• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرض امڙ جو

*** قــــــرض امڙ جو ***


پنهنجي جذبن کي جاڳاءِ سنڌي
اُٿُ قَــــــرض امڙ جو لاهِه سنڌي

جـــي سِنــڌُ جــــا پُٽَ سڏائـن پيـا
اَڄُ سِنـــــــــڌُ جا ٽُڪرا چاهِين ٿا
تِن خوابَ مِٽيءَ ۾ مِلاءِ سنــــڌي
اٿُ قـــــرض امڙ جو لاهه سنــڌي

جي سنڌ جي وحدت پياري ٿئي
ڪَرِڻي سُکَ کان بيـــــزاري ٿئي

سِنـــڌُ ويـــرِن ڌُوڙِ چَــــٽاءِ سنڌي
اٿُ قـــرض امـــڙ جو لاهه سنڌي

درويـــشَ اُ ٿِـــي ڇَــڏِ غَفلَـت کي
ڇَــــڏِ فــرضُ نَٽـــائِـڻَ عادَتَ کي
پنهنجو قومي فَرضُ نِڀاءِ سِنـڌِي
اُٿُ قَـــرضُ اَمَـڙ جو لاهِه سِنــڌِي

-------------------
عمران درويش سومرو

 
جواب: قرض امڙ جو

جڏهن کان سنڌ جي ورهاست واري تحريڪ شروع ٿي آهي تڏهن کان اسان جو هي دوست عمران درويش به گهڻو سنجيده ٿي ويو آهي۔ سلجهيل ۽ سمجهدار ته اڳ ئي هيو ۽ ننڍي عمر ۾ وڏيون ۽ گهرين ڳالهيون درويش کان سکڻ لاء ملنديون هيون۔ اڄ ڌرتيء ڏانهن کنيل آڱرين تي سندس جذبا ۽ احساس وري ڄڻ ته ڪر کڻي بيٺا آهن۔

درويـــشَ اُ ٿِـــي ڇَــڏِ غَفلَـت کي
ڇَــــڏِ فــرضُ نَٽـــائِـڻَ عادَتَ کي
پنهنجو قومي فَرضُ نِڀاءِ سِنـڌِي
اُٿُ قَـــرضُ اَمَـڙ جو لاهِه سِنــڌِي


بهترين احساس ۔۔۔۔۔ بهترين خيال ۔۔۔۔ اسان سڀني کي پنهنجي فرض ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي۔
 
جواب: قرض امڙ جو

ابا درويش! تنهنجا خيال ۽ تنهنجو وجود ته آهي ئي چمين ڏيڻ جهڙو، سهڻن ماڻهن جو فڪر به سهڻو ۽ سورهيه ماڻهن جا ڪم به سورهيائيءَ وارا

اوهانجي هن گيت جو لفظ لفظ اسانجي اندر جي ترجماني آهي، اميد آهي ته سنڌي قوم پاڻ ملهائيندي ۽ جي نه ملهائيندي ته ؟؟؟

اڃان قوم ۾ تو جهڙا ڏاها دوست جيئرا آهن ته اميدون به گهڻيون آهن

تمام سهڻا احساس، هڪ هڪ لفظ حب الوطنيءَ جي جذبن سان سرشار آهي

پيار قبول پوي، رب سنڌ کي پنهنجي امان ۾ رکي ،،، آمين

148724_10150851682448948_618508947_9673316_1853335487_n.jpg


 
Back
Top