• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بنا اوهان جي خدا ڌسي ٿو۔۔۔۔۔ شاعر ، روشن ظفر راهو

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
بنا اَوهان جي خُدا ڏسي ٿو نِنڊيُون اسان جُون جَلاوطن ٿئي ،
اسان جي تَن تي اڃان به اوڍيَل وڇوڙو ڄَڻ ڪو اَڇو ڪَفن ٿئي.

هي سمنڊ جهڙي اڇل جواني ڪنول نديءَ ۾ آ سونهن تنهنجي ،
لَهر لَهر آ لباس تنهنجو ، هي چنڊ نيرو سڄو بدن ٿئي.

مِلين ته ڇَيتِين جِيان ڇِلين ٿي وَڍِين ، ٽُڪِين ٿي گُفتگو سان،
ڇِڄڻ ته تون لاءِ پَهاج هوندو ، ڪيو ته مون سان اهو وَچن ٿئي.

هَلين ته پَايل ۾ سَاه پئي ٿو ، کِلين ته تَڙ تي پَکي لَهن ٿا،
سَنڀال پنهنجو وُجود ڪَورو ، ته ڳوٺ ٿي پيو اڪن ڇَڪن ٿئي.

متان اچين تون بنا وُضو جي اَسان جي دل جي مُقام اندر ،
اُتي اسان جو عشق بزرگ شهيد صوفي ٿيل دَفن ٿئي.

ڇَڏين ته ڇَڏ ڀل تُون سِنڌ پنهنجي ، وِلايتن جِي به مَاڻ موسم ،
متان لکين پوءِ خَطن ۾ مون کي ته يَار روشن وَطن وَطن ٿئي.
 
Back
Top