سنڌ جو عوام ڇا پيو سوچي اليڪشن ۾ ڪنهن کي آڻجي عمران هن جي اچڻ سان فحاشي جو نه کٽندڙ طوفان اچي ويندو پ پ پ هي سنڌ لا هڪ ڪم سٺو ڪري ڏه خراب ڪم ڪري ٿي ڇڏي نواز هي هڪ پنجاب جو فاشسٽ بندو ۽ ڌر آهي هن سان ته سنڌي عوام تباه برباد ٿي ويندو ڪجه قوم پرست ڌريو ها هي هڪ سٺو سنوڻ آهي پر اهي به جيڪڏهن نواز جيهڙي رجعت پرست سان ٺاه ڪيون ويٺا هوندا ته سنڌي عوام پوري قوم هنن کان پو مايوس رهندي ڪو ٻيو فيصلو ڪندي
جواب: ڪنهن کي چونڊجي اليڪشن ۾ قوم ڪو ٻيو فيصلو ڪون ڪندي ۽ وري به پ پ ۽ مسلم ليگ کي ئي ووٽ ملندا، ڇاڪاڻ سنڌ جو وڏيرو جاگيردار انهن پارٽين جو نمائيندو آهي ۽ اسانجو هاري ناري انهن جو غلام ۔۔۔۔ باقي قومپرستن کي ممڪن ڪا شهري سيٽ ملي وڃي ۽ قومپرستن کي به تڏهن ملندي جو هو اتحاد ۽ ايڪي سان قومي سڄڻائپ سان اڳتي وڌن ۔۔۔۔ باقي في الوقت ته ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي
جواب: ڪنهن کي چونڊجي اليڪشن ۾ بلڪل نثار صاحب اها حقيقت آهي ته اسا جي قوم جو هر فرد پنهنجي تر جي هڪ اثر رسوخ رکندڙ وڏيري وٽ يرغمال آهي، اهي وڏيرا انهن سردارن جا چمچا آهن جيڪي کين اقتدار ۾ اچي فائدو ڏين ٿا، ۽ وڏيرن وٽ يرغمال اسان جهڙا وري به اهڙي جا اهڙا، ۽ ڪٿي ڪو تبديلي پسند اڳيان آيو ته به اسان جي اها ئي سوچ ته اهو اڪيلو ايوانن ۾ وڃي ڇا ڪندو واري سوچ به اسان کي گهاڻي جو اٺ ٺاهي ڇڏيو آهي