ڪرڻو پوي ٿو۔ ما جي لا ڪو سمنڊ مس جو هجي ۽ ڪو جهنگ قلمن جو انجي عظمت، پيار، ايثار ۽ قرباني کي ڳائجي، باقي پنهنجي وس جي ڳالهه ناهي ۔۔۔ اوهان دوستن تمام سٺي ڀيٽا ڏني آهي، خاص ڪري بلال مصطفى۔

    الله تعالا امڙن کي سلامت رکي ۽ جيڪي فوت ٿي ويون آهن انهن کي جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    مهربانيون سائين

    ماء جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔۔ جڏهن ڪا پريشاني هوندي آهي يا بيمار هوندو آهيان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته امڙ کي خبر نه پوي۔ ڪٿي هو به پريشان نه ٿي پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هوء الئي ڪيئن سمجهي ويندي آهي ۽ اکين ۽ چهري کي ڄڻ ته پڙهي وٺندي آهي ۽ چوندي آهي پٽ تون اڄ خوش ناهين ۔۔۔۔

    ماء کي سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي

    ادا سليمان وساڻ ۽ سائين منهنجا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا بلال مصطفي پنهنجي ٻنهي ڏاهن چاچن کي ادب سان ڏاڍيون مهربانيون ٿو چوي جو اوهان هنجي ٽٽل ڦٽل ماء جي تعريف وارن الفاظن کي پسند ڪري هن جي همٿ افزائي ڪئي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مائرن جي عالمي ڏينهن تي سڀني امڙين کي سلام ۔۔۔۔۔​
    هڪ عورت، ٻچن خاطر پنهنجي شخصيت ۽ دلچسپين جي قرباني ڏيئي اهڙي ڪامياب ماءُ ۽ ڪامياب عورت بڻجي سگهي ٿي، جنهن تي ماڻهو ۽ سندس ٻچا فخر ڪري سگهن ٿا. (رضوانه)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    شفيق، مهربان جنهن جو ڪو به نعملبدل ڪون آهي ان ماء هستيء کي سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    منهنجي امڙ مون کان ڏور پرديس ۾ آهي، پر سندس دعائون هميشه مون سان گڏ هونديون
    آهن جن کي آء پل پل محسوس ڪندو آهيان.
    امڙ تو کي سلام.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
     
  13. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.
    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.

    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي، آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.​

    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.


    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي،
    آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.​

    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.


    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي،
    آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اَي وڏي مان مرتبي ۽ عظيم حِڪمتَ وارا ربّ ڪريم،
    د نيا جي سڀني جيجل مـائِـرن کي هــمـيشه سـلامــت رک ته جيئن هميشه جنت اسان جي ويجهو رهي بلڪل اولاد جي دِ لـــيُـــن ۾، ڌرتيءَ جي هر حصي مان ماءُ جي ممتا جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ اچي.
    جيئن گهر ۾ امڙ جي هر سَڏ ۽ سندس مُـرڪَـ تي محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ ڪائنات خوشبوءِ ۾ واسجي ويئي آهي ۽ رب عظيم، انسان مان مايوس ناهي ٿــيو.
    شال هميشه امڙيون سلامت رهن، آمـــــــين.
    اَي جـــــــيجـــــــل امـــــــان توکي منهنجو پــيــار ڀــريــو ســــــــلام، شال تنهنجو شفقت ڀريو سايو هميشه اسان مٿان قائِم رهي،
    آمــــيـــن.
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
    دنيا جي سڀني جـــيجـــل مائرن کي منهنجو پيار ڀــريو ســـلام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 مئي 2014
  17. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بھترين ليک بھترين موضوع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو