غلام مصطفي ا
سينيئر رڪن
اَي رَهزَن ! اَي رَهزَن !
پنهنجا هَٿ رَوڪ مَتان مِٽجي وَڃي، کُٽجي وَڃي.
هِي تُنهنجون ۽ سِنڌي قَوم جُون نِياڻيون ٿئي،
هِي قرآن مِثل، سِنڌ جِي عِزت جُون مِياڻيون ٿئي.

هِنن کي ته سِنڌ جي جَوڌَن تي نَاز ۽ ايمان هو،
پَوتي جي پَاندَن سان اُگِهيو جنهن پَيشان هو.

تُون ته صَدين جِي تَهذيب جو نمونو عَلمبردار هُئين،
مِٺڙي ڌَرتي مَاءُ ۽ مِهرَاڻ جو مُونبهي پُٽ پَڳدار هُئين.

تنهنجي ڪَرتُوتَن تي اَڄ مِٺڙي جِيجل ڏاڍي رُني آ،
مُصطفي ا اَکيون رَت جا ڳوڙها ، پَچِي نه ڪَا ڪُني آ.