خوشي خوشي دل جي هڪ اهڙي ڪفيت جو نالو آهي،جنهن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو،پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي۔،جڏهن ڪو انسان خوش هوندو آهي ته هن کي دنيا جي هر شي خوبصورت لڳندي آهي،پر جيڪڏهن انسان اندر ۾ اداس هوندو آهي ته دنيا جي خوبصورتي هن جي لاء ڪابه معنئ نه رکندي آهي۔انهي ڪري ته چيو ويندو آهي ته "جڏهن من جو موسم پرڪيف،پر بهار هوندو آهي ته ٻاهر جو موسم خودبخود سندر لڳندو آهي" خوشين کي ڪير به پليٽ ۾ سجائي اسان جي سامهون آڻي نه رکندو آهي پر اسان کي پاڻ ئي خوشين کي ڳولهڻو پوندو آهي۔ اسان کي گهرجي ته هر ننڍِي ننڊي ڳالھ تي خوش ٿيڻ سکيون ته هڪ ڏينهن اهئي سڀ ننڊيون ننڊيون خوشيون وڏي خوشي ۾ تبديل ٿي وينديون۔ هميشه خوش رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ٻين کي به خوش ڪريو۔ٻين ۾ خوشيون ورهائڻ سان اهئي گهٽ ڪونه ٿينديون پر ٻيڻيون ٿي پونديون (آزمائش شرط آهي) اهئي ڳالهيون جن کي ياد ڪرڻ سان دل کي تڪليف پهچي ٿي،انهن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪيو ڇو ته زخم کي بار بار ڪريدڻ سان اهو زخم ڀربو نه پر ناسور بنجي ويندو۔پنهنجي غمن کي الوادع چئو ۽ خوشين جو آدرڀاء ڪيو۔
جواب: ّخوشي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ؛ ”خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ناهي، ڏک جهڙو ڪو مرض ناهي“ انڪري هميشه ڏکائتي رهڻ سان انسان ڪمزور ۽ بخيل ٿي پوي ٿو انڪري ڪوشش ڪري غم جهڙي بلا کان جان ڇڏائي خوش رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي تمام سهڻو ونڊ، ڪوشش ڪريون ٿا خوش رهڻ جا ،،،، واڳ ڌڻيءَ وس لک قرب

جواب: ّخوشي سائين تمام سهڻو ونڊ خوشين جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔ اسان پاڻ هميشهه خوشين جي تلاش ۾ هوندا آهيون۔ پر خوش ڪا سولي ڪانه ملندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوشي پنهنجي ڪنٽرول ۾ به نه هوندي آهي ۽ ڪڏهن وري قسمت جا کيل به هوندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به سڀني دوستن جي خوشين لاء دعاگو آهيان۔