• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو ڳوٺ شاعر ،مصطفي ا آڪاش

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
ڪچن رستن واهن ۽جهوپڙين سان سجيل
هي ڪيڏو نه دلربا ۽ سهڻو پئي لڳو .

زندگي جي ڌکن ۽ دنوي ڪشمڪش ۾
ڪڏهن پيارو ته ڪڏهن ڪڙوو پئي لڳو .

جنهنجيون راتيون چنڊ جي چانڊاڻ سان ڀريل
ڪڏهن اونداهو ته ڪڏهن سوجهرو پئي لڳو .

فصلن ۾ سنڌوءَ جي آب جي غضبناڪ ڇيڙ
ڪڏهن سخت گناه ته ڪڏهن اجورو پئي لڳو.

ربيع ۽ خريف آڻي هاري جي من ۾ خوشي
ڪڏهن سپنو ساڀيان ته ڪڏهن اڻپورو پئي لڳو.

صبح ٿيندي ئي چوء طرف ڇمڇم جو آواز
ڪڏهن سچو ته ڪڏهن ڪوڙو پئي لڳو .

تنهائي جو يادن سان ويهڻ ٻنيءَ ڪناري
ڪڏهن ويجهو ته ڪڏهن وڇوڙو پئي لڳو .

سڪ سوز سان ڀريل هي منهنجو ڳوٺ مصطفي ا
ڪڏهن پنهنجو ته ڪڏهن اوپرو پئي لڳو .
 
جواب: منهنجو ڳوٺ شاعر ،مصطفي ا آڪاش

سڪ سوز سان ڀريل هي منهنجو ڳوٺ مصطفي ا
ڪڏهن پنهنجو ته ڪڏهن اوپرو پئي لڳو .

ادا غلام مصطفي اسلام عليڪم۔پيارا نالي ڀائي ،توهان جي پنهنجي ڳوٺ جي حوالي سان ڪيل شاعري۔ڳوٺ جي صحيحي ترجماني ڪئي آهي۔هر انسان کي پنهنجي ڳوٺ سان محبت هوندي آهي،اوهان جي شاعري انجو ثبوت آهي۔ان فڪر کي جاري رکندا۔
 
جواب: منهنجو ڳوٺ شاعر ،مصطفي ا آڪاش

بهترين احساس

اميد ته اوهان جن سلسلي کي جاري رکندي سهڻي ۽ پختي شاعري ونڊ ڪندا رهندا
 
Back
Top