جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، (استاد بخاري)

'استاد بخاري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،

    وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،
    پهرين پهرين ڦڙهي پڙهندين،
    بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون،
    اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون،
    چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.


    تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي،
    تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي،
    مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين!
    دريا خان ۽ دودو ٿيندين!
    گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    وستي وستي واهڻ واهڻ،
    پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ،
    ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي،
    استاد آهي پياري ٻولي،
    ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    استاد بخاري
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، (استاد بخاري)

    استاد جي لولي هجي، امڙ جي سدا هجي ۽ وري جي بيدل مسرور جو آواز هجي ته دل مان واهه واهه نڪري ويندي آهي۔

     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، (استاد بخاري)

    ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ادا استاد بخاري جهڙي هن صدي جي عظيم شاعر جي ديوان مان مٺڙي ٻولي واري شاعري چونڊ ڪري هن محٻتي اڳڻ جي ڪينئوس تي انڊلٺ  وانگر چمڪائي اسان جي دل کي مهت ڪري ڇڏيو اٿو۔ادا سليمان وساڻ جون به مهربانيون جو ساڳئي شاعري جو ويڊيو جيڪو محترم بيدل مسرور سنڌي جي دل ۾ اثر ڪندڙ آواز ۾ هن اڳڻ تي ونڍ ڪيو َآٿئن۔توهان ٻنهي جا تمام گهڻا قرب ۽ مهربانيون۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، (استاد بخاري)

    بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو