نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو شاهه سائين جو رسالو انهي منجهه لکيل لاکيڻي لطيف جي شاعري جي اونهي عميق ۾ جڏهن ٽُٻي هڻندو آهيان ته ساري دنيا جا دُک درد وسري ويندا اٿم اڄڪلهه سُر سُريراڳ منهنجي مطالعي هيٺ آهي مون وٽ لاکيڻي لطيف جا ٻه رسالا آهن هڪڙو ڪلياڻ اڏواڻي جو ترتيب ڏنل ۽ ٻيو غلام محمد شاهواڻي جو مرتب ڪيل ڪلياڻ اڏواڻي سُر سريراڳ جي باري ۾ لکي ٿو هي سُر سريراڳ هندوستان جي مکيه راڳن مان هڪ آهي ان جي ڳائڻ جو وقت شام جو چئين وڳي کان رات جو اٺين وڳي تائين آهي ، هن سُر ۾ شاهه سائين مهراڻ ، معلمن ، ملاحن، غواصن ، سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن ۽ جهازن جي مثالن وسيلي انسان کي روحاني هدايتون ٿو ڏئي. مهراڻ مان ٻٽي مُراد آهي حقيقت جو بحر ۽ هي سنسار مهاساگر انسان پاڻ سامونڊي يا ملاح آهي ۽ ڪامل مرد غواص ۽ معلم آهن جن روحاني عميق جي آگاهي (خبر) آهي هيءَ ديهي ٻيڙيءَ مثل آهي. جيئن سمنڊ ۾ نه لهرن جو ليکو آهي نه آب جو انت نه خطرن جو حساب تيئن دنيا ۾ به حرصن، هوسن ۽ اولاڪن جي حد ئي ناهي . ملاح جو فرض آهي سچيت رهن ۽ سکان کي پختو جهلي، پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ کي تارين ، انسان جو ڪم آهي ته هو هر وقت بيدار رهي ۽ نفساني اَچارن ۽ ڪُنن کان پاڻ سنڀالي انهيءَ لاءِ جي ڪنهن معلم (ڪامل) جي هدايت وٺندو ته هرگز توائي نه ٿيندو .هن سنسار مهاساگر مان اهو ملاح (انسان اُڪري ويندو جنهن جي ٻيڙيءَ ۾ وينتين جو وکر هوندو ۽ جنهن جي جهاز ادب ۽ اخلاص جي شڙهن سان سينگاريل هوندو اهڙو انسان توبهه جي تاثير سان طوفان به تري ويندو، ۽ سندس جهاز کي ڪو جوکو نه رسندو، خدا جا مرد غواص يا ٽوٻا آهن جي حقيقي مهراڻ ۾ پيهي ماڻڪ ٿا ميڙين املهه موتي انهن وٽ آهن جي پاتال اونهيون ٽبيون ٿا هڻن.شاهه سائين الله سائين جي عاشقن کي ويجهار يا جوهري به ٿو سڏي، افسو جو اڄ اُهي وينجهار پنهنجي ماڳن تي نه آهن سندن پويان شيهي جو ملهه به نه ٿا سُڃاڻن ۽ رُڳي ڪٽ پيا ڪُٽين اسين موتين جي وڻج کي وساري، ڪائو ويٺا ڪمايون ڌڻيءَ جا امرن کي نه ٿا مڃون ۽ نيٽ سمورو وکر هٿان وڃائي جهان مان رت روئندا ٿا وڃون . ڌڻي جا عاشق ساري رات رب کي ريجهائڻ لاءِ تا جاڳن ، سندن وئي کان پوءِ سندن مٽي به مان ٿي لهي ۽ ڪروڙين انسان اچيو سندن آستانن تي سلام ۽ سجدو ڪن، باقي اسان جو حال هي آهي جو سموري موڙي برباد ڪري هتان هليا ٿا وڃون ۽ نه هتي نه هُتي ڪنهن مُلهه يامانَ جا ٿا ٿيون(ڪلياڻ اڏواڻي)
هي شاهه سائين جي وائي سُر سريراڳ جي داستان ٽيون مان کڻي ان جي غريباڻي چترڪاري ڪري توهان سان ونڊيان پيو
هي شاهه سائين جي وائي سُر سريراڳ جي داستان ٽيون مان کڻي ان جي غريباڻي چترڪاري ڪري توهان سان ونڊيان پيو
وائي
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
ساٿِينِ ننڌا بارَ، وو! تن پانڌِين نَنڌا بار....!
توکي آرس اکڙين ۾.
پاتا پاڙيواريين ، پڳهه منجهه پاتارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
پتڻ ٿو پُور ڪري، آئي تُنهنجڙِي وارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
سَڄيون راتيون سُمهين کِيو منجهه خُمارَ
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
ڪَه تو ڪنين نه سُئي هَلَڻ جي هاڪارَ؟
توکي آرسُ اکڙين ۾.
تائب ٿيو تڪڙا، سَچي اِي سنسارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
ننڍ نه ڪجي ايتري، سُڻج ادا يارَ...!
توکي آرس اکڙين ۾.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
ساٿِينِ ننڌا بارَ، وو! تن پانڌِين نَنڌا بار....!
توکي آرس اکڙين ۾.
پاتا پاڙيواريين ، پڳهه منجهه پاتارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
پتڻ ٿو پُور ڪري، آئي تُنهنجڙِي وارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
سَڄيون راتيون سُمهين کِيو منجهه خُمارَ
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
ڪَه تو ڪنين نه سُئي هَلَڻ جي هاڪارَ؟
توکي آرسُ اکڙين ۾.
تائب ٿيو تڪڙا، سَچي اِي سنسارَ...!
توکي آرسُ اکڙين ۾ .
ننڍ نه ڪجي ايتري، سُڻج ادا يارَ...!
توکي آرس اکڙين ۾.
ترجمون
ساٿين سامان سهيڙيا آ هن (سفر لاءِ) او ! انهن پانڌيئڙن سامان سهيڙيا آهن توکي اکين ۾ ننڍ جو خمار آهي ، پاڙي وارين اونهي سمنڊ ۾ پڳهه ڇوڙيا آهن پتڻ ٿو گهمرا ڪري ، تنهنجي واري ڄاڻ ڪي آئي تون کايو پيو ساريون راتيون نشي ۾ ننڊون پيو ڪرين ڇا تو هتان هلڻ جي هڪل ڪنن سان نه ٻُڌي آهي ، ترت توبه تائب ٿيو .اها ئي سچي سرت آهي او ڀائو او يار اهو ٻُڌ ته ايتري ننڊ نه ڪجي .