اي سنڌ امان مٺڙي جيجل امان ،،،،،،،،،،،،،،،،،،، شاعر مصطفي ا آڪاش

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
ي سنڌ امان مٺڙي جيجل امان !

تنهجا ماروئڙا ا اڃايل ، بکايل ۽ بي سهارا ٿي پيا هن
. تون وٽ سڀ ڪجهه هوندي به ڪنارا ٿي پيا هن.

اي سنڌ امان مٺڙي جيجل امان

! تون ته سڀ کي جهوليء ۾ کارايو پيارو امان
نه سوچئي ڏينهن رات ، اونهارو سيارو امان

اي سنڌ امان مٺڙي جيجل امان !

تنهنجي ٻچڙن ۾ فرق ۽ دلين ۾ ميرو ڇا جو ؟
ماروئڙا ڪسجن پيا ۽ نسلن ۾ جهيڙو ڇا جو ؟

اي سنڌ امان مٺڙي جيجل امان !

لطيف . سچل، سامي ۽ ماروئڙن جي آ سدا
هميشه رهندي شاد و آ باد مصطفي ا جي آ دعا..
 
Back
Top