سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ارسا دريائي وهڪرن ۾ واڌ بعد سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي حصي ۾ 3-3 هزار ڪيوسڪن جي واڌ ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي برابر 29 سيڪڙو کوٽ ڏني پئي وڃي، ارسا جي ترجمان خالد رانا موجب پنجاب کي ڪالهه 77 هزار بدران 80 هزار ۽ سنڌ کي 50 هزار ڪيوسڪ مان وڌائي 53 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، ترجمان موجب سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي کوٽ ۾ برابر جو حصيدار بڻايو پيو وڃي، ٻنهي صوبن کي 29 سيڪڙو کوٽ ڏني پئي وڃي، هن چيو ته دريائن ۾ پاڻي جي آمد جو موجوده سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ سومر يا اڱاري تائين کوٽ گهٽجي 20 سيڪڙو تي پهچندي، ارسا ترجمان موجب دريائن ۾ پاڻي آمد جو سلسلو بهتر ٿيڻ باوجود ڊيم ڀرڻ بدران صوبن کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف ڪالهه سکر بئراج جو مٿيون وهڪرو 45 هزار ۽ هيٺيون وهڪرو 15 هزار، گڊو بئراج جو مٿيون وهڪرو 54 هزار ۽ هيٺيون وهڪرو 52 هزار ڪيوسڪ رهيو، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جو مٿيون وهڪرو 7300 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺيون وهڪرو زيرو رهيو، هوڏانهن تربيلا وٽ سنڌ ۾ پاڻي جي آمد 50 هزار 3 سئو ڪيوسڪ ۽ پاڻي ڇوڙ 50 هزار ڪيوسڪ رهيو.

    سنڌ کي ارسا طرفان گهٽ پاڻي ملڻ سبب گڊو بئراج وٽ هن وقت پاڻي کوٽ 74 سيڪڙو آهي، گڊو بئراج کي گهربل 7700 ڪيوسڪ بدران فقط 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 25 سيڪڙو آهي، بئراج جي واهن کي 40 هزار هڪ سئو بدران 29 هزار 900 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پي ويو، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي کوٽ 50 هزار سيڪڙو آهي، جتي 15 هزار بدران 7 هزار ڪيوسڪ ملي رهيو آهي، پاڻي کوٽ سبب خريف سيزن لاءِ سکر بئراج جا ساڄي پاسي وارا 3 ڪئنال رائيس، دادو ۽ کير ٿر توڙي گڊو بئراج جا 3 ڪئنال اڃا تائين نه کليا آهن، اهي واهه کلڻ بعد سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 40 سيڪڙو ٿي ويندي، هوڏانهن ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته پڇڙي واري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران ڪر کنيو آهي، هوڏانهن پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر نارا ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ کي هٿرادو ڄاڻائيندي سنڌ اسيمبلي ۾ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

    پنجاب پنهنجن غير قانوني ڪينالن گريٽر ٿل ڪينال ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۾ زبردستي پاڻي کڻي رهيو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي پاڻي چوري جو سلسلو جاري آهي، جيڪو عمل سان سنڌ جي معيشيت کي سخت نقصان رسي رهيوآهي. پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ سرڪار توڙي سنڌ جي ووٽن تي اقتدار ۾ آيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت مجرماڻي خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي

    هن وقت پاڻي جي بحران شدت اختيار ڪري ورتي آهي. پهرين مئي کان گڊو بيراج جي ڪينالن کي پاڻي نه ملي سگھيو آهي جنهن ڪري ڪينال اڃا تائين بند پيل آهن. سنڌ جي بئراجن ۾ ايندڙ ٻن هفتن ۾ پاڻي جي کوٽ پنجاھ سيڪڙو ٿي ويندي ، جيڪا هڪ خطرناڪ ترين صورتحال آهي. سنڌ سان پاڻِي جي ورڇ واري معامري ۾ گذريل 65 ورهين کان مسلسل ناانصافي ٿيندي رهي آهي. سنڌ تاس معاهدو هجي يا وري 1991 واري پاڻي ٺاهه پر سنڌ جي حصي ۾ نقصان ئي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته سنڌ جا چونڊيل نمائيندا يا بيروڪريٽس يا ته وڪجي وڃن ٿا يا وري بي همتي جو مظاهرو ڪري خاموش ويهي رهن ٿا. جنهن سبب هر سال خريف جي مند هجي يا وري ربيع جي پاڻِي کوٽ رڳو سنڌ جي ئي حصي ۾ ايندي آهي.

    پاڻي ذخيرن جي نام نهاد اختيارين هن وقت ملڪ ۾ پاڻيِ کوٽ ڄڻائي آهي. پر اها ڪهڙي کوٽ آهي جنهن ۾ پاڻي کوٽ هئڻ جي باوجود ڊيم ڀريا پيا وڃن. جيڪڏهن پاڻي کوٽ آهي ته هڪ ته اهي ڊيم ڀرڻ نه گھرجن ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال توڙي گريٽر ٿل ڪينال کي پاڻي نه ملڻ گھرجي.1991 واري پاڻي ٺآهه ۾ واضع آهي ته تربيلا توڙيِ منگلا سميت ڪي به ڊيم تڏهن ڀريا ويندا جڏهن پاڻي 114 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ هوندو. ساڳي ٺاهه ۾ اها پڻ شق رکيل آهي ته جيڪڏهن پاڻي کوٽ هوندي ته اها کوٽ به صوبن ۾ پنهنجي حصي مطابق ورهائي ويندي.

    هن وقت ملڪ ۾ پاڻِي جي شديد کوٽ آهي. پر پاڻي کوٽ رڳو سنڌ کڻي رهي آهي. جڏهن ته پنجاب جا ڊيم به ڀريا پيا وڃن ۽ ڪينال توڙي تڪراري ڪينال وهائي پنهنجي ضرورت جي پاڻي کڻت جو سلسلو جاري آهي. هن موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ ويٺل سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي هن ارهه زورائي خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي.


    هميشه دعائن ۾ ياد رکندا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    پاران سيد گل محمد شاه راشدي
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو