غزل ذوالفقار شام

ذوالفقارشام

سينيئر رڪن
غزل
ذوالفقار شام
عشق ۾ هاڻي وفا آهي ڪٿي.
درد کان خالي ڪٿا آهي ڪٿي.

نفرتون وڌنڌيون وڃن هر جاءِ تي،
قرب واري ڪا صدا آهي ڪٿي.

ياد ساڳي تات ساڳي آ اڃان،
دل چري کان هُو جدا آهي ڪٿي.

اڄ به ترقي يافته هن دور ۾،
موت ٽارڻ جي دوا آهي ڪٿي.

دل ڪري ايمان کان خالي صفا،
ٿو پچين مونکان خدا آهي ڪٿي.

راهه ۾ هڪڙي چري مونکان پڇو،
امن واري ڏس هوا آهي ڪٿي.

سچ لڪائي ڪوڙ جو پاسو ڪري،
”شام“ اهڙو ڀي صفا آهي ڪٿي.
 
جواب: غزل ذوالفقار شام

سچ لڪائي ڪوڙ جو پاسو ڪري،
”شام“ اهڙو ڀي صفا آهي ڪٿي.


واهه واهه

بهترين سٽون ، اصل دل خوش ٿي وئي
 
Back
Top