جواب: اَکـيُون مُنهن ميهارَ ڏي
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔مولانا جلال الدين رومي جن جا رمز ڀريا ويچار ۽ شاه عبدالطيف جن جا سهڻا بيت جو جيڪڏهن اسان اصلي روح يا مرڪزي موِضوع کي سمجهي ان تي عمل ڪيون ته پنهنجي منزل تي پهچي وينداسين،پر ڇا ڪيون هن نفس ۽ شيطاني ويچارن اسان کي پنهنجي گرفت ۾ ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آهي جو اسان کي سڌي راه نظر ئي نه ٿي اچي۔شل اسان کي الله پاڪ نيڪ هدايت عطا فرمائي۔اوهان جي ليک جي جيڏي به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔توهان جي مهرباني۔