اَي ! مِهراڻ پَاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ ؟ شاعر م مصطفي ا آڪاش

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
اَي ! مِهراڻ پَاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ ؟
سوچيم دنيا جي ٻَيلن کي سَاڙائِجي ،
دُنيا جي دريائن۽ سَمنڊن کي گڏائجي ،
ڪاغذ ۽ خُشڪ پَتن کي مِيڙائجي ،
دُنيا جي سَڀ قَلمن کي کڻي آڻجي ،
۽ ليکَڪن لِکندڙن جي خدمت مَاڻجي .
ڇا خيال آ ؟؟؟؟
ٻَيلن مان نِڪتل ڪوئِلو پاڻي ۾ مِلائجي ،
وَري ڪاري مَس کي قَلمن ۾ ڀَرائجي ،
پوءِ لکندڙن کي تنهنجي تعريف لاءِ لِکرائجي ،
مَس خَتم ، قلمن جُون نَو ڪُون گَسيل ،
۽ ليکڪ ٿَڪجي پَيا سَاڻائجي وَيا ،
پَر ! تنهنجي تعريف نه کُٽرائي سَگِهيا.
اَي مِهراڻ ! پاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ ؟ ” مُ
 
جواب: اَي ! مِهراڻ پَاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ ؟ شاعر م مصطفي ا آڪاش

اَي ! مِهراڻ پَاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ

واه ادا مصطفى ڪهڙي ڳالهه ڪجي اوهان جي لفظن جي۔ بهترين ونڊ
 
جواب: اَي ! مِهراڻ پَاڻ ئِي ٻُڌاءِ تُنهنجي تعريف ڪِهڙي آ ؟ شاعر مصطفي ا آڪاش

مهرباني ادا نويد۔۔۔۔۔ دعائن ۽ اوهانجي رهنمائي جي ضرورت پوندي۔۔ اميد ته اسان ڀائرن کي هر ويلي ياد رکندا۔۔۔۔۔
 
Back
Top