عارف الموليٰ جون يادون نور سنڌي [JUSTIFY]سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ نه صرف ڀلوڙ شاعر پر ليکڪ، افسانه نويس، سماج سڌارڪ، سخي مرد، روحاني شخصيت به هو. پاڻ سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت حسن بخش شاهه جو ٻيو نمبر سجاده نشين هو. سندس ڪوششن سان درگاهه حسن بخش شاهه راڳ ويراڳ، ادبي ڪچهرين، سگهڙن جي ڪچهرين، محفلن، مشاعرن جو مرڪز رهيو، نه صرف ايترو پر پاڻ غريب، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، ملهن جو سرپرست به رهيو، انهن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ادبي ۽ مشاعرن جي محفلن ۾ ان دور جا انتهائي نالي وارا اديب، شاعر باقاعده شريڪ ٿيندا هئا، ميلي ۾ ڪرايل صوفي ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد به شريڪ ٿيو. سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ 20 آڪٽوبر 1922ع تي شهدادپور سانگهڙ روڊ تي لانڍي اسٽاپ ۾ جنم ورتو. سندن تعليم سنڌي فائينل هئي. پنهنجي مرشد حضرت حسن بخش شاهه جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪئي. شاعري ۾ پهرين عاجز پوءِ عارف الموليٰ جو تخلص استعمال ڪيو. سندن حسب نسب پيران پير دستگير رضه سان ملي ٿو. سندن وڏا ملتان کان قاضي احمد اتان ڊٺڙو شريف لڳ آباد ٿيا. عارف الموليٰ ان دور جي مشهور فنڪارن کي درگاهه تي گهرائي وڏيون محفلون رچائيندا هئا. ان دور ۾ لطيف سائين، قلندر لال، سچل سرمست جي ميلن کانپوءِ حضرت حسن بخش شاهه جو عرس مبارڪ، صوفيانه راڳ، ادبي ڪانفرنس ۽ ملاکڙي جي حوالي سان چوٿين نمبر تي هو. ملاکڙن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ڪامينٽري جو سلسلو پاڻ شروع ڪرايون. پاڻ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقي کي عروج وٺرائڻ ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ سندس به اڻٿڪ ڪوششون شامل رهيون. پاڻ بهترين اديب به هئا. سندن شاهه لطيف ۽ ٻين اوليائن تي لکيل تحقيقي مقالا يادگار آهن. پاڻ ڪيترائي افسانه به لکيا. سندس شاعري، حمد، ثناءَ، مرثيه، مزاحيه، صوفيانه، عشقيه هئي. ان دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي ٿيندڙ مشاعرا مخدوم طالب الموليٰ ۽ سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ کانسواءِ اڌورا سمجهيا ويندا هئا. پاڻ 1942ع ۾ جڏهن انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ عروج تي هئي ته ان وقت انگريز سرڪار حرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. سيد شاهنواز شاهه عرف الموليٰ نه صرف حرن کي پناهه ڏيندو هو پر کين هٿيار ۽ مالي مدد به ڪندو هو. حرن کي پناهه ڏيڻ، حرن جي مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ موڪليو ويو، سندس هدايتن تي سندس پوين حرن جي مدد جاري رکي. صدر ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ايوب کهڙو ون يونٽ مڙهيو ته پاڻ ان خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي ۽ سندس مزاحمتي شاعري ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ پڙهي ويندي هئي. سندس هڪ مزاحمتي شعر هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو ته ان اخبار کي ضبط ڪيو ويو ۽ عارف الموليٰ جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻڻ لڳي. ان ڪري پاڻ ڊگهو عرصو روپوش رهيو. 1965ع واري پاڪستان ۽ هندستان واري جنگ ۾ ريڊيو پاڪستان تي نشر ٿيڻ بعد انهن گيتن جي وڏي ڌوم متي. پاڻ سنڌ جا قومي شاعر به هئا. سنڌين کي جاڳائڻ، پاڻ ۾ ٻڌي اتحاد ڪرڻ لاءِ ڪيتري ئي قومي شاعري ڪئي. پاڻ وڏا سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ به هئا. بنا فرق جي خدمت ڪندا هئا. غريبن جي مدد ڪرڻ، غريبن جا ڪم ڪرڻ ۾ کين سڪون ملندو هو. سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ هڪ شخص نه پر هڪ اداري جو نالو هو. پاڻ گهڻ رخي شخصيت هئا. پاڻ غريبن جا مددگار ڀرجهلا هئا. مظلومن جي کليل طرح مدد ڪندا هئا. سخاوت جي اها حالت ته ڪڏهن به ڏوڪڙ جمع نه ڪيا، جيڪو هوندو هئن غريبن جي مدد ڪندا هئا. درگاهه تي، اوطاق تي، ڪراچي واري بنگلي تي ايندڙ هر ماڻهو کي پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندا هئا. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ڪراچي ۾ گذري واري علائقي ۾ سندس بنگلي تي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا، جن کي نه صرف ماني کارائيندو هو پر سندن ڪمن لاءِ واسطيدار حڪام ڏانهن وٺي ويندو هو. ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ڪافي ماڻهن جن وٽ واپسي جو ڪرايو نه هوندو هو، انهن کي ڪرايو به ڏيندو هو. پاڻ قرآن شريف جا قاري هئا، پنهنجي ڳوٺ ۾ درگاهه واري مسجد ۾ جمع ۽ عيدن جي نماز جا خطبا به ڏيندو هو. پاڻ عالم به هئا، کين اسلامي وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ شاعري ۾ لطيف سائين، سچل سائين، حسن بخش شاهه کان متاثر هو. پاڻ انهن جي شان ۾ به شاعري ڪئي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پ پ سان خاص طور مخدوم طالب الموليٰ سان وفاداري جي ڪري پاڻ انتقامي ڪاررواين جو شڪار ٿيو. پاڻ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائين، سندس واٽر ڪورس بند ڪري معاشي طور تباهه ڪيو ويو، پر پاڻ جهڪڻ بجاءِ ثابت قدم رهيو، پاڻ شڪار جا به شوقين هئا، غضب جو توبچي هو، پکي کي بندوق جو ڌڪ ڪڏهن به ضايع نه ويو. جنرل ضياءُ جي دور ۾ به جنرل ضياءُ جي ظلمن خلاف شاعري ڪئي. سندن وصال جي خبر کين پهرين پئجي وئي هئي ۽ پاڻ آخري ڏينهن دوستن، مٽ مائٽن سان ملڻ ۾ انهن سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ گذاريا. پاڻ وفات کان ٿورو وقت اڳ پنهنجي وفات جو اشارو پنهنجي شعر ۾ ڏئي ڇڏيو: اسين پنهنجا وارا وڄائي وڃون ٿا، محبتن جا ميلا مچائي وڃون ٿا. ڏکن ۽ سکن جا سب روز ڪاٽي، ننگ نينهن ناتا نڀائي وڃون ٿا. سندن وصال 23 جمادي الاول تي ڪراچي ويندي سپر هاءِ وي تي گاڏي جو ٽائيراڊ ٽٽڻ ڪري ٿيل حادثي ۾ ٿيو. سندس وصال جو ٻڌي هزارين ماڻهو سندس آخري رسمن ۾ پهتا. اڄ سندن ورسي آهي، ان موقعي تي حضرت حسن بخش شاهه هادي اڪيڊمي پاران عارف الموليٰ هائوس درگاهه حسن بخش شاهه هادي تي ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ادبي ڪانفرنس، مشاعرو ڪيو پيو وڃي. صوفيانه راڳ رهاڻ جي محفل به رکي وئي آهي، جڏهن ته اديبن، شاعرن، فنڪارن، سماج سڌارڪن، صحافين کي عارف الموليٰ مڃتا ايوارڊ به ڏنا پيا وڃن. [/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان