• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تُون مُنهنجو آهِين، مَان تنهنجو ئِي آهيان.. ” مُصطفى ا آڪاش”

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
اُدَاس شَامُن، اَنڌِيري رَاتن ۽ صُبح جي ڪِرڻن جو قَسم ،
تُون مُنهنجو آهين، مَان تنهنجو ئِي آهيان..
ٿَڌڙي هَوا ئُن ، ٽِڙيَل گُلڙَن ۽ ڀَريل بَادلن جو قَسم ،
تُون مُنهنجو آهِين، مَان تنهنجو ئِي آهيان..
کَاري سَمنڊن، مِٺڙي دَريائُن ۽ ٿَر جي صِحرائُن جو قسم ،
تُون مُنهنجو آهِين، مَان تُنهنجو ئِي آهيان..
تُنهنجي نَيڻن ، لَال ڳَلڙن ۽ پُسِيل لَبڙن جو قسم ،
تُون مُنهنجو آهين، مَان تُنهنجو ئِي آهيان..
سَچل جي بَيتن ، سَامي ۽ ڀِتائي گهوٽ جي سُرَن جو قسم ،
تون مُنهنجو آهين، مَان تُنهنجو ئِي آهيان.. ” مُصطفى ا آڪاش”
 
Back
Top