غزل امين اڏيرائي تنهنجا نيڻ مئه يا ساغر ڳالهه ته ساڳي آ. منهنجون اکيون ۽ وسندڙ ڪڪر ڳالهه ته ساڳي آ. ڪين ڇڏي ٿو ماس هڏن تي، روڙيو مک وجهي، نينهن لڳي يا ڪوئي خنجر ڳالهه ته ساڳي آ. تنهنجي در تان پياسو موٽي رات سڄي سوچيم، خالي دل يا خالي گهاگهر، ڳالهه ته ساڳي آ. مرڪ سندي ڪا موٽ ملي، تنهن لاءِ ٿو توڏي ڏسان، منهن ۾ گهنڊ يا هٿ ۾ پٿر، ڳالهه ته ساڳي آ. ساهه اڪيلو هرڪو ويلو نٽهڻ اُس جو تاءَ، توبن جيون ڪاڇو ڪينجهر، ڳالهه ته ساڳي آ. خوابن جي جاگير ڏني تو ڪهڙو چيهه ڪيئي، محل هجي يا واري جو گهر، ڳالهه ته ساڳي آ. شهر سڄي ۾ دل جو حال نه ڪوئي ٻڌي ٿو پوءِ، گهر ۾ هجان ڪي نڪران ٻاهر، ڳالهه ته ساڳي آ. توکي ڳالهه نه ٻڌڻي آ پوءِ ڇا ته ”امين“ چوي، هڪ ڀيرو يا دلبر هرهر، ڳالهه ته ساڳي آ.
جواب: شاعري امين اڏيرائي توکي ڳالهه نه ٻڌڻي آ پوءِ ڇا ته ”امين“ چوي، هڪ ڀيرو يا دلبر هرهر، ڳالهه ته ساڳي آ. سهڻا احساس ۽ بهترين سٽون