انٽرنيٽ تي ويبسائيٽن ۽ بلاگن جي دنيا ۾ منهنجو ٺهيل هي ننڍڙو بلاگ ضرور ڏسندا جنهن جو ٽائٽل مان "سنڌي ناليج(معلومات)" رکيو آهي۔ ڇاڪاڻ ته اڄ جي هن دور ۾ سنڌي ويبسائيٽن ۽ سنڌي مواد جي هن سنڌ ڌرتي جي سنڌين کي تمام گهڻي ضرورت آهي۔ جڏهن ته انٽرنيٽ تي سنڌي مواد جي به تمام گهڻي کوٽ آهي۔ انهي ڳاله کي نظر ۾ رکندي اوهان دوستن جي رهنمائي لاءِ گذريل ڪجه ڏينهن کان مان ان بلاگ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ اميد آهي ته مان سنڌين لاءِ سنڌي معلومات گڏ ڪرڻ جي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس۔وڌيڪ معلومات لاءِ منهنجو بلاگ ڏسندا۔ مهرباني بلاگ ڏسڻ لا هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔ سنڌي ناليج ڊاٽ بلاگ اسپاٽ ڊاٽ ڪام يا هي ويب ايڊريس وزٽ ڪريو http://sindhiknowledge.blogspot.com هميشه دعائن ۾ ياد رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت پاران سيد گل محمد شاه راشدي
جواب: منهنجو سنڌي معلومات جو بلاگ سائين بهترين ڪم ڪيو آهي اوهان اوهان جي محنت تي اوهان کي داد ڏجي ٿو۔ سهڻ ڪم ٿيل آهي۔ خاص ڪري مائوس پوائنٽر وارو گُل ته مونکي موهي رهيو آهي۔ اميد ته اڃان به بهتري آڻيندي ان کي سٺي نموني پيش ڪندا۔ هڪ عرض ته ٽي وي چينل ڊائريڪٽ ٿو هلي، اصل ڇرڪ ڪڍي ٿو ڇڏي، ان لاء ڪو پلي جو بٽڻ لڳايو ته بهتر رهندو، جيئن ان کي آن يا آف ڪري سگهجي۔ اوهان دوستن کي سلام آهي جيڪي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهيو۔
جواب: منهنجو سنڌي معلومات جو بلاگ ادا سائين ماشالله اوهان جون ڪمياب محنتون وڏي تعريف جي قابل آهن۔اسان به ادا سليمان وساڻ جي ڳالھ سان متفق آهيون ته سنڌ نيوز ٽي وي چينل،سائيٽ کولڻ سان پاڻ مرادو هلڻ شروع ٿئي ٿو وڃي ۽ هن ۾ پلي يا اسٽاپ جو ڪو به آپشن نه رکيو ويو آهي۔انهي جي ڪري نعت يا موسيقي ٻڌندي نيوز جو آواز ٻه ان م شامل ٿئي ٿو وڃي۔اڃان توهان کي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي هن سائيٽ کي گهڻي معلومات سان ڀرڻ ۾۔بهرحال اوهان کي شاباش هجئي،ايڏو وڏو ڪم ڪرڻ تي۔