نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو سنڌ جو شهزادو شاعر ايوب کوسو پنهنجي شاعري جي ڪتاب ڪنارن جا سڏ ۾ شاعريءَلاءِ چورايل پَلَ واري عنوان ۾ لکي ٿو ته :
”محبوبائي ۾ ٻُڏل سٽن ۽ شاعريءَ جو جيسين واسطو آهي ته اُهي اڀرنديون ئي تڏهن
آهن جڏهن ڪنهن مخمور ڪاڪُل جو نازڪ ڇُهاءُ ڳِچيءَ تي يا ڳل تي گُل جي پنکڙي
...
وانگي محسوس ڪبو آهي......!!“
آهن جڏهن ڪنهن مخمور ڪاڪُل جو نازڪ ڇُهاءُ ڳِچيءَ تي يا ڳل تي گُل جي پنکڙي
...
وانگي محسوس ڪبو آهي......!!“
محبتي شاعر ايوب کوسو انهي ساڳوڻي ڪتاب ڪنارن جي سڏ ۾ ڄاڻايل موضع شاعريءَ لاءِ چورايل پَلَ جي آخري سٽن ۾ لکي ٿو ته:
”ڪتاب ڪنارن جي سڏ جي ٻي ڪا ڊگهي ڪهاڻي ناهي، ! هن ڪتاب ۾ شامل
شاعري ٻرندڙ خوابن ۽ ڪنارن جي وڃايل سڏن جي شاعري آهي، جيڪي سڏ امن ،
پيار ۽ دلبرين جا ڳولائو آهن ! هن ڪتاب ۾ جيڪي به ڪچايون آهن سي سڀ منهنجي
کاتي ۾ آهن ۽ جيڪي به سُٺايون اُهي اوهان جي محبوب ذوق جي نالي آهن(ايوب کوسو)
پيار ۽ دلبرين جا ڳولائو آهن ! هن ڪتاب ۾ جيڪي به ڪچايون آهن سي سڀ منهنجي
کاتي ۾ آهن ۽ جيڪي به سُٺايون اُهي اوهان جي محبوب ذوق جي نالي آهن(ايوب کوسو)
پياري شاعر ايوب کوسي جي ڪتاب ڪنارن جا سڏ مان ٻه سندس انتهائي خوبصورت بيت کڻي ان کي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي آڻي هي غريباڻي چترڪاري ڪئي اٿم مهربان ساٿيو منهنجي هي چترڪاري محترم ايوب کوسو جي هن نهايت ئي پيارن بيتن سامهون ڪجهه به ڪينهي مون جڏهن محترم ايوب کوسي جا هي بيت پڙهيا ته قسم سان منهنجي دل ۾ (ڪُڇ ڪُڇ هوني لڳا) ڏسون ٿا توهان هنن بيتن کي پڙهي ڇا ٿا محسوس ڪريو.

