دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري شيئر ڪئي هئي۔ ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو گهڻن دوستن اها فرمائش ڪئي ته ذوالفقار سيال جو اهو غزل ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعريء جو تسلسل آهي. ڪوشش ڪري اڄ وري تنوير عباسيء جو اهو غزل پيش دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو. غزل : ڊاڪٽر تنوير عباسي ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو، منهنجي حياتي منهنجو جياپو، منهنجي خوشي تو پارا ماڻهو! هيءَ حياتي ڪيئن گـذري ها، جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها، جي نه ملن ها هن دنيا ۾، تو پارا ڪي پيارا ماڻهو! ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي، ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا، مکڙين جهڙا ماکيء جهڙا، سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو! تنهنجي ٽهڪن جي ٽڙندڙ، گلڙن جا هار ڳچيءَ پائيندا، جي دنيا کان هارائي، ايندا تو وٽ دکيارا ماڻهو! هن خوبصورت غزل کي برڪت علي پنهنجي مڌر آواز ۾ پڻ ڳايو آهي
جواب: ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو، منهنجي حياتي منهنجو جياپو ماڻهو ماڻهن جهڙا پر ڪي، ڪنهن لئه ڪهڙا ڪنهن لئه ڪهڙا، مکڙين جهڙا ماکيء جهڙا، سڀ کي پنهنجا پيارا ماڻهو! تنوير عباسي جو سهڻو غزل، مٿان واري ناسي اکڙين واري مائي، پر يار سليمان! هن دفعي آءُ به پنهنجي محبوب جون اکيون غور سان ڏسندس ته رنگ ڪهڙو آهي، ڇاڪاڻ آءُ ته جڏهن به انهن ۾ اکڙين ۾ نهاريندو آهيان ته ٻڏي ويندو آهيان ۽ پوءِ ڪنهن رنگ و بو جو ڪو احساس ئي ناهي رهندو، پر هن دفعي پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائي رنگ جاچي وٺـندس ،،، تنهنجي اکڙين ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو، هن دفعي ڪناري کان هيٺ نه لهڻ جي ڪوشش ضرور ڪبي ،،، دعا ڪجو تمام سهڻو ونڊ
جواب: ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو، منهنجي حياتي منهنجو جياپو بهترين سائين لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو، منهنجي حياتي منهنجو جياپو مهرباني ڀاء آرزو اوهان اڄڪلهه صفا گهٽ پيا نظر اچو
جواب: ناسي اکڙين وارا ماڻهو، جاڙين ڀروئن وارا ماڻهو، منهنجي حياتي منهنجو جياپو هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔ مهربانيون سائين محبوب جي اکين ۾ ٻڏي نه وڃجو هن دفعي تري ٻاهر اچجو ڇو ته ڪي ٻيا وري اوهان جي اکين ۾ ٻڏڻ چاهين ٿا، هن دفعي انهن کي ٻڏڻ جو وقت ڏجو۔ تنوير عباسي هڪ بهترين شاعر هو۔