نيٽو رسد جي بحالي ۽ قومي مفادن جو تحفظ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو

    [JUSTIFY]آمريڪا ۽ پاڪستان جي گلي ۾ ڦاسندڙ نيٽو سپلائي واري هڏي جو معاملو هاڻي تقريبن حل ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، حڪومت پاڪستان هاڻي باقائدي پنهنجو مائينڊ اپلاءِ ڪري چڪي آهي ته نيٽو جي رسد هاڻي هر صورت ۾ بحال ڪرڻي پوندي ڇو ته نيٽو جي رسد کي هاڻي گهڻو وقت روڪي نيٽو ۾ شامل ٻين ملڪن کي ناراض نٿو ڪري سگهجي. هوڏانهن افغانستان ۾ امن امان ۽ ان جي مستقبل بابت 22 مئي تي ٿيندڙ شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيٽو ڪانفرنس جي سربراهه راسموسن صدر مملڪت آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪري شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت جيِ غير مشروط دعوت ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو آهي ته صدر مملڪت پنهنجي اعلي سطحي اجلاسن دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪري رهيو آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته صدر مملڪت شڪاگو ڪانفرن ۾ شرڪت لاءِ راضي ٿي وڃي پر صدر مملڪت آصف علي زرداري نيٽو سيڪريٽري کي ٻڌايو آهي ته هو پارليمينٽ جي گائيڊ لائين جي روشني ۽ حڪومت جي صلاح مشوري سان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو جائزو وٺي ڪو فيصلو ڪندو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته نيٽو رسد جي بحالي شڪاگو ڪانفرنس کان هڪ الڳ مسئلو آهي پر شڪاگو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت کي وڌيڪ ان ڪري اهميت ڏني پئي وڃي ته افغانستان ۾ امن امان ۽ ان جي مستقبل پالسين بابت پاڪستان جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اهم ڪردار هوندو ۽ هوئن به پاڻ کي سپر پاور سڏرائيندڙ آمريڪا پاڪستان جي شرڪت کان سواءِ افغانستان ۾ اڪيلي سر ڪابه پاليسي ٺاهي نٿو سگهي.
    هن وقت پاڪستان ۾ ٻه اهم وڏا مسئلا اسان جي سامهون ڪر کنيو بيٺا آهن جنهن ۾ جذبات جي بدران سنجيدگي ۽ بردباري سان غور ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، هڪ مسئلو نيٽو رسدِ جي بحالي جي حوالي سان آهي جنهن کي آمريڪا سان نئين سر برابري جي بنياد تي حل ڪرڻ سان جڙيل آهي ۽ ٻيو هندستان سان تجارتي تعلقات وڌائڻ جو آهي. پر پهريون نيٽو رسد جي بحالي واري مسئلي جي حوالي سان قومي سلامتي ڪاميٽي پاران 14 شفارشون ترتيب ڏئي پارليامينٽ آڏو پش ڪيون ويون جن کي پارليامينٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. اهي شفارشو ان لاءِ به اهم آهن ته پهريون ڀيرو آمريڪا سان نئين سر تعلقات کي تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪجهه اهڙيون شفارشون پيش ڪيو ويون آهن جنهن جو ماضي ۾ تصور به نه ڪري سگهبو هو، انهن سفارشن جي ٻي اهميت اها به آهي ته عوام جي چونڊيل پارليامينٽ پاران ان کي گڏيل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو آهي. ان سموري افساني ۾ جيڪڏهن ڪا اهم ڳالهه آهي ته اها آهي نيٽو رسدِ جي بحالي، جنهن کي هن وقت نازڪ مسئلو قررار ڏنو پيو وڃي، هي مسئلو ان لاءِ نازڪ آهي ته ان جو تعلق سپرپاور آمريڪا سان جڙيل آهي. آمريڪا نيٽو رسدِ جي بند هئڻ سبب پاڪستان تي ايران وانگر معاشي پابنديون لڳائڻ جو خوف ڏئي رهيوآهي ۽ ان سان گڏ هي مسئلو ان لاءِ به نازڪ چيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ افغانستان اندر ڪهڙي قسم جي حڪومت جڙندي ۽ پاڪستان تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا جيڪا ڳالهه منجهل ۽ غير يقيني جو شڪار آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا سياسي دانشور آمريڪا سان اصل مسئلن تي ڳالهائڻ بندران اهڙا شرط وجهي رهيا آهن جنهن کي اسان بيوقوفي چئي سگهون ٿا. اها ڪهڙي بهتر حڪمت عملي آهي ته اسان کي 64 سالن کان پوءِ پنهنجي قومي وقار جو خيال آيو آهي پر عجيب صورتحال اها آهي ته اسان کي قومي مستقبل جو ڇو اڃا تائين خيال نٿو اچي.
    پاليامينٽ هن وقت قومي سلامتي ڪاميٽي جون سموريون سفارشون منظور ڪري ورتيون آهن ۽ ان سان گڏ قومي سلامتي ڪاميٽي نيٽو رسد جي بحالي جا سمورا اختيار حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ته جئين حڪومت آزاد ۽ خودمتيار حيثيت سان آمريڪا آڏو نيٽو جي بحالي بابت ڳالهيون ڪري سگهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن ڀيري قومي سلامتي ڪاميٽي وڏي دانشمندي جو مظاهرو ڪيندي جمهوريت جو مان مٿاهون ڪيو آهي پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سلامتي ڪاميٽي پاران ڏنل خودمختياري کي حڪومت ۾ ويٺل سياسي دانشور ڪيئن ٿا استعمال ڪري سگهن. آمريڪا جيتوڻيڪ سلالا چيڪ پوسٽ واري معاملي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب في الحال پاڪستان کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي صرف ان تي پاڪستان سان افسوس ڪيو آهي، پر آمريڪي حڪمران پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ ڀيرو ته ڇا پر هزار ڀيرا به معافي وٺي سگهن ٿا ۽ ڊرون حملن کي ڪنهن ٻي شڪل ۾ جاري رکي ڪو ٻيو ڊرامو به ڪري سگهن ٿا جڏهن ته نيٽو جي رسد جي بحالي پاڪستاني رستي سان بند ٿيڻ سبب آمريڪا کي ٻيڻو خرچ برداشت ڪرڻو پئجي ويو ۽ انهن جي جنگي ڪارواين تي جيڪي اثر پيا آهن ان جو به هڪ الڳ باب آهي. هي اهي مسئلا آهن جنهن سان پاڪستان پنهنجي ڪردار جو تعين ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀائي سگهي ٿو ۽ افغانستان مان آمريڪي فوجين جو نڪرڻ بعد ممڪن طور پاڪستان تي پوڻ وارن اثرن جي حوالي سان آمريڪا کان ڪجهه شرط مڃرائي سگهجن پيا. اهو طئي آهي ته افغانستان ۽ عراق واري جنگين آمريڪا جي معيشت کي تباهي جي قنڌيءَ تي آڻي بيهاريو آهي ان ڪري آمريڪا لاءِ هاڻي افغانستان مان نڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي بچيو، پر ڏسڻو اهو آهي ته امريڪا پهريان وانگر افغانستان کي اڪيلو ڇڏي هليو وڃي ٿو يا هن خطي ۾ پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي مثبت انتظام به ڪري وڃي ٿو. جڏهن اسان ان حوالي سان مسئلي تي غور ڪري ڏسون ٿا ته اسان جي سامهون تلخ حقيقت سامهون اچي وڃي ٿي ته آمريڪا مستقبل ۾ پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ هندستان کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، هندستان افغانستان ۾ ان ڪري پنهنجا پير مظبوط ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو ڇو ته هتان کان هندستان کي تمام گهڻا اقتصادي مفاد حاصل ڪرڻ جي پڪ آهي. مثال طور هندستان کي افغانستان جي ذريعي وسطي ايشيائي ملڪن تائين رسائي آسان ٿي وڃي ٿي جيڪا هندستان لاءِ هڪ وڏي منڊي جي حيثيت رکي ٿي، خود افغان حڪومت ڇا پر مشرق وسطيٰ جي مسلمان ملڪن جو رويو به اسان سڀني جي سامهون آهي جيڪي برادر پاڪستان جو ورد ته گهڻو ڪندا آهن پر جڏهن معاشي مفادن جو ذڪر اچي ٿو ته پاڪستان کان وڌيڪ هندستان کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ان کي وڏو ڀاءُ ڪري سڏيندا آهن پر اسان انهن سان صرف ديني رسي سان لٽڪيل رهون ٿا. اڄ جي دنيا ۾ رشتا انفرادي هجن يا قومي پر اهي اقتصادي مفادن کان شروع ٿين ٿا ۽ اقتصادي مفادن تي ئي ختم ٿين ٿا. انهن حقيقتن کي نظرانداز ڪري اسان دفاع پاڪستان، آءِ جي آءِ ۽ نو ستارن جهڙيو تنظيمون ٺاهي پنهنجي قومي مستقبل کي هٿ وٺي تباهه ڪري رهيا آهيون. ان زميني حقيقتن جي روشني ۾ اسان کي سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته آمريڪا 2014ع تائين افغانستان ۾ ڪهڙا منصوبا جوڙيندو ۽ 2014ع کان پوءِ وجود ۾ ايندڙ افغان حڪومت پاڪستان کي ڪهڙي اهميت ڏيندي ۽ هندسستان کي ڪهڙيون ذميداريون سونپيون وينديون جنهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته هن وقت آمريڪا اعتدال پسند طالبانن سان عرب ملڪن جي مدد سان رابطا وڌائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ دهشتگردي جي خلاف مهم ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ڪردار پاڪستان ادا ڪيو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان به پاڪستان جو ئي ٿيو آهي پر ان جو احساس آمريڪا کي ان ڪري ناهي ته آمريڪا کي پنهنجا قومي مفاد سڀ کان وڌيڪ عزيز هوندا آهن. ان پس منظر ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته طالبانن جو ڪردار روس جي وڃڻ کان پوءِ وارو هوندو يا هو پنهنجي قومي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا. هن وقت افغانن کي عقل مان ڪم وٺندي افغانستان مان صدين تائين جي رهيل غربت ۽ افلاس جي ماريل عوام جي بهتر مستقبل لاءِ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي، عوام کي تعليم ڏيڻ، امن ۽ محبت جي ڪلچر کي بهتر بنائڻ جي راهه اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. 2014ع کان پوءِ افغانستان ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت جي پاليسين جا اثر يقينن سڌو سئون پاڪستان تي به پوڻا آهن ۽ آمريڪا کي افغانستان مان تڙي ڪڍڻ ۾ يقينن طالبانن جو اهم ڪردار آهي پر روس کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ خود آمريڪا طالبانن جي نظرياتي تربيت ڪئي هئي جيڪا آمريڪا لاءِ هاڻي خود ڳلي جي هڏي بڻجي چڪي آهي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جيڪو ٻئي جي لاءِ کڏ کڻندو ان ۾ هو پاڻ به ڪرندو آهي، پر هن وقت طالبان جي قيادت کي به سوچڻ گهرجي ته افغانستان جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ افغان عوام کي جديد دور جي تقاضائن کي مدنظر رکندي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون ۽ افغان عوام جو ذهن تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي قبائلي جهيڙن جهڳرڻ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ گهرجي.
    ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ 2014ع کان بعد ٺهڻ واري نئين سيٽپ ۾ آمريڪا جن پنهنجي نئين ترجيحات جو تعين ڪندو پاڪستان ۽ هندستان جي حڪومتن کي اکيون بند ڪري آمريڪا جي ترجيحات کي قبول ڪرڻ بدران افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان جي عوام جي اجتماعي مفادن جي روشني ۾ پنهنجي ڪردار جو تعين ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان انهن ٽنهي ملڪن جي دانشورن ۽ ميڊيا کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان مسئلي کان علاوه پاڪستان لاءِ ٻيو اهم مسئلو هندستان سان تجارتي تعلقات وڌائڻ جو آهي. اسان 64 سالن کان هندستان ۽ پاڪستان جي دشمني واري ڪلچر ۾ ڦاٿل رهيا آهيون جنهن جو پهريون مسئلو ڪشمير جو آهي، ٻنهي ملڪن کي تجارتي تعلقاتن کي اڳتي وڌائڻ سان گڏ ڪشمير جي مسئلي ڏانهن به توجه ڏئي ان جي بامعني حل ڪڍڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻو آهي، ان سلسلي ۾ هندستان تي وڌيڪ ذميداري لاڳو ٿئي ٿي پر پاڪستان جون اهي طاقتون جن جي ايجنڊا ۾ لعل قلعي تي سائو پرچم ڦڙڪائڻ آهي ته ان پس منظر ۾ اهي هندستان دشمني جو مظاهرو ڪري رهيون آهن جن کي هاڻي زميني حقيقتن جو تعين ڪرڻو پوندو هندستان سان تجارت ۽ نيٽو جي سپلائي جي بحالي خلاف عوام کي روڊن تي آڻڻ بدران انهن ٻنهي مسئلن تي ٿڌي دماغ سان اعتدال پسند ذهنن سان غور ڪري هڪ مثبت ۽ تعميري ڪردا ادا ڪري ان لاءِ سٺي راهه جو انتخاب ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته انهن ٻنهي مسئلن جو سڌي يا ان سڌي طرح سان تعلق هن خطي جي غريب عوام جي مستقبسل سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اسان هاڻي به پنهنجي عقل ۽ سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪرڻ بدران ڪنهن انڌي جذباتيت جو مظاهرو ڪيو سين ته ان جو مطلب هن خطي جي عوام سان دشمني ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هڙ حاصل ٿيڻ وارو ناهي.[/JUSTIFY]

    meb_110@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نيٽو رسد جي بحالي ۽ قومي مفادن جو تحفظ

    زور اڳيان زاري آهي ۔۔۔۔۔۔۔ اهو اندازو هيو ته فيصلو اهڙي قسم جو ئي ٿيندو۔ نه ته اسان جي جوانن ۾ ٻاهرين حملن کي روڪڻ جي سگهه آهي ۽ نه وري ملڪي حالتون ايترو بهتر آهن جو ڪنهن سان مهاڏو اٽڪائي ضد ڪري بيهجي۔ جذباتي فيصلن بجاء ڳالهين وارو ۽ سفارتي حل ئي بهتر حل آهي۔

    اوهان تفصيلي بحث ڪري سٺو ڪالم لکيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو