• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قابل ديد اداڪاره ماءُ ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
قابل ديد اداڪاره ماء ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

هڪ اداڪاره جي پندرهن سال جي ڌي پنهنجي ماء کان پڇو :-

" مما اوهان جي عمر ڪيتري هوندي ؟

"اهئي ڪوئي پنجويھ سال"،ماء عام عورتن وارو جواب ڏنو۔

ڌي آڳرين تي ڪجھ ڳڻڻ لڳي۔ته ماء پڇو :-

"ڇا ڳالھ آهي،ڇا پئي ڳڻي؟

" ڪجھ نه مما" ڌي معصوميت سان جواب ڏنو "مان حساب پئي لڳايم ته ڪيترن سالن کانپوء مان توهان کان عمر ۾ وڏي ٿي ويندس"
 
جواب: قابل ديد ادڪار ماء ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

قابل ديد اداڪاره جو لفظ ڏسي، سوچيم ته ڪا ٺاهوڪي تصوير هوندي، انڪري نه ٿي کوليم جو وضوءِ ۾ هيس پر هاڻ جڏهن وضو ٽٽو آهي ته کوليم ته خبر پئي ته کودا پهاڙ نڪلا چوها ،،،،، هههههههه

بس ڙي سائين غلام مصطفيٰ ، الله توکي امان ۾ رکي، اسان به ننڍڙي لاءِ اهو سوچيندا هياسون، پر جيئن اسان وڏا ٿياسون تيئن وڏا به وڏا ٿي ويا، بلڪ ڪي ته هاڻ يادن ۾ آهن

وقت چوي آءُ بادشاه
 
جواب: قابل ديد اداڪاره ماءُ ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

قابل ديد اداڪاره جو لفظ ڏسي، سوچيم ته ڪا ٺاهوڪي تصوير هوندي، انڪري نه ٿي کوليم جو وضوءِ ۾ هيس پر هاڻ جڏهن وضو ٽٽو آهي ته کوليم ته خبر پئي ته کودا پهاڙ نڪلا چوها ،،،،، هههههههه

هاهاهاهاهاهاهاه ساڳي ڪار هتي به آهي
 
جواب: قابل ديد اداڪاره ماءُ ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

لاجواب۔۔۔۔ بلڪل ايئن ئي قصو هوندو آهي، اسان ننڍڙي هوندي کان وٺي فلمن ۾ جن کي هيرو هيروئن طور ڏٺو هو، اهي اڄ به هيرو ۽ هيروئنون لڳا پيا آهن، جهونا ته اسان ٿي ويا آهيون۔۔ هههه
 
جواب: قابل ديد اداڪاره ماءُ ۽ ان جي معصوم نياڻي۔

هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس سائين اهي ڳالهيون اٿو سڇ

سنڌ جي هڪ اداڪاره کان سوال جواب ڪندي سندس جنم جو پڇيم تي ڳالهه ئي گول مول ڪري وئي ۔۔۔۔ تنهنڪري مون به کڻي ماٺ ڪئي۔
 
ادا حقيقت کي ڪيترو لڪائبو، چوندا آهن ته ابا جنهن جي عمر جي خبر هجي ان جا ڏند ڏسڻا ناهن پوندا، سو ادا ڀلي ڪير عمر لڪائي، پر چهرو سڀ ڪجهه ٿو ٻڌائي، ادا دادو ۾ هڪ حجام جي دڪان تي هي الفاظ لکيل هوندا هئا۔۔۔ ڪيڏو به ٺاهين مگر اڳي جهڙو ناهين۔ سو ادا انسان ڏينهون ڏينهن پوئتي آ۔
 
Back
Top