• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان آرمي جي ريگيولر ڪميش لاء اپلاء ڪيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
33awjkm.jpg


پاڪستان آرمي ۾ ريگيولر ڪميشن جي ڀرتي لاء رجسٽريشن ڪرايو ۽ پاڻ کي ثابت ڪرايو ته سنڌي به فوج ۾ برابر جا ڀائيوار آهن۔ ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهي وٺو۔ وڌيڪ معلومات لاء رابطو ضرور ڪجو۔ ياد رکو ته رجسٽريشن جي تاريخ 18 مئي تائين وڌائي وئي آهي۔

مردن لاء ڪميشن جا تفصيل ۽ رجسٽريشن جو طريقو ۽ آنلائين رجسٽريشن۔

عورتن لاء نرسنگ سروس جا تفصيل ، طريقو ۽ آنلائين رجسٽريشن۔
 
جواب: پاڪستان آرمي جي ريگيولر ڪميش لاء اپلاء ڪيو

سائين محترم تمام ڀلو، جزاڪ الله

سنڌي نوجوانن کي پاڻ مڃائڻ گهرجي ۽ فوجي ادارن ۾ گهڻي کان گهڻا شامل ٿين ته جيئن سنڌين جي فوجي عسڪري سگهه وڌي سگهي، تازو مونکي سنڌ جي هڪ نوجوان شايد ميراڻي ذات جو ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان جي فوت ٿي وڃڻ جو ڏک ٿيو هو، جيڪو مٿي ڪارگل جي پهاڙن ۾ برف جي هيٺان اچي فوت ٿي ويو هو

خئير آهي، موت ڪو مهڻو ناهي، پر سنڌي نوجوانن کي عسڪري تدريب ۽ عسڪري ذهنيت جي سخت ضرورت آهي، انڪري سنڌي نوجوانن کي گهڻي تعداد ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ گهرجي

لک ٿورا
 
جواب: پاڪستان آرمي جي ريگيولر ڪميش لاء اپلاء ڪيو

سائين محترم تمام ڀلو ڪم آھي
پر اسان جي عمر مبارڪ ان ڪم کان چڙھي وئي آھي
 
جواب: پاڪستان آرمي جي ريگيولر ڪميش لاء اپلاء ڪيو

سائين محترم تمام ڀلو ڪم آھي
پر اسان جي عمر مبارڪ ان ڪم کان چڙھي وئي آھي

ها پر هن پوسٽ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اوهان پنهنجي دوستن، يارن، مٽن مائٽن، ڀائرن ۽ ٻين سنڌين تائين اها ڳالهه پهچايو ۽ عام ڪيو، جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي هن ٽيسٽ ۾ ويهن ۽ ڪميشن ذريعي مٿي اچن۔
 
Back
Top