[JUSTIFY]محمد عيسيٰ ڀٽو گذريل هفتي مون پنهنجي ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف لاهور ۾ هڪ اسٽڊي سرڪل ڪري ورتو آهي جتي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ويهاري انهن کي عدليا جي احترام متعلق ليڪچر ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ان ليڪچر پوري ٿيڻ کان پوءِ هاڻي معلوم ٿيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن رائونڊ ۾ هڪ اعليٰ قسم جي درسگاهه تعمير ڪرائي ورتي آهي جتي سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي گهرائي انهن کي اخلاقيات جي مطعلق درس ديڻ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ان اخلاقيات جي درس پوري ٿيڻ کان پوءِ اتي ٻيو هڪ مدرسو به قائم ڪيو پيو وڃي جتي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي ويهاري صرف اصولي سياست ڪرڻ جا سبق ياد ڪرايا ويندا. اتي هڪ بورڊ به لڳايو ويو آهي ته پهريون اچو ۽ پهريون حاصل ڪيو جي بنياد تي داخلا جاري آهي ۽ وقت به محدود آهي. مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ عدليا جو ڪيترو احترام ڪيو آهي يا اخلاقيات ۽ اصولي سياست تي ڪيترو عمل ڪيو آهي جيڪڏهن ان جو غيرجانبداري سان جائزو وٺجي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جو ماضي ان متعلق انتهائي داغدار نظر اچي ٿو جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪٿي به اهڙو مثال نٿو ملي ته ڪنهن سياسي جماعت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ججن کي ڪورٽ رومس مان ڀڄائي ڪڍڻ تي مجبور ڪيو هجي ۽ پنهنجي حڪومت کي بچائڻ خاطر ججن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجي مرضي جي عدالت قائم ڪرائي هجي، ملڪي تاريخ ۾ جيڪڏهن اهو مثال قائم ڪيو آهي ته ان جو ڪريڊٽ به نواز شريف ۽ ان جي پارٽي مسلم ليگ (ن) ڏانهن وڃي ٿو. هن وقت مسلم ليگ (ن) پاران جنهن طريقي سان اخلاقيات جو ڍنڍورو پٽيو پيو وڃي ته ان اخلاقيات جو حال هي آهي ته ميان برادران مديني پاڪ ۾ ويهي مسلسل پنجن سالن تائين قوم سان ڪوڙ ڳالهائدا رهيا ته هنن مشرف سان ڪوبه اهڙو معاهدو نه ڪيو آهي جنهن سان مسلم ليگ (ن) کي منصوب ڪيو پيو وڃي پر جڏهن اهو معاهدو منظرعام تي آيو ته هي ڀوتار ان کان انڪار نه ڪري سگهيا ۽ صرف ايترو فرمايائون ته معاهدو صرف پنجن سالن تائن جو ٿيل هو. هاڻي اچون ٿا مسلم ليگ (ن) جي ان اصولي سياست ڏانهن جيڪي پنهنجي عمراني معاهدي تحت جلاوطني دوران اهو چوندا رهيا ته مشرف جي ڪنهن به ساٿي سان هو هٿ نه ملائيدا، پر ملڪ جي بي رحم سياسي شطرنج مسلم ليگ (ن) کي ايترو ته مجبور ڪيو جو هنن پنهنجا سڀ اصول ۽ آدرش دفن ڪري مشرف جي انهن ساٿارين کي پاڻ سان گڏ کنيو جيڪي 8 سالن تائين ميڊيا تي ويهي مسلم ليگ (ن) جي قيادت خلاف زهر اوڳاڇيندا رهيا، ماروي ميمڻ کان وٺي هم خيال گروپ تائين سڀ جو سڀ مشرف جي ڪابينا جا اهم مهرا هئا جيڪي هاڻي مسلم ليگ (ن) جي پارٽي جي زينت بڻجي چڪا آهن. اسان پنهنجي سياسي پارٽين جو حال ڏسي انهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهون ٿا ته ڪنهن به سياسي جماعت کي ملڪي بقاءَ جو ڪو به فقر ناهي جيڪڏهن فقر اٿن ته صرف پنهنجي پارٽي ۽ سياسي مستقبل جو ۽ هو سدائين ان تاڙ ۾ هوندا آهن ته ڪٿان ڪو بحران جنم وٺي ته هو ان جو فائدو وٺي چور وراوازي مان اقتدار حاصل ڪري وٺن. ملڪ جا داخلي ۽ خارجي مسئلا ڪهڙا آهن ۽ عام ماڻهو ڇاٿو چاهي ڪنهن کي ڪا به غرض ناهي ۽ اتي ويهي سياستدان پنهنجي مطلب جي پورائي لاءِ اخلاقيات جا سبق ڏيندا هجن ته ملڪ ۾ ڇاٿو وڃي بچي. جڏهن غير ملڪي تجزي نگار پاڪستان جي سياسي صورتحال کي ڏسي ٽوڪ ۽ مشڪري واري انداز ۾ تبصرو ڪندي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ چوندا رهندا آهن ته دنيا جي نقشي تي موجود پاڪستان هڪ اهڙو عجيب و غريب ملڪ آهي جتي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ، پيڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي بنيادي صحولتن جي کوٽ، عام ماڻهو لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند، ملڪ ۾ بار بار مارشلائن پاران اقتدار تي قابض ٿيڻ، پي سي او تحت ججن جون مقرريون ڪرڻ ۽ پوءِ عدالتن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻ، وڏيرن، خانن، سردارن، چوڌرين، مخدومن ۽ شهر جي داداگيرن کي ملائي عوام جي مرضي خلاف پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ، ملڪي عدالتن ۾ انصاف جو فقدان، عدالتي فيصلن تي ٺٺوليون ڪرڻ وارو رجهان، عدالتن پاران پسند نا پسند تي فيصلا جاري ڪرڻ، عدالتي نظام ۾ خامين ۽ ڪمزورين جون شڪايتون عام ٿيڻ، ماڻهو جي عمر گذري وڃي پر فيصلن جو اڪلاءُ نه ٿيڻ، عدالتن پاران هڪ طرفي ڪاروائي جو داغ کڻڻ، ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي عدالت ۾ گسيٽڻ، چونڊيل صدرمملڪت جي سر عام ڪردارڪشي ڪرڻ، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سياستدانن جو پاڻ ۾ وڙهڻ، قاتلن ۽ دهشتگردن سان مفاهمت ڪري سياسي سماج کي هڪ انڌي کوهه ۾ ڌڪي اڇلائڻ، ڪرپشن کي عام ڪرڻ، ملڪي قومي ادارن جو هڪ ٻئي تي عدم اعتماد ظاهر ڪرڻ، ملڪي آئيني ادارن جو پاڻ ۾ وڙهڻ، هڪ ٻئي جون آئيني حدون اورانگهڻ، ملڪي مفادن بجاءِ پنهنجي ذاتي مفادن جو تحفظ ڪرڻ، دولت ڪٺو ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ، زخيره اندوزي ڪري شين جي کوٽ پيدا ڪرڻ، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ، اسلام جي نالي تي کلون ۽ چندا گڏ ڪري پيسه هڙپ ڪرڻ، بيگناهه ماڻهن کي مارائڻ، جهاد جي نالي تي خود ڪش حملا ڪرڻ، ڪيئي فرقا ٺاهي الله جي نالي تي گهر بنائڻ، مسجدون پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ، عالم سڳورن جو هڪ ٻئي پٺيان نماز نه پڙهن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ اسلحو لڪائڻ، رياستي ليول تي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ، سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ، وياج وٺي حرام کائڻ، مقروهه طريقي سان ناجائز دولت ڪمائڻ، هيروئن ۽ شراب جو وافر مقدار ۾ استعمال ڪرڻ، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي سرپرستي ۾ وڏي پيماني تي ڏوهه ڪرائڻ، سيڪيورٽي ادارن پاران ماڻهو گم ڪري مارڻ، غيرقانوني هٿيارن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو ڪاروبار ڪرڻ، بينڪن کان قرضو وٺي ڦٻائي وڃڻ، غريبن کان ووٽ وٺي انهن کي ڌڪا ڏئي تڙڻ، ووٽ وٺي وري انهن وٽ لڙي نه وڃڻ، غريبن جي ووٽن ذريعي ايوانن ۾ پهچڻ ۽ پوءِ پنهنجي مرضي جون پاليسيون جوڙڻ، غريبن کان اٽي لٽي ۽ اجهي جي نالي تي ووٽ وٺي انهن سان دوکو ڪرڻ، غريبن کان ووٽ وٺي پنهنجي بنگلن جي چوڌاري ريڊزون قائم ڪري عام ماڻهو لاءِ هميشه پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏڻ، روزگار گهرڻ وارن تي پوليس کان لٺيون وسرائڻ، وري انهن کي ڏٽا پوزيون ڏئي پنهنجي جلسي گاهه تائين آڻڻ، سياسي شطرنج ۾ اول پاڻ کي صاف سٿرو ۽ ٻئي کان مٿاهو سمجهڻ، گار گند وسيلي هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ، وفاقي توڙي صوبائي وزيرن جو ميڊيا تي اچي ڪوڙ ڳلهائڻ، ميڊيا تي ويهي ڪنهن ڇتي جانور وانگر پاڻ ۾ وڙهڻ، ٽاڪ شوز جي نالي تي سياستدانن کي ڪڪڙن وانگر ويڙهائڻ، آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا جي نالي تي هڪ مخصوص لابي ۽ تعصب پرستي تي ٻڌل ميڊيا گروپ پاران غلط ۽ هڪ طرفي رپورٽنگ ڪري ماڻهن ۾ نفرتن جو ٻج پيدا ڪرڻ، پسند ۽ ناپسن تي پروگرام هلائي پنهنجي مخالفن جو ميڊيا ٽرائل ڪري ڏوڪڙ ڪمائڻ، صحافت جي نالي تي بليڪ ميل ڪري ڀاري رقمون حاصل ڪرڻ، آئي ڏينهن پيشاور صحافين کي مار ڪٽ ڪري پنهنجي مرضي موجب رپوٽو شايع ڪرائڻ، آفيسر شاهي جو اڃا تائين ڏاڍ تي قاائم رهڻ، مزدور يونين جي نالي تي پورهيتن کي غلام بنائڻ، سرمائيدارن ۽ انتظاميا سان سودي بازي ڪري صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ، ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ، آئي ڏينهن عورتن کي ڪاري ڪري مارڻ، عورتن جي چهرن تي تيزاب هاري انهن تي تشدد ڪرڻ، سس ۽ ننهن جي جهگڙي ۾ عورتن کي باهه ڏئي ساڙڻ، عورتن ۽ ٻارن کي نجي جيلن ۾ قيد ڪري انهن کان جبري پورهيو ڪرائڻ، سرعام پرايون ڇوڪريون کڻي انهن سان نڪاح ڪرڻ، جرگن وسيلي رقم وٺي فيصلا ٻڌائڻ، راهه ويندڙن کان پيسه ۽ موبائليون کسڻ، ڪار ۽ موٽر سائڪليون ڦرڻ، پاڻي جي واري تان هڪ ٻئي جا ڏهه ڏهه خون ڪرڻ، قبائلي جهيڙا ڪرائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ، سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪرڻ، شهرين کان زبردستي ڀتو وٺڻ، ڪاروباري ماڻهن کان زبردستي ڀتو اڳاڙڻ، بندوق جي زور تي پنهنجي مرضي سان ٺپا هڻي چونڊون کٽڻ، سياست جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪرڻ، سياسي تنقيد بدران هڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ، پيسه وٺي سرڪاري نوڪريون کپائڻ، هر هڪ عهدي جي قيمت مقرر ڪرڻ، قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي ميمبرن جو خريد و فروخت ٿيڻ، وفاقي توڙي صوبائي وزارتن جو الڳ الڳ اگهه مقرر ٿيڻ، سينيٽ ۾ پهچڻ لاءِ صوبائي ميمبرن کي قيمت ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ، وغيره جهڙيون انيڪ نيڪ ناميون اسان جي معاشري جو حصو بڻجي چڪيون آهن جن سببن ڪري دنيا اسان تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪري رهي آهي ۽ اتي اسان جا سياستدان اخلاقيات جو درس ڏئي رهيا آهن جيڪو عجيب ٿو لڳي. meb_110@yahoo.com [/JUSTIFY]