• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچل سائين ۽ ريجهل سائين

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
سچل سائين
پاڻ پنهنجو پاڻئي صورت منجهه سڃاڻ ،
الله الله ڇو چوين ، پاڻ ئي الله ڄاڻ
توئي ٻڌندڙ ، توئي ڏسندڙ شاهد آ قرآن ،
ناهي شڪ گمان ، سچل سائين هيڪڙو ۔

ريجهل سائين
پهريون سڃاڻج پاڻ ، پاڻ مئون ڪر پاڻ پڌرو ،
"فذڪروني اذ ڪر ڪم"محبت سندو ڀرماڻ ۔
پاڻ مئون ڪر پاڻ پڌرو ۔
اٿي پهريون سڃاڻج پاڻ ، صورت ساڳي صحيح سڃاڻ
فذڪروني اذ ڪرڪم ڳول اهو اهڃاڻ
صورت ساڳي صحيح سڃاڻ
ونحن اقرب وعدو ويجهو آهي تو ساڻ
صورت ساڳي صحيح سڃاڻ
تار اها رک ريجهل شاهه سائين پوندءِ پوءِ سنباڻ
صورت ساڳي صحيح سڃاڻ

سچل سائين
اول عشق الله تون هويا ، جنهن رسول صه بڻايا

ريجهل سائين
اول عشق الله خود آ ڪمايو
تنهن کان پوءِ آدم جي سيني سمايو

سچل سائين
عشق گهمايان گهٽيان
لوڪ ڪنون لڄ مول نه آوي
طعني تنڪي زينت انهادي
مول نه ٿيون کٽيان

ريجهل سائين
عشق گهمايا ڍير ، ڍير منجهارون ڍير ٿي آيا
ويندڙ قاصد ڏس ڪو ڏي تون
اتي ڏٺا هئي ڪير ، ڪير منجهارون ڪير ٿي آيا ۔

سچل سائين
صورت سڀ سلطان پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو

ريجهل سائين
صورت بڻ انسان ڏسڻ پنهنجي ملڪ تي آيو
 
جواب: سچل سائين ۽ ريجهل سائين

تمام بهترين ڪاوش لڳي

اوهان سنڌ جي ٻن صوفي شاعرن جي شاعري ۽ انهن جي ڀيٽ ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ ته سنڌ جي صوفين جون ڳالهيون، شاعري ۽ عملي ڪم ئي اصل انسانيت واري واٽ آهي۔ اها واٽ جنهن سان پسجي پريئنء کي۔
 
Back
Top