• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ذوالفقار شام

ذوالفقارشام

سينيئر رڪن
غزل
ذوالفقار شام

لوڪ سارو بيوفا ناهي ادا.
ها مگر تو ۾ وفا ناهي ادا.

سچ پڪاري ٿو پيو ڪنهن وقت کان،
پر ٻڌي ڪنهن ڀي سدا ناهي ادا.

ختم ٿي مادو ويو برداشت جو،
ان ڪري ڪو آشنا ناهي ادا.

ٿا گهمون ڄاري سندي پوشاڪ ۾،
ڪو رهيو شرم و حيا ناهي ادا.

ڳوٺ پنهنجو راڄ پنهنجو پر اڃان.
چين دل ڇو ڀلا ناهي ادا.

”شام“ ٿڪجي تون پيو آهين مگر،
عشق جي ڪا انتها ناهي ادا.
 
جواب: غزل ذوالفقار شام

لوڪ سارو بيوفا ناهي ادا.
ها مگر تو ۾ وفا ناهي ادا.


ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ....

جفائن جي بدلي ڪيون سين وفائون
مگر هن زماني اسان کي نه سمجهيو
 
Back
Top