• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي، (استاد بخاري)

عرس پريو

سينيئر رڪن
ifncl3.jpg

اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.

هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.

ديس مٿان جنهن سيس سُهايو سا ته سهاڳڻ ٿي،
سون مٿان جنهن سيڻ مَٽايا، نيڻ مَلي ٿي پئي.

پِرهه ڦُٽيءَ سان تارو تارو ڦَٽَجي ڦَهه ٿي پيو،
رات رليءَ کي مات مِلي وئي، بات بَلي ٿي پئي.

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.
استاد بخاري
 
جواب: اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي، (استاد بخاري)

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.


استاد جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔۔ استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو، اوهان سندس لازوال شاعري جي چونڊ کڻي آيا آهيو، اصل دل خوش ٿي وئي۔ استاد جي شاعري هجي ۽ عرس پريو خاموش هجي ڀلا اهو به ڪو ممڪن آهي ڇا؟ سهڻا رنگ
 
جواب: اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي، (استاد بخاري)

ماشاء الله
تمام بهترين ء خوبصورت ونڊ
 
هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.( اُستاد بخاري)


واه سائين واه۔۔۔۔ڏاڍو سُٺو ۽ زبردست ونڊ۔۔۔۔۔ مهربانيون ادل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top