غزل امين اڏيرائي بي موسم برسات الائي ڪهڙي هوندي! تون ملندين سا رات الائي ڪهڙي هوندي! نفرت واري اونداهيءَ کي ٽاريندي جا، پيار سندي پرڀات الائي ڪهڙي هوندي. جنهن جو رنگ ۽ روپ ٻڌون ٿا چانڊوڪي آ، تنهن جي ذات ۽ پات الائي ڪهڙي هوندي. پنهنجي هٿن جو رزق ڀلو آ سوچ ته ڪر ڪجهه، صاحب جي خيرات الائي ڪهڙي هوندي! قومن جي تقديرن کي بدلائي ٿي جا، ڏيهه ڌڻي سا ڏات الائي ڪهڙي هوندي! اڄجو راڻو ننڊ پئي ويو سوچي سوچي، مومل جي محلات الائي ڪهڙي هوندي! فون مٿان پئي فون ڪري ٿي روز ”امين“ جيجل کي فڪرات الائي ڪهڙي هوندي !
جواب: غزل امين اڏيرائي بي موسم برسات الائي ڪهڙي هوندي! تون ملندين سا رات الائي ڪهڙي هوندي! محبوب جي تانگهه هجي ، سڪ هجي ۽ جي هو ملڻ جو واعدو ڪري ته اهڙي ئي حالت هوندي آهي اهڙي انتظار جي ڪيفيت به عجيب هوندي آهي بهترين سٽون آهن امين اڏيرائي جون