بي حس معاشرو ۽ ڳڀي جي ڳولا اڄڪلهه جي دور ۾ خواهشون ايڏيون وڌي ويون آهن جو اهي مجبوريون بڻجي ويون آهن، هر ماڻهو چاهي ٿو اسان وٽ پٿر ، پنا ۽ لوهه هجي ته سڀ ڪجهه آهي نه ته اسان غريب ماڻهن ۾ ڄاڻيا وينداسين ، پٿر مان مراد آهي ته گهر ، پنا مان مراد آهي ته پئسا ۽ لوهه مان مراد آهي ته گاڏي هجي ته اسان وٽ دنيا جون سڀ خواهشون آهن، هاڻ انهن خوشين کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان ڇا نه ٿو ڪري...؟ ايڏي محنت، مزدوري ڪري پورهيت پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ مجبور آهي ، وري نوجوانن کي ڏسجي ته روزگار نه ملڻ تي ڪو به وڏو قدم کڻڻ لاءِ مجبور ٿي پون ٿا. ايسيتائين جو هو پاڻ کي باهه ڏئي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا وري پنهنجي اهڙي عمل سبب حڪمرانن کي پنهنجي طرف ڌيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جو تازو مثال بدين جي هڪ غريب ”جيالي“ رزاق انصاري جو پاڻ کي باهه ڏئي انت آڻڻ آهي. سندن اهڙي عمل سان ان سوچ کي هٿي ملي ٿي مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به رستو اختيار ڪجي چاهي اهو غلط هجي يا درست......!!! معاشري ۾ وڌندڙ بي حسي جي انتها کي هيءَ ڳالهه وائکو ڪري ڇڏي ٿي ته جڏهن حالات جي تنگيءَ کان نڪرڻ ۽ گهر جو چرکو هلائڻ لاءِ تمام رستا بند ٿي وڃن ٿا ته گذر سفر لاءِ 12 ، 13 سالن جي ننڍڙي عمر واري ڇوڪرين کي جسم فروشيءَ جو رستو ڏيکاريو وڃي ٿو . جڏهن مجبوريءَ وارو عمل عادت بڻجي وڃي ٿو ۽ ان جي حوس ڇوڪرين جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي ته اهي اهڙي عمل کان نفرت ڪرڻ بجاءَ ان کي خوشي خوشي پنهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو ڄاڻائيندي ڌنڌي جو نالو ڏين ٿيون. ۽ ان کي پنهنجي گهر وارن جي پيٽ پالڻ جو ذريعو قرار ڏين ٿيون.. ڇا هاڻي اسان جو معاشرو اهڙي سوچ تي قائم آهي. ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ تمام ضروروي آهي ته جيڪڏهن حالات جي تنگي ۽ گهر جو چرخو هلائڻ سنڌ جا نابالغ نوجوان اهڙي سوچ جا مسافر ٿي وڃن ته پوءِ ايندڙ ڪجهه وقت ۾ هي معاشرو اسان جي ايندڙ نسل لاءِ اهڙن ڪڌن ۽ فحاش ڪمن کي عادت بڻائي ڇڏيندو. ۽ جڏهن عادت معاشري جي هجي ته ان مان جان ڇڏائڻ ڪيترو مشڪل آهي، شايد ان جو اندازو ان وقت ئي لڳائي سگهجي ٿو. معاشري کي اهڙي ڀٽڪيل ۽ اونداهي جي رستي ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ معاشري جي ئي ڪجهه باشعور نوجوانن کي گڏ ٿي احد ڪرڻو پوندو ته هو نوجوان نسل م وڌندڙ مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪن ته جيئن هن بي حس معاشري کي اڃا وڌيڪ گندو ٿيڻ کان بچائجي. ان لاءِ سڀ کان پهريان نوجوان نسل جي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ کين اهو ٻڌائڻو پوندو ته زندگيءَ جي مسئلن جو حل آپگهات نه آهي، چاهي اها زندگيءَ جي آپگهات هجي يا عزت جي آپگهات هجي. زندگي کي گذارڻ لاءِ ٻيا کوڙ سارا رستا آهن. جيڪڏهن اسان جي هڪڙي ڪاوش سان هڪڙو فرد سندس سوچ تبديل ڪري سڌي رستي تي هلي پوي ته ان سان هڪ خاندان جي زندگيءَ جون رونقون موٽي اينديون. اهڙي طرح جيڪڏهن هڪ فرد جي وجهه سان هڪ خاندان ۾ سڌارو اچي سگهي ٿو ته هڪ خاندان جي سڌاري سبب معاشري ۾ به سڌارو آڻي سگهجي ٿو. ان سموري عمل ۾ يقيني طور وقت گهربل هوندو پر معاشري کي لڳل هيءَ فحاشت ۽ غلط رستن جي اڏوهيءَ مان گهڻي حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ليک: حنا شيخ ۔
جواب: بي حس معاشرو ۽ ڳڀي جي ڳولا ادي حنا شيخ جو لکيل هي مضمون سٺو لڳو واقعي انسان خواهشن ۽ ڪڏهن ڪڏهن مجبورين جي ڄار ۾ ڦاسي الائي ڪهڙا فيصلا ڪري ويهي ٿو۔ پر آپگهات ۽ خودڪشي وارو فيصلو انتها درجي جو فيصلو آهي جنهن ذريعي مان سمجهان ٿو ته نجات ته ڪانه ٿي ملي پر پنهنجي چاهيندڙن ۽ پونيرن وڌيڪ ڏک ۽ سور پهچن ٿا۔ معاشري ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون موجود آهن ، انهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي نه ڪي بيوس ٿي پنهنجو انت آڻجي۔ مان سمجهان ٿو ته وقت جون حڪومتون پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پوريون آهن پر ان جو مقصد جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجو انت آڻجي؟ اوهان جي جذبات ۽ احساسات کي سمجهي سگهجيٿو۔ اوهان هڪ حساس مسئلي تي قلم کنيو آهي۔
جواب: بي حس معاشرو ۽ ڳڀي جي ڳولا سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا ڍَوَ بنا ڍوليا ساڃهه ناهي سونهن جي شيخ اياز