سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي دستوري گڏجاڻي حڪيم محمد يوسف کتري جي صدارت ۾ ٿي گُذري جڏهن ته هن دستوري گڏجاڻي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان 60 ميل نصرت ضلع نوابشاهه کان ڪهي آيل محترم پروفيسر حڪيم وڊاڪٽر عبدالعزير ڏهراج شريڪ ٿيو رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون رحمان مصطفى سمون [JUSTIFY]آچر 13 مئي 2012 تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊ محمد خان جي دستوري گڏجاڻي حڪيم محمد يوسف کتري جي صدارت ۾ ٿي گُذري،سنگت جي گڏجاڻي جي شروعات سنگت جي سيڪريٽري نثاراحمدناز سُر سريراڳ مان لاکيڻي لطيف جي بيت:[/JUSTIFY] هِڪي ٻانهي چِتِ ۾ ٻي سٽي صاحب ڪڍي اونهي ڪُن مان اِي آگي جو عجب اي سائين جو سبب جيئن ٻُڏا اُڪاري ٻارَ مان [JUSTIFY]سان ڪئي سنگت جي دستوري گڏجاڻي جاري هُئي ته 60 ميل نصرت شهر ضلع بينظير آباد نوابشاهه کان ڪهي آيل مشهور سماجي، ادبي ۽ فن طب سان تعلق رکندڙ معروف پروفيسر ڊاڪٽر وحڪيم محترم ڊاڪٽر عبدالعزيز ڏهراج ان دستوري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، سنگت جي دستوري گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن متفقه طور تي سائين عبدالعزيز ڏهراج کي هن دستوري گڏجاڻي ۾ مهمان خاص جي حيثيت ڏني. ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز سائين عبدالعزير ڏهراج ۽ سندس پُٽ محمد علي احمد ڏهراج کي سنگت جي هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ تي سموري سنگت پاران ڀليڪار چئي هن دستوري گڏجاڻي ۾ محبوب علي لغاري بيت، محمد سومار ملهار غزل، حاجي حُسين ڀٽي ڪافي، نثاراحمدناز وائي، تاج ٽکڙائي نظم اصلاح لاءِ پيش ڪيا، محبوب علي لغاري جي بيتن تي ڳالهائيندي تاج ٽکڙائي چيو ته محبوب لغاري جي بيتن ۾ وڏيرن جي ظلم کي وائکو ڪيو ويو اهي ، پر ٽيڪنيڪي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي محبوب لغاري جي بيتن ۾ ڇند وڌيا جي ڪارب ۾ ماترائون کُٽن ٿيون جيئن ته محبوب لغاري نئون شاعر آهي آهستي آهستي سکي ويندو، محمد سومار ملهار محبوب لغاري جي بيتن کي وقت جي ضرور سمجهيو، حاجي حُسين ڀٽي محبوب لغاري جي بيتن کي پسند جي نگاهه سان ڏٺو، ٽنڊو محمد خان جي ڀلوڙ راڳي جانب علي بلاولي محبوب لغاري جي بيتن کي خوبصورت قرار ڏنو، محمد احمد علي ڏهراج محبوب لغاري جي بيتن کي پسند ڪيو، جڏهن ته عبدالعزيز ڏهراج چيو ته محبوب علي لغاري جي غزل ۾ گرامر جون غلطيون کوڙ ساريون آهن جيڪي مذڪر لفظ آهن ان کي مونث ڪري ڪوٺيو ويو آهي اميد ته محبوب اهڙين غلطين کان پاسو ڪندو ، نثاراحمدناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊ محمد خان جو سيڪريٽري پڻ آهي محبوب جي غزل تي اصلاحي راءِ ڏيندي چيو ته محبوب لغاري بنيادي طرح لوڪ ادب جو شاعر آهي محبوب جي بيتن ۾ سگهڙ رنگ جهلڪي پيو ، محبوب جو انداز بيان تمام ڪمزور آهي انهي خامي جي ڪري محبوب علي لغاري جا بيت صفا ماٽا پي محسوس ٿيا پر محبوب علي لغاري جي محنت ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ مسلسل شرڪت ڪرڻ سان محبوب پنهنجي شاعري ۽ پنهنجي انداز بيان ۾ وڌيڪ نکار آڻي وٺندو، محبوب پنهنجي شاعريءَ جي اصلاح تي سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا، محبوب علي لغاري جي بيتن تي حڪيم محمد يوسف کتري راءِ ڏيندي چيو ته سنڌي بيت سنڌي ڪافيون، يا سنڌي وايون اسان جي سنڌ جي ادب ۾ ڪليدي حيثيت رکن ٿا، محبوب جا هي بيت سنڌي لوڪ ادب کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ يقينن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. محمد سومار ملهار جي غزل ، حاجي حُسين ڀٽيءَ جي ڪافي ، نثاراحمد ناز جي وائيءَ کي مجبوئي طور سڀني دوستن پاران پسند ڪيو ويو. هن گڏجاڻي جي باري ۾ پروفيسر حڪيم و ڊاڪٽر محترم عبدالعزير ڏهراج چيو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي هن دستوري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪري هو تمام گهڻو خوش آهي، سنگت جي ساٿين جي لکڻين ۽ ان تي اصلاحي بحث کي ٻُڌي اهو محسوس پيو ٿئي ته ٽنڊو محمدخان جا ساٿي علمي ادبي لحاظ کان تمام گهڻا ميچوئر آهن عبدالعزيز ڏهراج وڌيڪ چيو ته سندس دل اڄ هن خالصي ادبي اصلاحي ڪلاس ۾ شرڪت سان باغ بهار ٿي وئي آهي هُن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ساٿين کي دعائون ڏيندي چيو ته الله سائين کين سوڀون ڏي جو هو سدائين علم ۽ ادب جا گهڻگهرا ٿي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهن، ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي شهر جي ڀلوڙ راڳي جانب علي بلاولي شيخ اياز جو گيت ڳائي وري ڪجهه ڳائي ڀانورا ترنم ۾ ڳائي ٻُڌايو ته گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورا شريڪ ٿيندڙ جهومي پيا ۽ واه واه ڪري راڳي جانب علي بلاوليءَ کي شاباسون ڏنيون.پنهنجي صدارتي خطبي ۾ حڪيم محمد يوسف کتري چيو ته ٽنڊو محمد خان جي سنگت جون گڏجاڻيون ۽ ان گڏجاڻيءَ ۾ ادب دوستن جي شرڪت انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي هتي جا اديب ، شاعر پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي سرسبز ۽ شاداب رکڻ ٿا چاهين هن سنڌي ادبي سنگت جي سال 2012 جي چونڊيل سيڪريٽري نثاراحمد ناز کي تلقين ڪندي چيو ته هو اڃا به گهڻي محنت ڪري سڀني ميمبرن جي شرڪت کي يقيني بنائي . ساس جي سيڪريٽري سڀني ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان شاخ کي جديد ادبي لاڙن سان همڪنار ڪرن لاءِ سنڌي ادبي سنگت لائبريري جو قيام سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ عمل ۾ آندو ويو آهي اها لائبريري باقائده انشاالله ايندڙ هفتي کان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي هن سڀني شريڪ ٿيندڙ ميمبرن کي ۽ ادب دوستن کي گُذارش ڪئي ته سنڌي ادبي سنگت لائبريري ٽنڊو محمدخان کي ڪتابن جي شديد ضرورت آهي ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جا سمورا ميمبر ڪتابن جو عطيو ڏئي هن علمي ادبي قومي ڪم ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ، هن موقعي تي صدارت ڪندڙ سنڌ جي نامياري اديب حڪيم محمد يوسف کتري پنهنجي لطيفي ادبي پبليڪيشن پاران ڇپايل 13 ڪتاب عطيي طور سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمدناز کي بروقت ڏنا، سڀني ميمبرن تاڙيون وڄائي حڪيم محمد يوسف کتري جي هن قومي ڪم تي تاڙيون وڄائي داد ڏنو. اهڙي طرح هي دستوري گڏجاڻي جيڪا ٺيڪ شام جو 5 وڳي شروع تي رات جو اٺين وڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ، آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز پاران شريڪ ٿيندڙن کي ڪولڊ ڊرنڪ سان خاطر تواضع ڪرائي ويئي[/JUSTIFY] پيش آهن هن گڏجاڻيءَ جو ڪجهه تصويري احوال سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي مستقل دستوري گڏجاڻين جو هڪڙو خوبصورت بينر سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز جيڪو س ا س ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري پڻ آهي دستوري گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائي رهيو آهي جڏهن ته سندس هڪ پاسي ۾ نامور حڪيم محمد يوسف کتري هن گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي پاسي ۾ ڀلوڙ شاعر تاج ٽکڙائي گڏجاڻي ۾ شريڪ آهي محبوب لغاري پنهنجا نڪور بيت اصلاح لاءِ پيش ڪري رهيو آهي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻيءَ جا چند مختلف منظر
جواب: سنڌي بيت اسان جي لوڪ ادب جو ورثو آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي گڏجاڻي ۾ اظه گڏجاڻي ۾ ماڻھو ٿورا آيا ھئا
جواب: سنڌي بيت اسان جي لوڪ ادب جو ورثو آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي گڏجاڻي ۾ اظه سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان جا ساٿي پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ گڏجاڻيون به بدستور ٿي رهيون آهن۔ سائين نثار ناز جي محنتن جو داد ڏجي ٿو۔ سائين حڪيم محمد يوسف کتري کي سلام ، پاڻ گهڻن ڏينهن کان سنڌ سلامت تان به غائب آهن ۽ ساڻن ملاقات ڪئي به گهڻا ڏينهن ٿيا آهن۔ کين جس هجي جو ادبي سنگت جي لائبرري لاء ڪتاب پيش ڪين۔
جواب: سنڌي بيت اسان جي لوڪ ادب جو ورثو آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي گڏجاڻي ۾ اظه واقعي ٿورا هُئا پر سڀ جا سڀ ميچوئر ماڻهو ستر سال کان مٿي جا ماڻهو سندن بهترين ڳالهين ۽ ڪاوشن مان گهڻو ڪجهه سکيوسين ان هوندي به 12 ماڻهو هئاسين ۔۽ ڀرپور گڏجاڻي ٿي۔
جواب: سنڌي بيت اسان جي لوڪ ادب جو ورثو آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي گڏجاڻي ۾ اظه حڪيم يوسف کتري جو اڄڪلهه نيٽ جو پرابلم آهي، توهان جا سلام کيس باقائده پهچايا ويا آهن اها حڪيم يوسف کتري صاحب جي مهرباني آهي پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ادبي ڪمن ۾ منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏين پيا۔ توهان جون مهربانيون ادا جو توهان کي اسان جي هر غريباڻي ونڊ وڻندي آهي
جواب: سنڌي بيت اسان جي لوڪ ادب جو ورثو آهن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي گڏجاڻي ۾ اظه اوهان سڀني کي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لئه پاڻ پتوڙڻ ته لک سلام ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا وڌي واڙي لڳي ڀاڳ اوهانجون ڪاوشون ساراهڻ جهڙيون آهن سنڌ سلامت سڀ سلامت