نثارابڙو
نائب منتظم
~~DRINK WATER ON EMPTY STOMACH~~
انگريزي ليک تان ورتل
نثارابڙو
13 مئي 2012
**********
نيراني حيانءَ ۽ خالي پيٽ سان پاڻي پيئو
اڄڪلهه جاپان ۾ اهو عام آهي ته صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان ئي خالي پيٽ تي پاڻي پيتو وڃي، وڌيڪ سائنسي تجربن پڻ انجي اهميت کي ثابت ڪيو آهي. هيٺ پاڻي پيئڻ جا ڪجهه فائدا ۽ اصول بيان ڪجن ٿا. پراڻين هاڃيڪار يا نئين قسم جي بيمارين ۾ پڻ جاپاني طبي تنظيم پاڻي پيئڻ کي هيٺ ڏنل بيمارين ۾ 100 فيصد ڪامياب علاج ٻڌايو آهي.
مٿي جو سور، جسم جو سور، دلي نظام، رڳون، دل جي تيز ڌڙڪ، دماغي نظام، چرٻيءَ جي واڌ، ساهه جي بيماري، ٽي بي، وچڙندڙ بيمارين، پتي ۽ پيشاب جي بيمارين، الٽي، وائي بادي، بواسير، مٺا پيشاب، اکين جون بيماريون، ڪينسر، قبض، عورتن جي ماهواري ۾ مشڪلاتون، نڪ ڪن ۽ ڳلي جي بيماريون. سنڌن جو سور وغيره وغيره
پاڻيءِ سان علاج جو طريقو؛
1. جيئن ئي صبح جو ننڊ مان اٿو ته برش ڪرڻ کان پهريان 4x 160 ملي لٽر گلاس پاڻي پيئو.
2. برش ڪريو ۽ وات صاف ڪريو پر 45 منٽن ته ڪجهه ٻيو نه کائو نه پيئو.
3. 45 منٽن کانپوءِ معمول مطابق کائو ۽ پيئو.
4. ناشتي، منجهند يا رات جي ماني کائڻ جي 15 منٽن کانپوءِ 2 ڪلاڪن تائين ٻيو ڪجهه به نه کائو نه پيئو.
5. جيڪي بيمار يا پوڙها آهن يا جيڪي 4 گلاس پاڻيءَ جا هڪمنو پي نٿا سگهن ته اهي ٿوري پاڻيءَ کان شروع ڪري عادت وجهن ۽ آهستي آهستي پاڻيءَ جو مقدار وڌائندي 4 گلاسن تائين آڻن.
6. مٿئين ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان اوهان ڪيترين ئي بيمارين تي قابض ٿيڻ شروع ڪندا ۽ صحت جي نعمت سان مالامال ٿيندا.
هيٺ ڏنل فهرست ٻڌائي ٿي ته ڪيتري وقت ۾ اوهان ڪيترين بيمارين کي، ختم، گهٽائي يا مڪمل قابض ٿي سگهوٿا.
1. فشار الدم (High Blood Pressure هاءِ بلڊ پريشر) رت جو دورو .... 30 ڏينهن
2. وائي بادي (Gastric گئسٽرڪ) ..... 10 ڏينهن
3. مٺا پيشاب ( Diabetes ڊائبٽيز) .... 30 ڏينهن
4. قبض (Constipation) ... 10 ڏينهن
5. ڪيئنسر (Cancer) .... 180 ڏينهن
6. ٽي بي يا سلهه (TB) ... 90 ڏينهن
7. سنڌن جي سور (Arthritis patients) جا مريض ان پاڻي پيئڻ واري علاج کي پهرين هفتي ۾ 3 دفعا ۽ ٻي هفتي کان روزانه جي حساب سان ڪري سگهنٿا.
هن طريقي جي علاج سان ممڪن اوهانکي پيشاب گهڻا ٿيندا پر ڪي به نقصان ناهن، سٺو اهو ٿيندو ته اسين ان کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول ڪري ڇڏيون ته جيئن صحتمند ۽ توانا رهون.
جاپاڻي ۽ چيني ماڻهون، پنهنجي کاڌي کانپوءِ گرم سائي چانهن پيئن ٿا ۽ ٿڌي پاڻيءَ کان پرهيز ڪنٿا، اسين به اها عادت وجهي پاڻ کي ڪيترين بيمارين کان بچائي سگهونٿا، هن سان ڪو نقصان ته ناهي بلڪ فائدو ئي فائدو آهي.
اهي ماڻهون جيڪي ٿڌو پاڻي پيئڻ پسند ڪندا آهن، ته پوءِ هي نصيحت اوهان لاءِ آهي ته کاڌي کائڻ کانپوءِ ٿڌو پاڻي سٺو لڳندو آهي پر اهو ياد رکو! ته ؛ ” ٿڌو پاڻي کاڌي ۾ موجود سڻڀ يا تيل کي ٿڌو ڪري سخت ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ حاضمي کي سست ڪري ڇڏيندو آهي،
۽ اهو ڄميل تيل يا سڻڀ جڏهن تيزابيت سان ملندو آهي ته پگهرجي آنڊي ۾ هليو ويندو آهي، ۽ وڃي چرٻيءَ جي صورت اختيار ڪندو آهي، جنهن سان ڪيئنسر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. انڪري کاڌي کائڻ کانپوءِ ڪو گرم سوپ يا گرم پاڻياٺ پيئڻ سٺو سوڻ ٿيندو.
دل جي دوري بابت ڪجهه اهم ڳالهيون؛
• خاص ڪري عورتن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته هر دل جي دوري جا آثار اهي ناهن ته کٻي ٻانهن ۾ سور پوي.
• پنهنجي ڳياڙيءَ pain in the jaw line ۾ پوندڙ سور کان به خبردار رهو اهو به دل جي دوري جو هڪ آثار آهي.
• ائين به ٿي سگهي ٿو ته دل جي دوري جو سور سڀ کان اڳ سيني ۾ نه اڀري
• الٽيون يا پگهر نڪرڻ پڻ دل جي دوري جا آثار هوندا آهن
• 60 فيصد اهڙا ماڻهون هوندا آهن جن کي ننڊ ۾ ئي دل جو دورو پوندو آهي ۽ هو جاڳي به نه سگهندا آهن.
• ڳياڙيءَ جو سور، گهري ننڊ مان اٿاري وجهندو آهي، انڪري احتياط ڪريو ۽ خبردار رهو، جيتري خبرداري رکبي اوترو ئي جلد پاڻ کي بچائي سگهڻ جو ڪو حل نڪري سگهندو.
پاڻ ۽ پنهنجن عزيزن، دوستن، رشتيدارن جي مدد ڪريو ۽ هي ليک کين پڙهايو، ممڪن ڪنهن هڪ کي به فائدو پهتو ته سمجهو اوهانجي چڱائي وڌي وڻ ٿي.