ڪافي ڏينهن کان جستجو ۾ هيم ته سنڌ سلامت ساٿ کي پنهنجين تحريرن کي جانچڻ جو ڪو آسان نسخو ڏجي ۔۔۔ خاص طور انهن دوستن لاءِ ته تمام ضروري هيو جيڪي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجن مسئلن جي ڪري فورم تي باقائدا حاضري ڀرائي نه ٿا سگهن۔۔۔ اهڙن دوستن کي پنهنجين تحريرن يا پنهنجن موڪليل موضوعن کي جانچڻ ڏکيو لڳندو هو۔۔۔۔ سندن جي انهي مشڪل کي آسان بڻائيندي سنڌ سلامت فورم جي هيڊر جي هيٺان موجود فهرست جي پٽي ۾ ”منهنجا ليک“ جو اضافو ڪيو اٿم جتي ڪلڪ ڪندي هڪ پاپ اپ فهرست کُلندي جنهن ۾ موجود اختيارن ” تحريرون“ يا موضوع“ کي ڪلڪ ڪري هُو پنهنجي موڪليل تحريرن ۽ موضوعن کي آرام سان کولي سگهن ٿا۔۔۔ اميد ته دوستن کي سنڌ سلامت فورم تي آندل هي تبديل به پسند ايندي۔۔۔ دعائن ۾ ياد سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين توهان جي هر حرڪت (Movement) دوستن کي پسند آهي هي عمل واقعي قابل تعريف آهي۔ ليڪن توهان جو ڏسيل هي ٽيگ نظر نه ٿو اچي اگر تصوير ۾ سمجهايو ته بهتر ٿيندو۔
سائين ذيشان رشيد پيارا توهان جيڪا ڳالهه چئي آهي سا رڳو مون کي نظر تي نه چڙهي ليڪن ٻين کي به شايد نظر نه آئي آهي اگر ان ۾ اصلاح جي ضرورت آهي ته آگاهه ڪندا۔
دوستو هي موضوع 2009 جو جڙيل آهي ۔۔ جڏهن سنڌ سلامت وي بليٽن جي ابتدائي ورشن تي هلي رهيو هو۔۔۔ جڏهن ته هاڻي فورم وي بليٽن اسڪرپٽ کي وساري زين فورو تي منتقل ٿي چڪو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت تي پنهنجا ليک ڳولڻ اڳ کان ڪافي آسان آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان سنڌ سلامت تي آندل پنهنجو سمورو مواد ڏسڻ چاهيو ته پنهنجي نالي مٿان ڪرسر کڻي وڃو ۽ ”توهان جو آندل مواد“ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
ادا تمام بهترين ڪوشش آهي، سلسلو جاري رکو. ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي، نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!