شهيد الله بخش سومرو : سنڌ ڌرتيء جو هڪ امر ڪردار
محمد سليمان وساڻ
سنڌ سلامت جو سٿ سنڌ جي پهرين وزيراعظم ، باڪردار سياستدان ۽ امر اڳواٍڻ شهيد الله بخش سومرو جي ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي کيس سرخ سلام پيش ڪري ٿو۔
سنڌ جي پهرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جو تعلق سنڌ ڌرتيء جي ان مشهور سومرا خاندان سان هو، جنهن ڪيترن سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ اڄ تائين اهو خاندان سياست ۾ موجود آهي. شهيد الله بخش سنڌ جي سچي قومپرست هجڻ جا اهڙا ته نقش ڇڏيا جو سندس مخالف به کيس مڃيندا رهيا. شهيد الله بخش سومرو 31 آگسٽ 1900ع تي شڪارپور شهر ۾ محمد عمر سومرو جي گهر ۾ جم ورتو، انهيءَ ئي شهر ۾ تعليم ورتائين، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي والد جي ٺيڪيداريءَ واري ڪمن ۾ ان جي مدد ۽ زمينداري جي ڪم کي ڏسندو رهيو. پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج واري دور ۾ ئي ذهين هو، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ذهانت ڏيکارڻ سان گڏوگڏ سماجي اٿ ويهه ۾ به اڳ کان اڳرو رهيو.
سماجي ڪمن ۽ عوامي مسئلن جي سلجهاء لاء هو سياست ۾ آيو ۽ پهريون ڀيرو 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جو ميمبر ٿيو، جنهن کانپوءِ هو 1928ع ۾ سکر ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ 1930ع ۾ وري لوڪل بورڊ جو صدر ٿي ويو. 9331ع ۾ شهيد الله بخش سومرو کي بهتر عوامي خدمتن عيوض ان وقت جي انگريز سرڪار پاران (Order of the British Empire OB.E) جي خطاب سان نوازيو ويو. 1936ع ۾ جڏهن اتحاد پارٽي قائم ٿي ته الله بخش سومرو ان ۾ شامل ٿي ويو ۽ 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون جن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ 1938ع ۾ شهيد الله بخش سنڌ جو پهريون وزيراعظم چونڊجي آيو. سندس پهرين پارٽي پاليسي بيان ۾ هيٺيان اهم نقطا شامل هئا:
1. ملڪي انتظام کي قوم پرست بنيادن تي هلايو ويندو.
2. سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي ان ڪري لوئر بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوام مفاد پورا ٿين.
3. اتر سنڌ روهڙي ڊويزن جا واهه سڌاريا ويندا.
4. ڪانگريس وزارت وانگر وزير پگهار گهٽ کڻندا.
5. آنرري مئجسٽريٽون ختم ڪيون وينديون.
6. آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو.
7. پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ پنجن رپين جو اضافو ڪيو ويندو.
8. مولانا عبيد الله سنڌي سنڌ واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون.
9. سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي. .
شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو، مسلم، اتحاد کي ضروري سمجهندي سائين جي ايم سيد سان گڏجي ان لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ۽ هڪ فارمولو به تيار ڪيو ويو جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد به شريڪ رهيو. 1940ع ۾ وزيراعظم سنڌ الله بخش سومري سنڌ ڳوٺاڻي جماعت جو بنياد رکيو ۽ لائبرريون قائم ڪرڻ لاءِ ديوان ڪيولرام شاهاڻيءَ ڏهه هزار رپيا ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڏنا.
شهيد الله بخش سومري جي اهڙين ڪوششن مان انگريز بلڪل خوش ڪونه هيا اتي مسلم ليگ ۽ قائداعظم سان الڳ ملڪ ٺاهڻ تي اختلاف پڻ رهيس. شهيد الله بخش سومرو پهريون اڳواڻ هو جنهن وزيراعظم جهڙي عهدي تي هوندي به ان ئي سرڪار جي مخالف مولانا عبيدالله سنڌيءَ تان نه صرف جلاوطني ختم ڪرائي کيس پنهنجي وطن ورڻ جي اجازت ڏني، پر پاڻ 1942ع ۾ ڪراچيءَ جي بندر تي وزيراعظم جي حيثيت ۾ مولانا سنڌيء جي افغانساتن مان واپسيء تي استقبال لاءِ ويو، هندستان جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙو اڳواڻ هو جنهن ان ئي سرڪار جي مخالف کي وطن واپس ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ياد رهي ته مولانا سنڌي ، هند جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف -ان- وقت ٻاهرين ملڪن ۾ جلاوطن حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو.
26 سيپٽمبر 1942ع تي سنڌ جي وزيراعظم الله بخش سومري انگريزن جا مليل سڀ لقب واپس ڪندي اهو خط اخبارن ۾ پڻ شامل ڪرايو. آڪٽوبر 1942ع ۾ سنڌ جي وزيراعظم الله بخش سومري کي انگريز سرڪار برطرف ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ الله بخش سومري شڪارپور شهر ۾ سماجي ڪمن ۾ خدمتون شروع ڪيون. ڪڏهن به هن سرڪاري ڪار تي جهنڊو استعمال نه ڪيو. هن ڪڏهن به ڪو آجياڻو قبول نه ڪيو، هن ڪڏهن به پنهنجو اهڙو ڪو خرچ سرڪاري خزاني مان نه ڪيو، جيڪو هن جي نالي ۽ دٻدٻي لاءِ استعمال ٿئي. شهيد الله بخش سومرو عام طور به سادو ۽ سٻاجهڙو ته سرڪاري ڪرسيءَ تي به اهو ئي هو کائيندو هو، عام ماڻهن سان ۽ عام ماڻهن جهڙو هو، هو لٽو ڪپڙو پائڻ جو شوق رکندو هو نه صرف جيڪي ڪپڙا پاڻ وٺندو هو اهي دوستن لاءِ به وٺيو ايندو هو، هو بازار مان خريداري به پاڻ ڪرڻ ويندو هو، سفر ۾ به عام سواريءَ کي ترجيح ڏيندو هو، خاص ڪري ريل گاڏيءَ جو سفر پسند ڪندو هو، هو شڪارپور ۾ هڪ ٽٽل ڦٽل جيپ ۽ ان کان سواءِ ڪرائي جي ٽانگي تي سفر ڪندو هو. شڪارپور جڏهن به ايندو هو ته ٽانگي تي چڙهي دوستن ڏانهن ويندو ۽ دوستن کي ٽانگي تي وٺي شهر گهمڻ ڦرڻ ويندو هو، هو اڪثر دوستن سان ٻاهر هوٽلن تي چانهه پيئڻ جو شوقين هو، جنهن سبب هو جڏهن به شڪارپور ايندو هو ته و هوٽل تي ويهي چانهه پيئڻ کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو هو. شهيد الله بخش سومرو پنهنجي دور ۾ عوام جي خيرخواهي جا ڪيترائي مثال قائم ڪيا، هڪ ڀيرو ٻوڏ سبب شڪارپور شهر کي ٻڏڻ جو خطرو هو، تڏهن هن سنڌ جي سورمي ٽڪ هڻائي پنهنجون زمينون ٻوڙايون، پر هن شهر ۾ ڪنهن به هڪ جو ٽڪرو به زمين جو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ نه ڏنو۔
الله بخش سومري کي خبر پئي ته شڪارپور جي ٻاهران هڪ ڪُوڙو ۽ فريبي پِير ماڻهن خاص ڪري عورتن کي ڦاسائي ۽ ڦري رهيو آهي ته پاڻ ان مان جان ڇڏائڻ لاء 14 مئي 1943ع تي ٽانگي تي سوار ٿي ان سان ملڻ لاء روانو ٿيو. سندس نيت اها هئي ته ان پير کي ڪجهه رقم ڏئي هتان ڀڄائجي. پر سندس پهچڻ کان اڳ ئي ان پير کي ڪا کڙڪ پئجي وئي ۽ هو اتان ڀڄي ويو. پاڻ ساڳئي ٽانگي ۾ واپس وري رهيو هو ته کيس ڪرائي جي قاتلن هٿان فائر ڪرائي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ هڪ وفادار ۽ امر ڪردار واري سياستدان کي وڃائي ويٺي. سنڌ جي قومپرست سياستدان سائين جي . ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’ جنب گذاريم جن سين ‘ ۾ کيس ’ سنڌ جو دودو ثاني ‘ سڏيو آهي . سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي.
حوالا:
افيئر ميگزين جو شهيد الله بخش تي لکيل مضمون
سنڌ جي تاريخ، مصنف اعجاز الحق قدوسي
الله بخش سومرو هڪ بهادر ۽ با ڪردار سياستدان : غلام جوڻيجو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: